يوسفيـه لائبريري ۽ ڊاڪٽر يوسف ميمڻ

روي شنڪر مالهي

                 اسان جي تاريخ عالمن ۽ مورخن سان ڀري پئي آهي. انهن مان ڪن علم کي قلمي صورت ۾ ڪتابن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو ۽ ڪن اهي ڪتاب گڏ ڪري ڪُتب خانا ٺاهيا آهن ۽ اهي ڪُتب خانا هر مُلڪ جي سڃاڻ ۽ سونهن هوندا آهن. انهن ڪُتب خانن وانگر سنڌ جي شهر ميرپورخاص ۾ به هڪ لائبريري موجود آهي، جيڪا يوسفيه لائبريري جي نالي سان مشهور آهي. اها لائبريري ڊاڪٽر يوسف ميمڻ جي ذاتي ملڪيت آهي، جنهن کي ڊاڪٽر يوسف ميمڻ وڏي چاھ ۽ محنت سان ٺاهي.

                 قيام پاڪستان کان ڪجھ سال اڳ ڪي خاندان ڪڇ ڀُڄ کان سنڌ ۾ داخل ٿيا، جن ۾ننگرپارڪر جي رڻ ڪڇ وٽان پاري نگر جو پتڻ ٽپي، ننگر شهر ۾ اچي پڌاريا، انهن ۾ ڪاٺياواڙي ميمڻ به آيا، جن سان گڏ ڊاڪٽر يوسف ميمڻ جو پريوار به شامل هو.

                 يوسف ميمڻ جو خاندان ڪجھ سال ته ننگرپارڪر شهر ۾ رهيو ۽ گذر سفر جو ذريعو دڪانداري اختيار ڪيائون، بعد ۾ ميرپورخاص اچي رهيا. ننڍپڻ ۾ يوسف ميمڻ اسڪول وڃڻ سان گڏ لائبريري به وڃڻ لڳو، جتي کيس مختلف ٻاراڻا ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا. جنهن سان ذوق وڌنڌو ويس ۽ پاڻ مائٽن کان مليل خرچيءَ گڏ ڪري ان مان ڪتاب خريد ڪندو هو. ائين وٽس ڪتاب گڏ ٿيندا ويا ۽ پاڻ انهن کي سانڍيندو رهيو. جڏهن وڏو ٿيو ته ادبي ۽ تاريخي ڪتاب پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ لڳو. ان سلسلي ۾ سندس حوصله افزائي والد ڪندو هو ۽ اسڪول ۽ ڪاليج جا استاد به کيس همٿائيندا هئا ۽ ڪتاب گفٽ ڪري سندس حوصله افزائي ڪندا هئا. ان ڪري پاڻ ڪتاب گڏ ڪري هڪ ننڍڙي لائبريري کوليائين، جتي سندس ڪلاس فيلو به اچي مطالعو ڪندا هئا ته پاڻ خوش ٿيندو هو، آهستي آهستي لائبريري کي وڌائڻ لڳو ۽ سندس والد کيس وڌيڪ پئسا ڏنا ۽ پاڻ لائبريري ۾ ڪتابن جي تعداد کي وڌايو ۽ لائبريريءَ جو نالو ”يوسفيه“ رکيو. پاڻ پڙهائي کي جاري رکندي عربي، فارسي، انگريزي، هندي ۽ ڪاٺياواڙي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ اخبارن جو به مطالعو ڪرڻ سان گڏ انهن اخبارن ۾ لکندو رهيو، پاڻ عربي ۽ فارسي ۾ ايم اي به ڪيائين. پاڻ مولانا عبدالحق رباني جي مدرسي ۾ پڙهائڻ به لڳو. جنهن ڪري کيس ديني ڪتاب ملڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو موقعو مليو، سندس شوق کي ڏسندي ضلعي ميرپوخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپاڪر جي ڪيترن ئي معززين تحفي طور ڪتاب ڏنا، جن ۾ ميمڻ مدرسي جي مولوي لغاري، نامياري وڪيل عبداللطيف گانڌي، پير ابراهيم جان خليل سرهندي آف ڪامارو ۽ ڪيترن ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي استادن کيس لائبريري يوسفيه ڪتابن سان ڀرڻ ۾ معاونت ڪئي. يوسف ميمڻ ايران مان هزارين ڪتاب خريد ڪري، پنهنجي لائبريري ۾ رکيا. پاڻ فارسيءَ ۾ پي ايڇ ڊي به ڪري ورتائين ۽ پنهنجي نالي اڳيان ”ڊاڪٽر“ لکڻ لڳو، هن يوسفيه لائبريري لاءِ الڳ بنگلو وقف ڪري ڇڏيو، جتي شاگرد ۽ استاد مطالعي لاءِ اچڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي وڪيل، اديب ۽ شاعر يوسفيه لائبريري مان علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ ايندا رهيا.

