سنڌ ۽ پنجاب جي تيليم ۾ فرق

سرمد علي ٻرڙو

سنڌ جيڪا وفاق کي 70 سيڪڙو معيشت جو ڪاٿو ڏئي رهي آھي، جنھن جا ماڻھو محنت محبتي، سٻاجھڙا ۽ مھمان نواز آھن ۽ اڄ انھن ۽ سنڌين کي انھن جي بنيادي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي، چوندا آھن ته ڪنھن قوم کي تباھ ڪرڻو ھجي ته ان قوم جي تعليم تباھ ڪيو ته اھا قوم ازخود تباھ ٿي ويندي. ۽ اڄ سنڌ ۽ سنڌين سان به ائين ٿي رھيو آھي انھن کي جيڪا تعليم ڏني پئي وڃي اھا غير معياري آھي.

سنڌين کي تعليم جي نالي تي اسڪولي عمارتون جنھن ۾ ڪرسيون ۽ ٽيبلون پيل ملن ٿيون ۽ پراڻو غير معياري ڪورس پڙھايو وڃي ٿو، جيڪو اڄ جي جديد دنيا جي طرز کان بلڪل ئي جدا آھي ۽ اڪثر ڪري سنڌ ۾ اسڪول بند پيل آهن يا وڏيرن جون اوطاقون، ۽ گدام بڻيل آھن، جيڪي اسڪول کليل به آھن ته انھن اسڪولن ۾ استاد نه آھن، مطلب ته جيڪڏھن اسان سنڌ جي تعليم کي ڏسون ته سنڌ جي تعليم تباھي جي ڪناري تي پھتل آھي.

جيڪڏهن سنڌ جي ڀيٽ ۾ اسان صوبي پنجاب جي تعليم تي نظر وجھون ته اتان جي تعليم ۽ سنڌ جي تعليم ۾ ڏينھن رات جو فرق آھي ڇو ته انھن جا اسڪول خالي عمارتون نه آھن، بلڪه ان ۾ پڙھائيندڙ استاد به موجود آھن جيڪي پنھنجي ذميواري سان پنھنجي فرض کي سر انجام ڏين ٿا. اتان جا اسڪول گدام يا وري وڏيرن جون اوطاقون  بڻيل نه آھن ڇا ڪاڻ ته اتان جا ذميوار ماڻھو ۽انتظاميا سچي آھي پر سنڌ جا  ماڻھو ۽ انتظاميه سچي نه آھي ۽ نه ئي ان بابت ڪجھ ڪري رھي آھي ھر ڪوئي پنھنجي خفي ۾ لڳو پيو آھي.

اڄ جي جديد دور ۾ نيون ٽيڪنالاجون اچي ويون آھن، جنھن تحت شاگردن کي پڙهائي ۽ ان بابت آگاھ ڪيو وڃي پر سنڌ جي يونيورسٽين يا ڪاليجن ۾ اھڙي ڪابه سھولت ميسر نه آھي ۽ يونيورسٽين ۾ پراڻا غير معياري ڪورسز پڙھايا وڃن ٿا، جيڪي شايد اسان جي وڏن پڙھيا ھوندا ۽ اڄ تائين اھي ئي پڙھايا وڃن ٿا، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر به ھڪ اھم بحث آھي، جنھن سنڌ جي تعليم کي وڏو نقصان پھچايو آھي ڇاڪاڻ ته اڄڪلھ سفارشن جي بنياد تي استاد ڀرتي ڪيا وڃن ٿا.

پوءِ ان استاد کي ڪجھ اچي يا نه اچي . ۽ ڪاپي ڪلچر جو رجحان نائين ڪلاس کان وٺي بيچلر جي ڊگري تائين يعني اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين شاگرد ڪاپي جي نظام تي ڀاڙين ٿا ۽ ان ڪم ۾ ھڪ فرد کان وٺي انتظاميه به ان عمل ۾ ذميوار آھي ڇا ڪاڻ ته امتحانن جي دوران امتحاني سينٽرن ۾ موجود انتظاميه جنھن ۾ استاد، پٽيوالا ۽ سپاھي چند روپين جي عيوض شاگردن کي ڪاپي ڪرائين ٿا، جيڪا انھن شاگردن کي ڊگري ۾ مارڪون ٿا ڏيارين پر اھا ڊگري انھن جي قابليت کي ختم ڪري ڇڏي ٿي، ۽ ائين ئي سنڌ جي تعليم تباھي جي رستي تي ھلندي ٿي وڃي.

ٻيو ته سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن تي سياسي پارٽين / تنظيم سازي جو گھڻو رجحان رھيو آھي ۽ ان سان به سنڌ جي تعليم کي تمام گھڻو نقصان رسيو آھي ڇو ته اڪثر يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ٿوري گھڻي ڳالھ تان شاگرد تنظيمن ۾ جھيڙي سبب ڪلاسز جو بائيڪاٽ ٿيڻ عام ڳالھ بڻيل آھي جيڪا تعليم کي تمام گھڻو نقصان رسائي ٿي مطلب سنڌ ھر طرح سان تباھ پئي ٿئي.

پر جيڪڏھن اسان پنجاب جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ڳالھ ڪيون ته اتي اھڙي ڪابه حالت نه آھي ڇو ته اتان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگردن کي ھر ممڪن سھولتون ميسر آھن ۽ انھن کي جديد طرز تحت پڙھايو وڃي ٿو ۽ جيڪڏھن اتان جا ڪورسز ڏٺا وڃن ته معياري ۽ بھتر آھن، تنھن ڪري اتان جا تعليمي ادارا ڏينھون ڏينھن ترقي ۽ اوچائين ڏانھن وڌي رھيا آھن اتان جي عوام به زياده تر ترقي جي راھ تي گامزن آھي.

پر اسان جي سنڌ تعليم جي زيور کان ڏينھون ڏينھن محروم ٿيندي پئي وڃي ۽ ترقي بجاءِ اونداھين ۽ فضول رسمي مسئلن ۾ الجھندي پئي وڃي، ان جو ھر فرد ذميوار آھي ڇو جو اسان سنڌي ھميشه وانگر چپ ٿي ويندا آھيون ۽ ان ڪارڻ اسان اڄ پوئتي ٿيندا پيا وڃون. ۽ اسان پنھنجي سنڌ کي تڏھن ئي ترقي ۽ ڪاميابين جي منزلن تي گامزن ڪري سگھون ٿا جڏھن ھر سنڌي سجاڳ ٿي پنھنجي سنڌ امڙ جي ھر مسئلي لاءِ آواز اٿاريندو، ان لاءِ جدوجھد ڪندو، بندوقن بجاءِ تعليم کي پنھنجو ھٿيار بڻائيندو ۽ تعليم کي معياري ۽ بھتر بڻائيندو ته تڏھن ئي اسين دنيا سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلي سگھنداسين.*