ڄامشورو جتي جوڀن پڄري ٿو

ممتاز علي جمالي

ڄامشورو: جتي جوڀن پڄري ٿو

                    تفريح ماڳون نـه صرف ملڪـه جي ترقي ۽ ظاهر ڪن ٿيون پر ان سان گڏو گڏ اتي جي رهندڙ ماڻهن جون  رهڻي ڪهڻي ۽ ڪرڻي جو پڻ ڏکائو ڏين ٿيون، دنيا ۾ ڪافي اهڙا ملڪ پڻ آهن جن جو گذر سفر صرف تفريحي ماڳن مان ٿي ٿو.

سنڌ دنيا جي نقشي ۾ انهن علائقن ۾ شامل آهي جتي ذخيرن، کان ويندي خوبصورت من موهيندڙ نگريون پڻ موجود آهن انهن حسين ۽ خوبصورت سنڌ جي نقشي ۾ ڄامشوري نگري بـه شامل آهي.               

سنڌ جي صفيد نگري ۾ ڄامشورو هڪ اهڙو علائقو آهي جتي علمي انقلاب توڙي قومي انقلابن پڻ جنم ورتو پر ان سان گڏ گڏ ٿڌڙي هير هتان جي سموري سنڌ جي ماڻهن کي مدوع ڪري ٿي هتي اچڻ تي .

ڄامشوري جي نگري ۾ صرف علمن جون شاخون ناهن پر ان سان گڏو گڏ هتي سنڌ جي  خوبصورتي جا مثال پڻ  ڏيندا آهن.

تڏهن تـه هتي جو هڪ شاعر لکيو تـه:

شهر هجي تـه ڄامشورو اسان جو ،

مرڻ ڀلي ٿي اتي اسان جو،

ها مڃيون ٿا تـه پٿريلي آهي اسان جي نگري

پر زندگي هڪ پهر هجي تـه ڄامشورو اسان جو.

                            اڳوڻي وزير اعظم ذولفقار علي ڀٽو جي ڪاوشن سان قائم ٿيل ۽ اڳوڻو وڏو وزير اعليٰ ممتاز ڀٽي جي سنگ بنياد رکيل سنڌ ورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي نالي سان هڪ ننڍڙي جنت ٺاهي وئي جتي اوهان سموري سنڌ هڪ پل ۾ گهمي سگهو ٿا. انڊاس هاءِ وي تي ٺهيل سنڌ ورسٽي جي آڳر ۾ هي انسٽيٽيوٽ نه صرف جنت جو منظر پيش ٿي ڪري پر تاريخ جي لاهـه چاڙهه جا پهلو ۽ سنڌ جي اهم ڪردارن جا مجسما ۽ تحريرون پڻ اتي محفوظ پيون آهن. جڏهن نئين ٽهي اهي امر ڪردار پنهنجي نيڻن سان ڏسندي آهي تـه ضرور هڪ پل لاءِ هن ذهن تي هڪڙو سڪون محسوس ٿيندو آهي ۽ سنڌ جي اصليت جي پڻ خبر پئجي ويندي آحي تـه آخر ڇو اهي سڀ جوڌا جوان جيڪي مخلتف طريقي سان سنڌ جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ دشمنن سان مهاڏو اٽڪائندا رهيا ڪنهن قلم کنيو تـه ڪنهن هٿيار ته ڪنهن وري پنهنجي نت نون طريقن ۽ تجربن سان سنڌ جو نالو روشن ڪيو، جڏهن سنڌالاجي جي گيلري ۾ داخل ٿيندا سين تـه اتي اسان کي ڪلا جي دنيا نظر ايندي جنهن ۾ مائي ڀاڳي کان وٺي فوزيـه سومرو جلال ۽ استاد منظور اسان کي ياد ايندا اتي حر تحريڪ سان گڏو گڏ هجرت ڪري ايندڙ مختلف قبيلا اکين جي کاڄ بڻجندا. پاسي واري (کاٻي طرف) گيلري ۾ سنڌ جي تهذيب اڀري ٿي جتي دراوڙ، باگڙي،  شيدي توڙي ٻين قبيلن جا مجسمـه نظر ايندا جيڪي پڻ سنڌ ماءُ جي سونهن ۾ اضافو ڪندا آهن. ٻاهر مين گيٽ وٽ هڪ تاريخ ۽ تهزيب جو خارخانو نظر ايندو مطلب تـه ڪتب خانو جتي سنڌ جي تاريخ توڙي سموري دنيا جي قومن جو زوال انقلاب، ادب، شاعري ، شخصيتن جي باري ۾ لکيل مخلتف اديبن ، دانشورن، ۽ ڏاهن جون تحريرون ملنديون، اهو ئي نـه ٻارن جي ويندر لاءِ ٻاهر پارڪ ۾ چوڏول. جهولو سميت ٻيون ويندر جون شيون پڻ موجود آهن جنهن سان نئي معمار جا گلڙا کلندا ۽ ٽهڪندا کيڏندا آهن.

سنڌالاجي تي ڄامشوري جي خوبصورتي ختم نـه ٿي ٿئي، پر سنڌوءَ جي هنجـه ۾ آباد المنظر پڻ سنڌ جي سونهن جو هڪ اعليٰ مثال آهي جيڪي اسان جا وڏڙا تـه ڇا اسان پاڻ ماڻهن کي ڏيندا آهيون. ڄامشورو حيدرآباد جي وچ واري انساني آباد جي سهولت لاءِ ٺهيل پل انساني ويندر جو پڻ مرڪز بڻي. اتي سموري سنڌ جي ڪونڊ ڪڙڇ مان ماروئڙا اچي سنڌو جي گنگاجل نان سنان ڪري پاڻ کي پاڪ سمجهندا آهن ۽ ڪي وري تمام لطف اندوز ٿيندا آهن، سمنڊي مڇي جيڪا سنڌوءَ ماتا جي مهمان نوازي چئجي يا ممتا جنهن هن سمنڊي سونهن کي پنهنجي هنجـه ۾ ورتو،  جنهن کي پلو چوندا آهن اها اهم ڳالهـه قابل فخر ۽ تعريف آهي تـه اها مڇي بنيادي تور تـه سمنڊ ۾ رهندڙ آهي پر سنڌوءَ جي ممتا جي ڪري هتي اچي سنڌوءَ درياءَ ۾ آباد ٿي ۽ جنم بـه جنم اتي ڳوٺ ڪري ويهي رهي. ان مڇي جو ذائقو تمام لذيذ هوندو آهي جڏهن هن کي تئي ۾ تري کائجي. اتي ايندڙ منچلا مطلب گهمنڻ جا شوقين جڏهن ٻيڙن جو سفر ڪندا آهن ۽ جڏهن سنڌوءَ جون ڦيهنگو ان جي بدن تي لڳنديون آهن تـه سندن بزرگ پنهنجي جواني ، جوان سندن پنهنجي ٻالڪ پڻ ۾ هليا ويندا آهن.

اهي ڄامشوري ننگري جون تفريح ماڳون سنڌ جي سونهن سان گڏو گڏ سنڌ جي  نشاندهي پڻ ڪن ٿيون. اهي تفريح ماڳون اسان جا قومي توڙي ملڪي اثاثا تصور ڪيا ٿا وڃن.