فطرت جو حسين ڪرشمو: لنگهه ڍنڍ

نبيل احمد ابڙو

صبح ساڻ ڍنڍ جي ڪنارن تي ويهي ڪوئل جي ”ڪو ڪو“ ۽ ڳيري جي ”ڳو ڳو ٻڌي منهنجي دل ۽ دماغ تازا ٿي ويا، سج اڀرڻ کان اڳ ئي لنگهه ڍنڍ جو ڪارونهوار شروع ٿي رهيو هو، مهاڻا مڇين جا ڄار ۽ ٻيڙيون صاف ڪري پنهنجي ڪم جي شروعات پيا ڪن، هاري بيههءَ جي فصل جي پاڻي جي ماپ وٺي رهيا هئا، صبح سوير اهڙا منظر ڏسي ڪنهن جي به دل دنيا جا سڀ ڏک ۽ تڪليفون وسارڻ تي مجبور ٿي ويندي.

هونئن ته سنڌ اندر ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڍنڍون آهن، جن سان ڪيترن ئي ماڻهن جو روزگار سلهاڙيل آهي، پر قمبر_شهدادڪوٽ ضلعي جي انڊس هاءِ وي تي ڳوٺ پکو ڀرسان قدرتي سونهن جو دلڪش منظر رکندڙ لنگهه ڍنڍ پنهنجي انداز ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿي، جيڪا 1918ع کان هلندي پئي اچي، هن ڍنڍ کي گهاڙ واهه مان چيلو شاخ ذريعي پاڻي سان ڀريو ويندو آهي، هي ڍنڍ هزارين ماڻهن جي پيٽ جي باهه وسائڻ جو به واحد ذريعو آهي.

 هن ڍنڍ جي ڪُلُ ايراضي اٽڪل 1000 ايڪڙن تي ٻڌل آهي، ايوب دور ۾ هي ڍنڍ پاڪستان ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (پي ٽي ڊي سي) جي ماتحت هوندي هئي بعد ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (ايس ٽي ڊي سي) ٺاهي سنڌ حڪومت جي ماتحت ڪيو هو، مقامي ماڻهو پيٽ گذر پڻ هن ڍنڍ  تي ڪن ٿا، ڪي مڇي ماري، ڪي پکي ماري، ڪي بيههءَ جو فصل ڪري ته ڪي وري ٻوري ۽ پاٻوڻا وڪڻي ڪري پنهنجي ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪن ٿا.

هر دور جو حڪمران هن ڍنڍ تي پنهنجي دوستن سان گڏ مڇي ۽ پکين جو شڪار ڪري چڪو آهي، ڍنڍ جي هڪ جهوني ملازم فياض اوڍاڻي ٻڌايو ته ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ ايوب خان سميت عرب شهزادا پڻ هن ڍنڍ تي اچي پکين جو شڪار ڪندا هئا، پنهنجي ذهن ۾ تاريخ جا پنا اٿلائيندي هن وڌيڪ چيو ته صدر ايوب خان سال ۾ هڪ ڀيرو ضرور هن ڍنڍ تي شڪار ڪرڻ لا ايندو هو ۽ هو جڏهن پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏيندو هو ته علائقي ۾ راڪاس ڇائنجي ويندو هو ۽ ڍنڍ کي عام ماڻهن لا بند ڪري ڇڏبو هو، جڏهن ته ڀُٽي جي اچڻ جو ٻڌي مقامي ماڻهو پيرن اگهاڙي نٽهڻ اُس ۾ بيهي اُن عوامي ۽ پنهنجي محبوب ليڊر جو انتظار ڪندا هئا، ڀٽو به کين ڀلي موٽ ڏيندو هو، ڍنڍ جي اولهه طرف ذوالفقار علي ڀُٽي سياحن جي لا ريسٽ هائوس ۽ هٽس پڻ ٺهرايا هئا، جڏهن آئون ريسٽ هائوس اندر پهتس ته اتي هڪ پراڻي بينچ پيل هئي جنهن جي سامهون واري ڀت تي لکيل هو ته ”هتي ويهڻ منع آهي“ جڏهن مون ان جهوني ملازم کان ان بابت پڇيو ته هن ٻڌايو ته ميان! هن بينچ تي منهنجو ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو اچي ويٺو هو ۽ تنهن ڏينهن کان وٺي آئون هن بينچ تي ڪنهن کي ناهيان ويهڻ ڏيندو، سو ٻيلي معذرت سان ٻي بينچ تي ويهي رهو، ان جهوني مڙس جو ڀُٽي سان اڃا تائين چاهه ڏسي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي.

