سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ

شائسته سومرو

پاڻي هڪ انمول نعمت آهي، پر وقت سان گڏوگڏ وايو منڊل ۾ ايندڙ قدرتي ۽ صنعتڪاري تبديلن جي ڪري اها نعمت انسان ذات لاءِ مصيبت به ثابت ٿي سگھي ٿي، ڪجھ اهڙي ئي حالت صوبي سنڌ جي آهي، جتي پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ٻارڙا توڙي وڏا ڪيترين ئي بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن ۽ ڪترائي فوت ٿي چڪا آهن.

سنڌ ۾ هزارين ماڻهو پاڻي جي فراهمي کان محروم آهن ۽ جتي پاڻي موجود آهي، اهو استعمال جھڙو ناهي، ڊسمبر 2015 ۾ وفاقي کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ مطابق ملڪ ۾ صرف 36 سيڪڙو آبادي کي پائيپ لائين ذريعي پاڻي رسايو وڃي ٿو، باقي 64 سيڪڙو آبادي درياهن، واهن ۽ کوهن ذريعي پاڻي حاصل ڪري ٿي ۽ انهن ۾ فيڪٽرين جي زهريلي ڪيميڪل جو نيڪال ٿئي ٿو.

قدرتي آفتون به پاڻي جي گدلاڻ جو سبب بڻجن ٿيون، جھڙوڪ: زلزلن جي ڪري زميني سطح جو هيٺ مٿي ٿيڻ سان گڏوگڏ مٺو پاڻي کاري پاڻي سان ملي وڃي ٿو.  سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهو گھڻو ڪري کوهن ۽ واهن ذريعي پاڻي استعمال ڪن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي ته ٻهراڙين ۾ گندي پاڻي جي ڪري بيماريون تمام گهڻيون آهن.

خراب پاڻي پيئڻ جي ڪري ماڻهو ٽائيفائيڊ، ڊائريا، ڪاري ڪامڻ ۽ سائيءَ کان ويندي، ايڇ آءِ وي ايڊز جهڙي خطرناڪ ۽ موذي مرضن ۾ وڪوڙيل آهن. ڪو چيڪ ۽ بيلنس نه هجڻ ڪري سنڌ جو سماج ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهيو آهي، سنڌ جي ماڻهن جي صحت سخت خطري هيٺ آهي ۽ سڄو سماج ڄڻ ته بيمارين جي ور چڙهيل آهي، ڪو پڇڻ وارو ناهي.

سنڌ اندر گندي پاڻيءَ جي نيڪال توڙي پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهميءَ واري نظام جو جائزو وٺندڙ ڪميشن اڳيان سرڪاري عملدارن اعتراف ڪيو آهي ته گٽرن جو گندو پاڻي توڙي صنعتن جو ڪيميڪل وارو پاڻي سنڌو درياهه، ڍنڍن ڍورن سميت پاڻيءَ جي انهن ذريعن ۽ وسيلن ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي جيڪو پيئڻ لاءِ انسان به استعمال ڪن ٿا ۽ سنڌ جي زمين به آباد ٿئي ٿي.

دنيا پنهنجي آباديءَ جي صحت کي يقيني بڻائڻ لاءِ جتي صاف پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائي ٿي اتي انساني آباديءَ جي نيڪال جي نظام کي به توانائيءَ جي متبادل ذريعي طور استعمال ۾ آڻي ان کي به ملڪ جي ۽ ملڪ جي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ قطب آندو وڃي ٿو. گهڻن ملڪن ۾ ته گندي پاڻيءَ جي نيڪال مان بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي جيڪا چيو وڃي ٿو ته صاف پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر هجي ٿي. ٻئي پاسي اسان آهيون جتي انساني آباديءَ کي پيئڻ جو صاف پاڻي جيڪو فراهم ڪيو سو ته ٺهيو ويتر صاف پاڻيءَ جا جيڪي ذريعا آهن، درياهه هجي يا ڪئنال، ڍنڍون هجن يا ڍورا يا واهه اهي سڀ محفوظ ڪرڻ بدران انساني آبادين جي گندي پاڻيءَ جو انهن ۾ ڇوڙ ڪري ويتر انهن کي به گندو ۽ گدلو ڪري رهيا آهن.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت هن ملڪ ۾ شامل ٿيل صوبن ۾ سنڌ واحد صوبو هو جيڪو خوشحال صوبو هو، 70 سالن ۾ سنڌ ترقيءَ جي جنهن منزل تي پهچڻ گهرجي ها تنهن تي پهچڻ بدران ان جا حال ويتر هيڻا ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ نه ته پيئڻ جي پاڻيءَ جو ڪو جوڳو نظام آهي نه ئي وري گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪو اثرائتو مڪينزم. نه ته تعليم جو شعبو سنئين لڱين آهي نه ئي وري صحت جي شعبي ڪا ترقي ڪئي آهي، مطلب ته ڪو اهڙو ادارو ناهي جنهن کي اسان مثال ڪري پيش ڪري سگهون.

هڪ اخباري رپورٽ موجب سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن مان پاڻي جا نمونا گڏ ڪري جاچ لاءِ موڪليا ويا، تقريبن سمورن نمونن جو نتيجو ساڳيو ئي نڪتو، پاڻي ۾ موجود جراثيمن جي ڪري پاڻي پيئڻ جي لائق نه هو. اها سموري صورتحال نه صرف سنڌ جي ماڻهن جي صحت لاءِ خطرو بڻيل آهي پر زراعت ۽ چوپائي مال لاءِ به خطري جو سبب آهي.

حڪومت کي سنڌ جي ماڻهن کي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪو منصوبو شروع ڪرڻ گهرجي، ڇو جو ايئن ڪرڻ سان هڪ ته پاڻيءَ جي ڪري جيڪي بيماريون پيدا ٿين ٿيون تن تي ضابطو اچي سگهندو ۽ ٻيو ته ان پلان سان جيڪو صحت مند سماج جنم وٺندو اهو پنهنجي ملڪ ۽ صوبي جي ڀلائي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي سگهه رکندڙ هوندو.