ڪاڇي جو واڻ

ممتاز علي جمالي

جوهي کان وٺي واهي تائين، واهي کان وٺي ٽندو رحيم خان، ۽ ٽنڊو رحيم خان کان وٺي ڇني، شاهسڻ، منڇر ، جوهي تائين. انهي وچ واري علائقي کي ڪاڇو چيو ويندو آهي، اهو علائقو تقريبن غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي بثر ڪري رهيو آهي، انهن ڪري کاڇي جا ماڻهون نـه بلڪـه غريب آهن بلڪـه ساده سٻاجهڙا ۽ محنت ڪش بـه آهن.                                                                      

                            ڪاڇي جي ٻين شئين جيان واڻ بـه پوري سنڌ توڙي ملڪـه ۾ مشهور آهي.

واڻ جبل ۾ ٿيندڙ قدرتي فصل ڦيش مان ٺهندو آهي. ڦيش جا بـه ڪجهـه قسم آهن هڪڙو مادو ٻيو نر،  نر جا پن اڇا ۽ ننڍا هوندا آهن، ۽ مادي ڦيش جا پن وڏا ۽ ساوه هوندا آهن، ڦيش لابارو ڪري ڪٽي ويندي آهي بعد ۾  ڦيش کي سڪائڻ لاءِ کولي ميدان ۾ يا گهرن جي ڇتن تي رکي ويندي آهي، جڏهن اها ڦيش سڪي ويندي آهي تـه ان کي هيٺ لاهي ان ۾ غير ضروري   ڦيش جي پنن کي الڳ ڪيو ويندو آهي، ۽ بعد ۾ ان  کي هڪ هڪ پن ڪري الڳ الڳ ڪيو ويندو آهي.

                        ڪجهـه ڪاريگر پاڻ ڦيش سڪائي ڪري پاڻ واڻ ٺاهيندا آهن مگر ڪجهـه وري مارڪيٽ مان وٺي ايندا آهن، اهو ڦيش مارڪيٽ ۾ اُٺن جي زريعي پهچائي ويندي آهي.

واڻ جي ٺاهڻ جي ڪم کي 7 مڙسي ڪم بـه چيو ويندو آهي ڇا ڪاڻ جو واڻ ٺاهڻ دوران 7 عمل ڪيا ويندا آهن، سڀ کان پهريان ڪاريگر ڦيش جي پنن کي الڳ ڪندا آهن  اگر ان دوُران ڪو  پن ڦيش جو ڪسو نڪرندو آهي تـه ان کي الڳ ڪندا آهن جيئن واڻ مضبوط ٺهي، ٻيو مرحلو پن ڦيش جا الڳ ڪرڻ بعد مٺ تي پن جهلي ان کي هيٺ پٿر  رکي ڪري مٿي ڪاٺ جي مڳلي سان ڪٽيندا آهن، جڏهن انهي ڦيش جا پن ڪُٽي  نرم ٿي ويندا آهن تـه ٽين مرحلي ۾ ان کي  پاڻي ۾ وجهندا آهن، جئين ڦيش جا پن نرم ٿين ۽ وٽڻ ۾ اچن.

        

           ڦيش کي ڪڏهن 12 ڪلاڪ تـه ڪڏهن 6 ڪلاڪ پاڻي ۾ وجهندا آهن، اگر نر ڦيش آهي تـه اهو جهٽ ۾ پاڻي ۾ نرم ڪپهـه جهڙي ٿي ويندي آهي، مگر مادي آهي تـه انهي کي گهڻي وقت تائين پاڻي ۾ رکندا آهن، چوٿون مرحلو اهم مرحلو ۽ تڪليف دا هوندو آهي، ان مرحلي ۾ ڦيش کي پاڻي مان ڪڍي ڪري پوءِ ان کي هٿ سان وٽڻ شروع ڪندا آهن، ۽ واڻ ٺاهڻ جو ڪم ڪاڇي وارا 12 مهينـا ئي ڪندا آهن، ڪڏهن سرد راتن ۾ بـه  ٿڌي ڦيش کي پاڻي مان ڪڍي بـه وٽندا آهن. ان کان پوءِ 100 يا 150 ميٽر جا نوڙا ٺاهيندا آهن، انهي کي ڪاڇي جي واڻ ڪاريگر ڪورڙ يا ڪنهن ڪنهن ڳوٺ ۾ نوڙي بـه چوندا آهن ، ڪورڙ جو مطلب تـه ڪچو واڻ، ان ڪورڙ جا 20 کان 30 ويٽا يا نوڙا ٺاهيندا آهن پوءِ ان کي وري  پاڻي ۾ رکي ڇڏيندا آهن. پنجين مرحلي ۾ ان نوڙي جا ٻـه پاسا قل ۾ ڦسائي ڪري واڻ وٽيندا آهن، جنهن سان نوڙي واڻ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، اڪثر ڪري ڪاريگر واڻ جي وزن وڌائڻ لاءِ ان دوُران مٽي بـه وجهندا آهن، جنهن سان نـه صرف واڻ جو وزن وڌندو آهي بلڪــه ان جو رنگ بـه مٽي وانگي اڇو ٿيندو آهي،

ڇهين مرحلي ۾ ان واڻ کي ڪل مان ڪڍي ڪري ديوي جي وڻ ڪنڊي جي وڻ يا نم جي وڻ سان رهڙيندا آهن جيئن واڻ صاف ٿي وڃي.

                  هن عمل جو آخري مرحلو تمام زبردست ۽ دلڪش هوندو آهي، اهي ڪاريگر واڻ کي هڪ گل وانگي نوڙي ۾  ٻڌندا آهن، جنهن جو وزن اڌ ڪلو کان 3 پاءَ ٿيندو آهي، جڏهن اهي گل جهڙا واڻ جو نوڙا ٺهندا آهن تـه پوءِ نـه صرف واپاري کي اهو واڻ وڻندو آهي بلڪـه اهو واڻ گهڻي عرصي تائين محفوظ بـه پڻ رهندو آهي.

اهو واڻ تقريبن هر شهر ۾ ويندو آهي، اهو واڻ کٽ ۾ ڪرسي ، ۽ ٻين شين ۾ استعمال ۾ ايندو آهي.  

 

 

                       اهو عمل ڊگهو ضرور آهي  پر ڪاڇي جو عورتون هر ڪم لاءِ هڪڙو الڳ الڳ ڏينهن رکنديون آهن، جهڙوڪ ڦيش ڪٽڻ جو الڳ ڏينهن رکنديون آهن، ڦيش وٽڻ کي الڳ ڏينهن ڏينديون آهن.

                      اڪثر ڪري ڳوٺ جون عورتون اهو سڄو عمل گڏجي ڪنديون آهن، اهي سڀ ڳوٺ جون مايون هڪ وڻ جي هيٺيان ويهي پنهنجا سور سلينديون بـه آهن ۽  مذاق گلا ڪچهري بـه ڪنديون آهن. ڳوٺ جون اهي عورتون پنهنجي گهر جو چلهو انهي واڻ جي آمدني مان هلائينديون آهن، مائي باڊي جنهن کي واڻ ٺاهيندي 60 سال ٿيا آهن هن چيو تـه اهو ڪم اسان جي ابن ڏاڏن کان هلندو ٿو اچي ۽ اسان جو گذر سفر بـه انهي واڻ مان ٿيندو آهي. مگر سوفا سيٽ اچڻ ۽ ڦيش جي مهانگائي جي ڪري واڻ جي اهميت ۽ ڪاروبار ڏينهون ڏينهن گهٽجندو ٿو وڃي.