هن لائبريري لاءِ سڄي پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۽ پنجاب جي پبلشرن ۽ ادارن سان رابطو ڪري ورتو هو جن کيس شايع  ٿيل ڪتاب موڪلي ڏنا ۽ ڪن تائين پاڻ پهچي ڪتاب خريد ڪري آڻي لائبريريءَ ۾ سجايائين، ڊاڪٽر يوسف ميمڻ پاڙيسري ملڪ انڊيا ٻه ڀيرا ادبي ۽ علمي سيمينارن ۾ مدعو ڪيو ويو، جتي واپسيءَ ۾ رڳو تاريخ، سياسيات، ادب ۽ لسانيات جا سوين ڪتاب خريد ڪري آيو. سندس دور جا ڪيترائي P.HD ڪيل شاگرد، اديب ۽ محقق ميرپورخاص ۾ سندس يوسفيه لائبريري مطالعي لاءِ آيا ته هن انهن جي رهائش ۽ طعام جو مفت بندوبست ڪيو، کين مواد فوٽواسٽيٽ به پنهنجي پئسن سان ڪري ڏيندو هو. جنهن لاءِ هن 3 ملازم رکيا هئا. يوسفيه لائبريري کي ڏسڻ لاءِ ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر جون سوين نامور شخصيتون يونيورسٽين جا وائيس چانسلر، پروفيسر، دانشور ۽ بيورو ڪريٽ ايندا. هن لائبريري ۾ ادبي، علمي تقريبون منعقد ڪيون ويون.

هڪ دفعي همدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر پروفيسر سعديه سعيد پنهنجي اسٽاف سميت يوسفيه لائبريري ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ آئي، جنهن پروقار تقريب ۾ خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته ڊاڪٽر يوسف ميمڻ سندس والد حڪيم سعيد جو دوست آهي، پاڻ يوسفيه لائبريريءَ کي پبلڪ لائبريري ڪرڻ لاءِ الڳ بنگلو عورتن لاءِ خريد ڪرڻ لاءِ 2 لک روپيه ڊونيشن ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو ڊاڪٽر يوسف ميمڻ شڪريو ادا ڪندي واپس ڪيو ۽ چيو ته مون وٽ پلاٽ به موجود آهي، انشاءَ الله هڪ سال ۾ (خيابان، يوسف رنگ روڊ ميرپورخاص) تي لائبريري لاءِ الڳ بنگلو تيار هوندو، ۽ پوءِ ائين ٿيو، هن عمارت تيار ڪرائي، جنهن ۾ اسٽيڊي روم، تقريب لاءِ الڳ ڊيڪوريٽ هال، ريسرچ لاءِ ايندڙ مهمانن جي رهائش لاءِ روم، آفيس سٽينگ روم سب تيار ڪرائي، 24 سئو فوٽن جي پلاٽ تي هيٺ پورشن ۾ لائبريري ترتيب ڏني وئي. ان جو افتتاح سنڌيونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پير مظهر الحق صديقي کان ڪرايائين، ان موقعي تي ان وقت جي ڪمشنر گل محمد عمراڻي، عنايت بلوچ، امداد حسيني، پروفيسر قلندر لڪياري، پروفيسر ڊاڪٽر يعقوب مغل، مهراڻ يوينورسٽي، پبلڪ اسڪول (ڄام نواز علي) ۽ ٻين ادارن جا پروفيسر، اديب ۽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جا شاگرد به شريڪ ٿيا هئا.

