سنڌ ڊولپمينٽ اسٽيڊي سينٽر

صدام سولنگي

سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌ ڊولپمينٽ اسٽيڊي سينٽر جو قيام 1985ع ۾ ٿيو. هن شعبي جو پهريون چيئرمين غلام حسين خاصخيلي کي مقرر ڪيو ويو. سنڌ ۾ سهولتن جي کوٽ جي ڪري سنڌ ڊولپمينٽ اسٽيڊي سينٽر سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ سهولتن کي فراهم ڪرڻ لاءِ ننڍي آرگنائزيشن ٺاهي ته جيئن ڳوٺاڻن ۾ شعور ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

                 ڊپارٽمينٽ جي شروع ۾ صرف ماسٽرس ڪرائي ويندي هئي، آهستي آهستي ان ۾ بهتري آئي ۽ 2006ع کان هن شعبي ۾ بي ايس به ڪرائي ويندي آهي.

                 هي شعبو پاڪستان جي ڪافي يونيورسٽين ۾ آهي پر اُتي گريجوئيشن نه ڪرائي ويندي آهي صرف ماسٽرس ٿيندي آهي، پاڪستان ۾ صرف سنڌ يونيورسٽي جي ڊولپمينٽ اسٽيڊي سينٽر ۾ بيچلرس ۽ ماسٽرس جي تعليم ڏني ويندي آهي.

هن شعبي ۾ گوٺاڻن علائقن جي سماجي، معاشي ترقي وڌائڻ لاءِ مختلف هنر به سيکاريا ويندا آهن. هن شعبي ۾ هي ڪورس شاگردن کي ان قابل ڪندو آهي جو هو ڳوٺ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن. جڏهن کان هي ڪورس متعارف ڪرايو ويو آهي سوين شاگرد پاس آئوٽ ڪري مختلف سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن.

شعبي ايس ڊي ايس سي ۾ پڙهائڻ لاءِ اٺ استادن جي فيڪلٽي موجود آهي. هن شعبي جو ڊائريڪٽر پروفيسر غلام علي ڄاريڪو آهي، انکان سواءِ هڪ پروفيسر، ٻه اسسٽنٽ پروفيسر، ٻه ليڪچرر ۽ ٻه وزيٽنگ فيڪلٽي آهن.

هي شعبو پوسٽ گريجويٽ ڊگري پروگرام، اڪيڊمڪ ريسرچ، اپلائيڊ ريسرچ ۽ انفارميشن شيئرنگ ڪرائيندو آهي. شروع ۾ شاگردن جو تعداد گهٽ هوندو هو ۽ پوءِ آهسته آهسته شاگردن ۾ رجحان وڌندو ويو، هن سال هن شعبي ۾ 80 شاگردن ايڊميشن ورتي آهي. ڊگري پوري ڪرڻ کان پوءِ گهڻي قدر نوڪرين جا موقعا اين جي اوز، پلاننگ ڊولپمينٽ، منسٽري آف ڊولپمينٽ ۽ لوڪل گورنمينٽ ۾ ملندا آهن. ايس ڊي ايس سي ڊپارٽمينٽ مان پاس آئوٽ ڪري ويل ڪافي شاگرد اعليٰ عهدن تي پهتا آهن. هي شعبو انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايسوسئيئشن، ورلڊ بينڪ، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ۽ ٻين ادارن سان پنهنجي اسائنمينٽ ۽ ريسرچ ورڪ لاءِ مشورا ڪري چڪو آهي.