جاتي علائقي جون حالتون

عمران علي هليو

سونهن ڀري سنڌ جو هر علائقو تمام خوبصورت آهي. ڪجهه ٿر جي واريءَ ۾ ڍڪيل ته ڪجهه وڏن وڻن جي هوا جي ڪري مشهور ۽ ڪجهه وري سامونڊي پٽي سان پنهنجو نيهن لائي ويٺا آهن. اهڙا علائقا جيڪي حسين ڏيک ڏين ٿا.

 پر ڪن مسئلن جا اهڙا علائقا خراب حالتن جو شڪار بڻجي چڪا آهن. انهن علائقن مان هڪ جاتي به آهي. جاتي هڪ ننڍو شهر آهي جيڪو سمنڊ جي ساحلي پٽي تي واقع آهي.

 جاتي شهر  ٺٽي ضلعي ۾ اچي ٿو. جاتي شهر ٺٽي ضلعي کان 60 ڪلوميٽر پري ڏکڻ طرف آهي.

سماجي حالتن تي غور ڪيو وڃي ته ڪو به ماڻهو ڪنهن جو خيرخواھ نه آهي. هتي ڪو به ماڻهو ڪنهن غريب جي مدد  به نه ٿو ڪري. هتي معمولي ڳالهين تي جھيڙا پيدا ڪري پوءِ انهن تي ڪجھ ڏنڊ وجھي مسئلي جو حل پيدا ڪيو وڃي ٿو.

جاتي شهر صفائي جي حوالي سان اڳ کان ڪجھ بهتر نظر پيو اچي. جنهن ڪري پاڻي پلٽي رستي تي بيهي رهي ٿو. تنهن ڪري ماڻهن کي تمام گھڻي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. شهر جون گھٽيون پڪيون آهن ۽ جاتي کان سجاول ويندڙ روڊ تي به ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي.

ٻئي طرف ڏسجي ته جاتي شهر ۾ نشي جو ڪاروبار عروج تي آهي ننڍي ٻار کان وٺي وڏي عمر جا ماڻهو ان ذهر ۾ مبتلا آهن. هتي هر قسم جو نشو جيئن: ڪچو شراب، ٺرو، پان، چورو، چرس، هيرون ۽ سگريٽ وغيره واپرايو وڃي ٿو. پر پوليس کاتو خاموش ويٺل آهي.

هتي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ماني ٽائيم تي ڀلي نه ملي پر نشو ضرور ملي. نشي معصوم ٻارن جون زندگيون تباھ ڪري ڇڏيون آهن. اتي جا ماڻهو نشي ۾ ڌت ٿي شريف ماڻهن کي پريشان ڪن ٿا ۽ گٿا لفظ ڳالهائين ٿا.

جاتي شهر پڙهائي جي حوالي سان پٺ تي پيل آهي. ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته ڪيترائي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن ۽ ڪاپي ڪلچر تعليم کي اڏوهي جيان کائي رهيو آهي.  ۽ جاتي شهر ۾ گھٽ شعور هجڻ ڪري هتي جا ماڻهو تعليم کي فضول سمجھن ٿا.

اڄڪلھ جي ٽيڪنالاجي واري دؤر  ۾ هي علائقو ڏينهون ڏينهن پٺ تي ڌڪجي رهيو آهي.هن شهر ۾ تمام گھڻي غربت آهي هن شهر ۾ تمام گھڻو هاري طبقو رهي پيو.

جنهن جو گذر سفر صرف آبادي تي هلندو آهي. هتي روزگار جي حوالي سان ڌنڌا تمام سٺا آهن. هتي جي ماڻهن جي سوچ آهي ته جيئن ئي ٻار سمجھدار ٿئي ته ان کي دڪان کولي ڏيون ته جيئن روزگار ڪري سگھي.

هتي مهانگائي گھڻي ٿيڻ ڪري غريب ماڻهو مشڪل سان ڪا شيءِ خريد ڪري سگھن ٿا.

صحت جي لحاظ کان هتي جي سرڪاري اسپتال ۾ مريضن لاءِ ڪا به سهولت نه آهي.

جنهن جي ڪري مريضن کي تمام گھڻي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنهن ڪري جڏهن به امرجنسي ڪيس اچي ٿو ته ان کي ڪراچي، حيدرآباد يا ٺٽو ڏانهن وڃڻ جي صلاح ڏين ٿا جنهن سان اڪثر مريض پنهنجي حياتي تان هٿ ڌوئي ويهن ٿا.

آئون دعاگو اٿم ته الله هن شهر کي هر غم کان دور ڪري ۽ هر بري حالت کان بچائي.*