هن ڍنڍ تي ڪيترن ئي قسمن جي مڇي جو شڪار ڪيو ويندو آهي جيئن ڪرڙو، ڄرڪو، ڇاڪر، پاپليٽ، ڏاهي مڇي، سينگاري، کڳو ۽ ڏنڀرو سميت ٻين ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون ماريون وڃن ٿيون، نه صرف مڇي پر ان کان علاوه پکي جهڙوڪ آڙي، نيرڳ، ڊرگهوش، لاکو ڄاني، کاهر ۽ ٻيا پکي شامل آهن، پکين جو شڪار ڪرڻ بعد شڪاري انڊس ها وي تي هٿن ۾ پکي جهلي وڪرو ڪندي نظر آيا، جتي راهه ويندڙ ماڻهو پنهنجون گاڏيون بيهاري پکي خريد ڪري رهيا هئا. ڍنڍ ۾ مڇين ۽ پکين کان علاوه بيههءَ، ڪانا، نڙ، پاٻوڻا، لوسڻ گاهه، ڪُمُ، لوڙهه ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون ٿين ٿيون، ان کان علاوه هن ڍنڍ ۾ ٻوري جا پن پڻ ٿين ٿا جيڪي سامهون واري ڳوٺ جون عورتون پٽي انهن کي اُکري مهري ۾ ڪٽي پائوڊر ٺاهي ان ۾ کنڊ ملائي ٻوري تيار ڪن ٿيون.

لڳ ڀڳ صبح جو 10 وڳي ڍنڍ جي هڪ هٽ ۾ غير رسمي مڇي مارڪيٽ پڻ لڳي ٿي جتي مڇي جي اگهه تان ماڻهو ايئن ڳنڍيل هوندا آهن ڄڻ ڪو پاڻ ۾خوني تڪرار هجي، اهو سڄو منظر ڏسي مون کي ياد آيو ته واقعي ڪنهن گوڙ واري جا کي مڇي مارڪيٽ ڇو چيو ويندو آهي.

ڍنڍ تي تازي مڇي وٺڻ لا لاڙڪاڻي مان آيل عامر پڪوڙائي چيو ته هن ڍنڍ جي مڇي تمام لذيذ ۽ تازي آهي جنهن ڪري آئون روزانو 5 لٽر تيل ساڙي هتان مڇي وٺڻ ايندو آهيان، هونئن ته شهر ۾ مڇي وارا ايندا آهن پر انهن جي ڀيٽ ۾ هتان سستي ۽ تازي مڇي مليو وڃي هن چيو ته آئون مڇي جا پڪوڙا ٺاهيندو آهيان جيڪي سڄي شهر ۾ ڏاڍا مشهور آهن، هن مون کي به ڦڪي صلاح ڪندي چيو ته اوهان به اچو ته منهنجا پڪوڙا ضرور کائجو.

هن ڍنڍ کي چار چنڊ تڏهن ٿا لڳن جڏهن سياري جي مند ڊسمبر جي مهيني  ۾ سائبيريا ۽ ٻين ملڪن کان پرديسي پکي هن ڍنڍ ۾ لهن ٿا، جنهن جي لا خاص گاهه پڻ ڍنڍ ۾ ڇٽيو ويندو آهي جيڪي اندازن 2500 قسمن جا سائبيرين ۽ ٻين ملڪن جا پکي جيڪي گهمڻ ايندڙ سياحن جي ڏسڻ جو مرڪز هوندا آهن. هتي پکين جي سونهن کي ڏسڻ لاءِ ڊسمبر مهيني ۾ ماڻهن جو وڏو انگ پري پري کان اچي ٿو.

”سائينداد اڄ واهه جو ڪم ٿي ويو اڄ مڇي به مئي آ ته چار آڙيون به ميون، لڳي ٿو ته اڄ خدا اسان غريبن تي مهربان آ، ٻه مهاڻا مڇي جو ڄار ويڙهيندي خوشي وچان پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا، هنن کان جڏهن مون پڇيو ته چاچا اڄ ڏاڍا خوش آهيو ته چيائين ابا اها مڇي ئي ته اسان جي جياپي جو ذريعو آهي اسان جو پيٽ گذر انهن مڇين تي ئي آهي جيڪڏهن مڇي نه مرندي ته اسان جي گهر جا چلها بنهه نه ٻرندا.

هر شي جو مزو پنهنجو هوندو آهي پر پو به جيڪڏهن هن ڍنڍ جي ٻين ڍنڍن سان ڀيٽ ڪجي ته ٻين جي حالت هن کان ڪجھ بهتر آهي، ڪينجهر ڍنڍ جيڪا نوري ۽ ڄام تماچي واري پيار ڪهاڻي جي ڪري پڻ مشهور آهي ان کان علاوه هن ڍنڍ تي ڪافي تحقيق به ٿيل آهي نوري جي قبر وچ پاڻي ۾ هئڻ ڪري به ڪينجهر ٻاهرين ملڪن تائين مشهور آهي، پر لنگهه ڍنڍ  جي سار سنڀال لهڻ لاءِ ڪوبه ادارو اڳيان اچڻ لاءِ تيار ناهي.