سنڌ ۾ وڏير ڪو نظام

مبين نثارابڙو

ڪنهن وقت سنڌ ڌرتي کي صوفين جي ڌرتي سڏيو ويندو هو پر هن وقت اهڙي صورتحال بڻيل آهي جو سنڌ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ظلمن هيٺ پيسجي پئي

. وڏيرڪي نظام وڏي عرصي کان سنڌ ۾ نافذ آهي پر جيڪا اهميت وڏيرڪي نظام کي انگريزن ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملي، اها تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ٿي ملي سگھي سنڌ ۾ اهڙي نظام کي هٿي وٺرائڻ پويان انگريز سامراج جا ڪجھ خاص مقصد هئا.

 انهيءَ وڏيرڪي نظام جي ڪري ئي انگريزن سنڌ سميت هندستان تي وڏي عرصي تائين حڪومت ڪئي.

 انهن هميشه ”ورهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پاليسي تحت پنهنجي حڪومت کي قائم رکيو. هر وقت سنڌ ۾ وڏيرڪي نظام جا حامي موجود رهيا آهن تنهنڪري وڏيرا شاهي نظام ساھ کڻندو پيو اچي.

 ساڳي طرح ڪجھ ماڻهو انهيءَ نظام جي مخالفت پڻ ڪئي ۽ ڪجھ وري پنهنجي مفادن خاطر وڏيرن جا حامي رهيا آهن.

 ڇو جو وڏيرڪي نظام جي ڪري عوام هميشه غلامي ۾ رهي ٿي. انهيءَ نظام جي ڪري ظلم، ڏاڍ عروج تي پهچي چڪو آهي.

 جيئن سنڌ ۾ قبيلائي جھيڙا تيزي سان وڌي رهيا آهن جيڪي بد امني جو باعث بڻجي رهيا آهن. آخرڪار نتيجي ۾ اهو نظام اسان جي سنڌي ماڻهن کي محتاجي ۽ غلامي هيٺ ذلت واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي.

 وڏيرڪي نظام پنهنجي ذاتي انا جي ڪري هزارين قبيلائي جھيڙا ڪرائي وري فيصلا به پاڻ ڪندا آهن. ٻهراڙين وارن علائقن ۾ وڏيرائي سلطنت قائم ڪرڻ لاءِ جرڳي واري طريقي ڪار کي جاري رکيو پيا اچن.

 جنهن ۾ غريبن مسڪينن ماڻهن تي لکين رپيا ڏنڊ يا ڏنڊ ۾ عيوض طور معصوم نياڻين کي پوڙهن سان زوري نڪاح ڪرائڻ آهي.

انهيءَ جي ڪري انهن نياڻين جي زندگي وڏيرن جي ڪري زهر بڻيل آهي. گلن جھڙيون نياڻيون ظالم وڏيرن جي  ور چڙهي ڏاڍ جو شڪار ٿين ٿيون.

اهڙي غليظ عمل جي ڪري سنڌ پٺ تي ڌڪجندي پئي وڃي. جيڪڏهن اهڙا غلط فيصلا ۽ وڏيرڪي سلطنت نه هجي ها ته سنڌ جي عوام 5000 سال پهرين وانگي اڄ به هڪ اعلى تهذيب يافته ۽ سڌريل قوم هجي ها.

 جڏهن هڪ نظر موئن جي دڙي تي ڦيرائينداسين ته يقيناً اسان کي ڏندن آڱريون اچي وينديون ته پهرين اهڙا سڌريل ۽ مهذب ماڻهو هئا ۽ اهي سنڌي جنهن ۾ مهمان نوازي ۽ وفاداري لاءِ جان ڏيندڙ هاڻي ٿوري ٿوري ڳالھ تان انسانيت کي پيرن هيٺ ڪچلي رهيا آهن.

انسانن مان حيوانن جو روپ اختيار ڪري پنهنجي ڏاڍ سان غريب عوام جي ارمانن کي ختم ڪن پيا ۽ انهن کي پنهنجي حقن کان محروم ڪري غربت ۽ ذلت واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿا ڪن.*