مٽياري ضلعي جي هٿ جاهنر

شير زمان کوسو

مٽياري کي جيڪڏهن گھڻ رخو ضلعو چيو وڃي ته ان ۾ ڪو وڌاءٌ نه ٿيندو. مٽياري ضلعو ادب کان وٺي مذهب تائين، ثقافت کان وٺي آرٽ تائين ۽ زراعت کان وٺي صنعت تائين سڀني ميدانن ۾ پاڻ ملهايو آهي. مٽياري ۾ هٿ جو هنر هڪ اهڙو فن آهي جيڪو هن ضلعي کي ٻين ضلعن کان مٿين سطح تي آڻي بيهاري ٿو.

آئيس ڪريم، حلوو ۽ مائو مٽياري شهر جون بهترين شيون ليکجن ٿيون، جن کي مختلف شهرن کان ماڻهو اچي خريد ڪن ٿا. نه فقط ايترو پر اهي شيون ڪراچي ۾ صوبائي سطح تي  گڏجاڻين ۾ پڻ پيش ڪيون وڃن ٿيون، جيڪا مٽياري لاءِ اعزاز جي ڳالھ آهي. مٽياري ضلعو صرف کاڌي جي شين تائين محدود ناهي پر هتي ثقافت، عمارت سازي، جنڊي، دستڪاري ۽ ڪاشيگري جو ڪم به ٿيندو آهي، جيڪو پوري دنيا ۾ سوکڙي طور موڪليو ويندو آهي.

مٽياري ضلعي جو تعلقو هالا هٿ جي هنر جو مرڪز آهي، جنهن کي ثقافتي شهر به سڏيو وڃي ٿو. هتي سنڌي ثقافت جي هر شيءِ ٺهي ٿي جن ۾ اجرڪ، ٽوپي، رلي، دٻڪي، ونجڻي، کٽ، دلا، جھولا، ليڊي پرس ۽ چوڙيون شامل آهن. مطلب ته هالا شهر سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ آهي. اُن کان علاوه مسجدن، مدرسن ۽ درگاهن وغيره تي سٺي نموني چٽسازي به ڪئي ويندي آهي. ٻاهران ايندڙ ماڻهو پنهنجي مرضي مطابق شيون ٺهرائي انهن تي پسند مطابق ڪجهه به لکرائيندا آهن.

مون جڏهن ڪاريگر کان اجرڪ ٺهڻ بابت پڇيو ته ان جو چوڻ هو ته اجرڪ ٺهڻ جا ڪل 14 مرحلا آهن، اهي مرحلا طئي ڪرڻ کانپوءِ اجرڪ پنهنجي اصل شڪل ۾ ايندو آهي. ان جو اهو به چوڻ هو ته هتي هڪ شيءِ جي ٺهڻ جو عمل 10 کان 15 مرحلن تائين آهي. جڏهن ٺڪرن جي ٿانون تي چٽسازي ڪئي ويندي آهي ته ان کان اڳ ان ٺڪرن جي ٿانون کي 10 کان 15 ڪلاڪ باھ جي بٺي يعني آوي ۾ رکڻو پوي ٿو.

هالا جو کاڌيءَ جو ڪپڙو به تمام مشهور آهي جنهن جا هالا ۾ تقريبن 28 ڪارخانا آهن. هن ڪپڙي جي هڪ خوبي اها به آهي ته هي سياري ۾ گرم ۽ اونهاري ۾ ٿڌو محسوس ٿيندو آهي. هي ڪپڙو سنڌ جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ڏانھن موڪليو ويندو آهي.

ضلعي مٽياري ۾ هنرمندي جي ڪاميابي جو راز اهو آهي ته ڪاريگر نسل در نسل اِهو ڪم ڪندا اچن ٿا جن ۾ ڪوري، ڪنڀار ۽ سومرا شامل آهن. انهن مان ڪوري ڪاريگرن جو چوڻ هو ته انهن جو نسل ٽي سئو سالن کان هٿ جي هنر جو ڪم ڪندو اچي ٿو. مطلب ته قديم عرصي کان قديم ماهِرن جي سرپرستي ۾ ثقافتي ۽ هنرمندي جو ڪم جاري ۽ ساري آهي. ٻيو ته ڪاريگر شيون ٺاهڻ دوران اهڙو ڪو به مرحلو نه ٿا ڇڏين جيڪو هنرمندي جي ناڪامي جو سبب بڻجي. ٽيون ته ٻٻر ۽ ٽالي جو ڪاٺ مضبوط هجي ٿو، جيڪي واڍڪي ڪم کي مضبوط ڪرڻ جي ضمانت آهن. ٻٻر جي ڪاٺي ڪرسي، ميز، الماڙي، دروازا، کٽ ۽ پينگھو ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿي. اِنهي ڪري سڄي سنڌ مان هالا ۾ هنن شين جا خاص آرڊر ڏنا ويندا آهن.

مٽياري جي هٿ جي هنر ۾ عورتن جو به وڏو حصو رهيو آهي جيڪي مردن سان گڏوگڏ ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۾ مصروفِ عمل آهن. هالا ۾ عورتون رلي، گندي، شال، گج، دسترخوان، سڳيون ۽ موڙ وغيره ٺاهي وڪرو ڪن ٿيون. هتان جي هٿ جا هنر آمدني ۽ گذر سفر جو ذريعو آهن. ڪم دوران ڪاريگرن کي ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، پر تنهن جي باوجود به ڪاريگر پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڪم کي جاري رکيو اچن ۽ سنڌي ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۾ مصروف آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سرڪار کي گهرجي ته هنن جي ٺاهيل شين جون وڏن شهرن ۾ نمائشون ڪرايون وڃن ۽ انهن شين کي ٻاهر پڻ ايڪسپورٽ ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن هنن جي مالي حالت سُڌري سگهي ان کانسواءِ هنن جي ٻارن جي پڙهائي ۽ صحت جو خيال رکيو وڃي ۽ هنن لاءِ وظيفو پڻ مقرر ڪيو وڃي ته جيئن هيءَ سنڌي ثقافت کي اڃان به اجاگر ڪري سگهن.