صوفي يونيورسٽي جو قيام ۽اسان جون اميدون

نجيب الله راهو

علم جي حاصلات وارو سفر صدين کان وٺي جاري آهي. ماڻهو ورهين کان وٺي ذهن جي صحن ۾ عِلم جا عَلم کوڙيندا اچن ٿا. هاڻي گهر ۾ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ سان سلهاڙجي ويو آهي.

محسوس ٿئي ٿو ته سڄي دنيا ڄڻ هڪڙي ٽيبل تي اچي وئي آهي. اڳي جڏهن معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ لائبريرين جي ڪتابن کي ڏسبو هو يا ڏاهن کان پڇبو هو پر هاڻ ته هر شيءِ گوگل ۾ سرچ ڪري سگهجي ٿي، گهر ويٺي هر قسم جي معلومات ملي ٿي.

 تعليم جي لاءِ ڪيترائي سرڪاري ۽ خانگي ادارا آهن جن جو ڪو ڇيهه به ناهي. ماڻهو چاهڻ باوجود ڳڻي به نٿو سگهي. ٻهراڙين ۾ مسجد اسڪول، پرائمري اسڪول وري شهرن ۾ يونيورسٽين جو جهان آباد آهي.

مصروف ترين دنيا ۾ جتي هرڪو ڊاڪٽر، انجينئر ۽ پروفيسر بڻجڻ جي لاءِ جتن ڪري پيو اتي ڪوبه اهڙو ماڻهو نظر نٿو اچي جيڪو انسان ٿيڻ چاهيندو هجي، جيڪو من مندر ۾ پريت جي پوڄا تي يقين رکي سجدي ۾ سِر جهڪائيندو هجي، سمورا ادارا شعور پکيڙين پيا، پر محسوس ٿو ٿئي ته هاڻ تعليمي ادارا به اهڙا ڪارخانا بڻجي چڪا آهن جتان پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ انجينئر تيار ٿي رهيا ، يونيورسٽين جي ان جهان ۾ ڏاڍي کوٽ محسوس ٿيي رهي هئي ته ڪا اهڙي يونيورسٽي ڪو اهڙو ادارو هجي جتان صوفي ازم جي پرچار ٿئي ۽ جتي امن آجپي، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو وڃي، ڇو ته سنڌ ئي اهڙو خطو آهي جتي سڀ کان وڌيڪ درسگاهون هيون.

 علم جي حوالي سرزمين مرشد لطيف، سچل سرمست ۽ قلندر شهباز جهڙا انيڪ بزرگ آباد هئا، جن انسانيت جي علمبرداري جو پيغام پکيڙيو. مٿي ڳالهه ڪري آيا آهيون ته اڄوڪي دؤر ۾ اهڙي اداري جي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي جتي صوفيت ۽ تصوف تي هلڻ جو درس ڏنو وڃي شايد اِها کوٽ محسوس ڪندي موجوده حڪومت صوفي يونيورسٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.

مرشد لطيف جي ننگري هي سٻاجهڙي سنڌ جيڪا سڄي سون آهي ان ۾ جتي به هي ادارو تعمير ڪرايو وڃي ها ته ان کي عوام موٽ ڏئي ها، پر ان يونيورسٽي کي ٺاهڻ لاءِ ڀٽ شاهه کي چونڊيو ويو، ڀٽ شاهه مرشد لطيف جي ڪري اسان صوفي منش ماڻهن سميت سڄي سنڌ لاءِ عقيدت جو مرڪز آهي، هتي انيڪ ماڻهون دل جون دعائون ۽ من جون مرادون کڻي ايندا آهن، صوفي يونيورسٽي جنهن ۾ هاڻ داخلا جو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي. سنڌ جي ساڃاهه وندن جون نظرون ۽ اميدون ان اداري ۾ آهن ڇو ته هي ادارو صوفيت ۽ تصوف جي پرچار جي لاءِ تعمير ڪيو ويو آهي، هتان پڙهي نڪرندڙ ماڻهو عشق جا علم کڻي محبت جي ميدان ۾ نڪري ۽ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

 انهيءَ اداري سان مرشد لطيف سميت سنڌ جي بزرگن صوفين ۽ شاعرن جو پيغام عام ماڻهن تائين پهچندو. صوفين ۽ شاعرن هونئن به ساري ڄمار ۾ پيار پکيڙڻ جو درس ڏنو، ڇو ته پيار ئي اهڙو جذبو آهي جنهن سان نفرتون ختم ڪري سگهجن ٿيون قلم ئي اهڙو هٿيار آهي جنهن وسيلي ماڻهو بنا ڪنهن خونريزي جي پنهنجو پيغام دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي سگهي ٿو.

صوفي يونيورسٽي قائم ٿيڻ هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي پر ان سان گڏ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي به آهي ته هن اداري ۾ ايماندار ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي ڇو ته سدائين ائين ٿيندو آهي جو بهترين ادارا اهڙن ماڻهن جي ور چڙهي ويندا آهن، جن کي ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ناهي هوندي تنهن ڪري اسان سڀني کي اداري جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ نسل انهيءَ اداري مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ سان گڏ پيار جي پرچار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ۽ تصوف جو پيغام هر وستي ۽ هر واهڻ تائين پهچائي.*