انهيءَ بعد لائبريري جا مختلف شعبا ٺهيا، لائبريري جي ڪتابن لاءِ ڪيٽ لاگ کان وٺي، سبجيڪٽ وائيز ترتيب ڏيڻ لاءِ سنڌيونيورسٽي ڄام شورو جي لائبريري چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽرالهرکيو ٻٽ جي سهڪار سان لائبريري گيٽ اپ ۽ سيٽ اپ ۾ هڪ زيارت گاھ بڻجي وئي، انهيءَ سينگار ۾ ڊاڪٽر يوسف ميمڻ پاڻ ته هر وقت موجود رهيو، پر جيڪي انهيءَ ڪم لاءِ ملازم رکيائين انهن کي پگهار کانسواءِ سندن علاج ۽ ٻارن جي تعليم جو خرچ به ذميواري سان ڏيندو رهيو. انهن مان ڪجھ ملازم سندس وفات بعد به ڊيوٽي ڪن پيا ۽ جيڪي فارغ ٿيا انهن ۾ ٽن ملازمن کي سندس وصيت موجب اڄ به وظيفو ملي ٿو. نيئن بلڊنگ ۾ لائبريري شفٽ ٿيڻ ۽ ترتيب اچڻ بعد ڪافي سيمينار، ڪتابن جون رونمايون، محققن، عالمن سان رهاڻيون ۽ ٻين صوبن ۽ ملڪن جي علمي ۽ ادبي شخصيتن جي اعزاز ۾ دعوتون به لائبريريءَ جي اڱڻ تي ته ڪڏهن سيڪنڊ فلور تي مخصوص ڪيل هال ۾ منعقد ٿينديون رهيون. 2012ع ۾ يوسفيه لائبريريءَ کي جديد ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر سيڪشن به ٺهي ويو، جتي سڄي لائبريريءَ جي ڪتابن، شعبن، سبجيڪٽن مطابق ڪتابن کي ڪمپيوٽرائيز ڪرڻو هو ته جيئن لائبريري ۾ رکيل تقريبن 42 هزار ڪتابن مان ڪو ڪتاب گهرجي ته ڪمپيوٽر جي مدد سان ۽ ڪيٽ لاگ ذريعي ترت ڳولي وٺجي. ڊاڪٽر يوسف ميمڻ ڪافي عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ 2015-01-17 تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

ڊاڪٽر يوسف ميمڻ جي پونيئرن ۾ اولاد ته ناهي پر هڪ وڏو ڀاءُ، ڀائٽيا جيڪي تقريبن سڀ ڪاروبار ۾ مصروف آهن. انهن جي لائبريري، ادب ۽ اهڙين سرگرمين ۾ دلچسپي ناهي، نتيجي ۾ هڪ سال کان ڊويزن ميرپورخاص جي وڏي ۾ وڏي يادگار لائبريري کي تالا لڳل آهن، پر سندس وارثن کي احساس ڏيارڻ لاءِ ”خيابان سرهندي“ تي مرحوم جي ياد ۾ تقريب منعقد ڪري دوستن، عزيزن کي گڏ ڪري لائبريري کي کولڻ ۽ فعال ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. ان مهل سڀني ڪجھ ڪرڻ ۽ سنڀال لاءِ هام هنئي، پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو. سنڌي چواڻي وانگر ”ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي“.