نرسري منافعو ڏيندڙ ڪاروبار

مظهر علي جسڪاڻي

ٻوٽا گھر جي سجاوٽ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿا گهرن جي ٻاهران ٻوٽا لڳائڻ واري رجحان ۾ ڪجھ وڌيڪ اضافو ٿيندو پيو وڃي. اها ڪجهه علائقن ۾ گھرن ٻاهران مختلف قسمن جا ٻوٽا نظر ايندا آهن.

 ٻوٽن جا شوقين ان تي وڏي رقم خرچ ڪري خوبصورتي سان سجائيندا آهن. ٻوٽن جي وڌندڙ شوق جي ڪري نرسري جو ڪاروبار به گھڻو ڦهلجي رهيو آهي.

 اڄ کان ڏھ يا پندرنهن سال پهرين ڪٿي ڪٿي ڪا نرسري نظر نه ايندي هئي پر لينڊ سيڪيننگ کي هٿي ملڻ جي ڪري هاڻي ته ڪجھ قدمن جي فاصلي تي ضرور نرسري نظر ايندي. وڏن وڏن شهرن ۾ نرسري جون مارڪيٽون آهن، جتي ملڪي توڙي غيرملڪي گل ۽ ٻوٽا وڪري لاءِ موجود هوندا آهن.

نرسري جي ڪاروبار جي باري ۾ جڏهن نرسري جي مالڪ سان گفتگو ڪئي وئي ته انهن جو اهو ئي جواب هو ته گل تازگي جو احساس ڏيارن ٿا.

هاڻي گھر جي سامهون ٻوٽن ۽ گلن جي وڻن کي خوبصورت طور رکيو وڃي ٿو. جنهن جي ڪري اسان جو ڪاروبار به هلي پيو. سڄي ملڪ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا گل ۽ ٻوٽا موجود آهن.

 آمريڪي ڪمپني گولڊ سمٿ جا ڊسٽريبيوٽر موجود آهن. جڏهن آمريڪا ۾ ٻوٽن جي نمائش ٿئي ٿي ته انهن ڊسٽريبيوٽرن کي آمريڪا جي مفت ويزا ملي وڃي ٿي جيڪي اتي وڃي ٻوٽن جي نمائش ۾ حصو وٺندا آهن.

 آمريڪا جي گولڊ سمٿ ڪمپني هر سال ٻوٽن جي نمائش منعقد ڪري نرسري جي ٻوٽن سان گڏوگڏ خوبصورت ٻوٽن واريون سوين ڪونڊيون به رکيل نظر اينديون آهن.

 ماڻهو خوبصورت ڊزائين ۾ ٺهيل ڪونڊيون بوٽن سان گڏ پڻ خريد ڪندا آهن ٻوٽن جو شوق مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن کي وڌيڪ ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان جون اڪثر گراهڪ عورتون ئي هونديون آهن.

 انهن کي ٻوٽن جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ هوندي آهي، جيڪي اسان وٽ اچي ٻوٽن جا نالا وٺي طلب ڪنديون آهن.

 ايتري قدر جو انهن کي ٻوٽن جي قيمت جي به خبر هوندي آهي. گرمين ۾ اسان جو ڪاروبار سياري جي ڀيٽ ۾ ٿورو گھٽجي ويندو آهي ڇو ته گرمين ۾ گل تمام گھٽ ڦٽندا آهن.

نرسري جو ڪاروبار وڌڻ ڪري ٻوٽن ۽ گلن جي فهرست جيڪي رجسٽر جي شڪل ۾ موجود آهي ان تي گل ۽ ٻوٽن جي نالن سان گڏ انهن جي موسم به لکيل هوندي آهي.

ڪي وري اهڙا گراهڪ به هوندا آهن. جيڪي ٻوٽن جي نالن کان باخبر هوندا آهن. انهن جي رهنمائي لاءِ رجسٽر ٿيل آهن جن تي نالا ۽ موسم لکيل هوندي آهي. جنهن سان انهن کي پنهنجي پسند جا ٻوٽا خريد ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي.

 جيئن ته روشني جي ساڙيندڙ شعاعن کان ٻوٽن کي بچائڻ لاءِ گرين نيٽ استعمال ڪئي ويندي آهي.

 جنهن سان ٻوٽن جي حفاظت ٿئي ٿي، ته جيئن اهي ڪومائجي نه وڃن ڇو ته ٻوٽا گھڻي تپش ۾ ختم ٿي ويندا آهن انهن کي بچائڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي حفاظتي انتظام ڪيا ويندا آهن. ڪجھ اهڙا ٻوٽا آهن جيڪي تمام گھڻو پسند ڪيا وڃن ٿا جيئن:

 سانگ آف انڊيا، ڊفن ۽ لينڊسيڪمنگ جن کي امير ماڻهو خريد ڪري پنهنجي گھر جي زينت وڌائيندا آهن.*