سينٽرل لائبريري اڳيان لڳل مجسمو

عبدالسبحان جمالي

             

تازو ئي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي زيرو پوائنٽ تي سينٽرل لائبريري اڳيان هڪ ڪتاب پڙهندڙ شاگرد جو مجسمو لڳايو ويو آهي، هي مجسمو تعليمي اداري جي نشاني طور لڳايو ويو آهي. هن مجسمي جي تخليق کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي پري کان ئي هڪ تعليمي مرڪز جو ڏيک ڏئي ٿي ۽ ايندڙ ماڻهن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي، جيڪو هڪ مثبت قدم آهي.

وڌيڪ خوشي جي ڳالھ اها آهي ته هي مجسمو سنڌ يونيورسٽي جي شعبي آرٽس ۽ ڊزائن جي پروفيسر نادر جمالي ٺاهيو آهي. سندس ٺاهيل هن مجسمي ۾ جديد رنگ نمايان نظر اچي ٿو، جيڪو اڄ جي مصور ۽ مجسمه ساز جي سڃاڻپ پڻ آهي.

مجسمي جي باري ۾ پڇڻ تي پروفيسر نادر جمالي ٻڌايو ته هن مجسمي جي لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر مرحومه ڊاڪٽر عابده طاهراڻي حڪم ڏنو هو پر افسوس مجسمي ٺهڻ تائين پاڻ هن فاني دنيا ۾ نه رهي. نادر جمالي وڌيڪ ٻڌايو ته هن مجسمي کي ٺاهڻ ۾ هڪ سال لڳو هن مجسمي ٺاهڻ ۾ مرحومه ڊاڪٽر طاهراڻي منهنجي وس آهر مدد ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي طرفان هن مجسمي تي چار لک روپيه خرچ ڪيو ويو، ڊاڪٽر طاهراڻي جي وفات کانپوءِ ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙي به هن مجسمي کي ٺاهڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ۽ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو، انتظاميا طرفان همٿ افزائي جي ڪري مون به ڏينهن رات محنت ڪري هي مجسمو ٺاهيو، ماڻهن جي مهرباني جن منهنجي هن ڪاوش کي تمام گهڻو پسند ڪيو آهي.

هن مجسمي جي بناوٽ ۾ مختلف ڪيميڪلز جو پڻ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن سبب هي ڪڏهن به ڀري يا ٽُٽي نه سگھندو. مجسمي جو رنگ سونهري آهي، جيڪو پري کان چمڪدار نظر اچي ٿو.ا