اعلي تعليم جي ڪتب خاني جو نظام

مبين نثارابڙو

ڪنهن به ملڪ توڙي عوام جي ترقي جو راز اعلي تعليم هوندي آهي. جنهن سان انسان زمين کان عرش تائين پهچي سگهن ٿا.

 لائبريري انسان جي ذهن کي اُڀاري ڪري علم جي روشني سان مُعلم بڻائي ڇڏيندي آهي. علم کان رهجي ويل قومن تي هميشه طاقتور ڌريون قابض رهنديون آهن جنهن جي ڪري   غلامي کان نجات صرف ۽ صرف علم جي لاٽ آهي. جنهن سان غلامي واري زنجير کي هميشه لاءِ ٽوڙي سگهجي ٿو.

اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بهتر موقعا فراهم هجڻ به تمام ضروري آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو لائبريري جو قيام اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تاريخي حيثيت جو حامل آهي.

جتي نه صرف امير طبقو پر غريب شاگرد به اچي گهرج جي مطابق ڪتابن جو مطالعو آساني سان ڪري سگهي ٿو.

1851ع ۾ آمريڪا ۾ قائم ٿيندڙ نارٿ ويسٽ يونيورسٽي لائبريري ۾ اٽڪل 5 ملين ڪتاب رکيل آهن.

لائبريري جي سالياني بجٽ هڪ ملين ڊالر جڏهن ته ان ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو تعداد 5700 آهي. تنهنڪري اڄ هو ملڪ سڀني ملڪن جو سربراهه ٿي ويٺو آهي.

 اهو صرف ۽ صرف علم آهي جنهن جي ڪري ماڻهو دنيا جي نقشي تي چنڊ وانگر چمڪي ٿو.

سنڌ اسيمبلي 30 جنوري 1951ع ۾ حيدراباد لائبريري ٺاهڻ جي منظوري ڏني جنهن جو نالو شمس العلماء دائودپوٽه لائبريري رکيو ويو. ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽه لائبريري ۾ اٽڪل 91000 ڪتاب موجود آهن.

 لائبريري صبح 7 کان رات جي 9 بجي تائين کليل رهندي آهي. لائبريري ۾ روزانه سون جي تعداد ۾ شاگرد اچي پنهنجي علم ۾ اضافو ڪندا آهن ته جيئن هو اڳتي وڌي ڪري ڪنهن اعلي مقام تي پهچي سگهن.

 سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيتريون ئي لائبريريون قائم ٿيل آهن جن ۾ لياقت ميموريل لائبريري جيڪا 1950ع ۾ قائم ٿي، سر شاهنوز ڀٽو ميموريل لائبريري لاڙڪاڻو 1976ع ۾ وجود ۾ آئي.

 خيرپور ۾ 1985ع ۾ سچل سرمست لائبريري ٺاهي وئي ان کان علاوه شڪارپور ۾ قادر بخش بيدل لائبريري، ميرپورخاص ۾ سنڌ گورنمنٽ لائبريري، دادو ۾ علامه آئي آئي قاضي لائبريري، سيوهڻ شريف ۾ لعل شهباز قلندر لائبريري، رتوديرو ۾ شاهه عبدالطيف لائبريري، خيرپور ۾ عطا محمد حاني لائبريري ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه آئي آئي قاضي لائبريري وجود ۾ آندي وئي ته جيئن هن يونيورسٽي جا شاگرد اعلي مقام تي پهچي ڪري سنڌ ۽ قوم جو نالو دنيا ۾روشن ڪري سگهن.*