سنڌي اخبارون ۽ صحافتي لاڙا

اشفاق حسين جمالي

خوشگوار زندگي گذارڻ لاءِ ماحول ۾ سڪون جو عنصر هئڻ نهايت ضروري هوندو آهي. پر ڇا اسان کي هينئر سڪون ميسر آهي؟

سنڌي ٻولي ڊگھي عرصي کان ڪميونيڪيشن  لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي. سنڌي پرنٽنگ جي شروعات 1848ع ۾ ٿي. جڏھن ته سنڌي پھريون ڪتاب 1858ع ۾ ڇپيو.

 خاص ڪري سنڌ جي سياسي سماجي توڙي ثقافتي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ سنڌي اخبارن جو اھم ڪردار رھيو آھي.

سنڌي پھرين اخبار 1880ع ۾ معين الاسلام جي نالي سان ڇپي جنھن کانپوءِ سنڌ سڌار، معاون، مجمه سرسوتي، آفتاب، مسافر ۽ الحق ڇپجڻ شروع ٿيون.

 جن سنڌ جي بھتر نموني نمائندگي ڪئي. بعد ۾ ڇپجندڙ اخبارن جنھن ۾ الحلال، الامين ، توحيد ستارا سنڌ ۽ صبح سنڌ علائقائي مسئلن کي عوام آڏو چٽو ڪري بھترين خدمتون سرانجام ڏنو.

1946ع ۾ حلال پاڪستان حيدرآباد مان چپجڻ شروع ٿي جنھن عوام ۾ الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ ۾ پڻ جلوه ڏيکاريا.

اھڙي ريت اڄوڪي دور ۾ جيڪي اخبارون سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪري رھيون آھن. انھن ۾ عبرت، ڪاوش، ڪوشش، خبرون، عوامي آواز، مھراڻ، سنڌ ايڪسپريس، شام، سنڌو، سوڀ ۽ تعمير سنڌ جا نالا تعريف جوڳا آھن.

 جيڪي نه صرف سنڌ جي علائقائي بلڪ سياسي سماجي اقتصادي ۽ عوامي مسئلن کي اڀارڻ جي لحاظ سان اھميت رکن ٿيون.

 گذريل سال سنڌ ۾ مھا ٻوڏ ٿيندڙ تباھي کي دنيا آڏو آڻڻ ۾ انھن اخبارن پنھنجون ذميداريون بھتر نموني نڀائي تباھي جا انگ اکر دنيا آڏو رکيا اُھا حقيقت آھي ته حڪومت اڪيلي سر مھا ٻوڏ جي تباھي جي نشاندھي نه پئي ڪري سگھي پر ان ڏکئي وقت ۾ سنڌي اخبارن ھر لحاظ سان حڪومت توڙي عوام جي خدمت ڪري پنھنجوقومي فرض سرانجام ڏنو.

 حڪومت تباھي جو اندازو لڳائي متاثرن جي مدد لاءِ بھتر اُپاءُ ورتا. جيتوڻيڪ ٻوڏ متاثرن جي واھر لاءِ پرڏيھي ملڪن توڙي يونائيٽيڊ نيشن يعني گڏيل قومن پاران امدادي سامان ته موڪليو ويو پر ان جي ورھاست ۾ گھوٻيون به لڳايون ويون.

امدادي سامان متاثرن بجاءِ من پسندن ۾ ورھايو ويو ان حقيقت کي جھڙي نموني سنڌي اخبارن اجاگر ڪيو ان جي جيتري به تعريف ڪجي گھٽ آھي.

امدادي سامان ۾ گھوٻين جون خبرون اخبارن ۾ اچڻ بعد حڪومت سٺو اسٽينڊ کيون ۽ متاثرن تائين امدادي سامان جي ورڇ کي يقيني بڻايو ويو اھا حقيقت آھي ته جيستائين ڪنھن به اخبار جي نمائندگي ڪندڙ نمائندا توڙي رپوٽر بھتر رپورٽنگ نه ڪندا تيستائين اُھا عوامي مسئلن  کي بھتر نموني اجاگر نه ڪري سگھجي ڇو ته رپوٽر اخبار جي معيار کي بھتر بڻائي سگھن ٿا.

باھمت ۽ پنھنجي ڪم سان سچا  نمائندا ۽ رپوٽر پنھنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ سوديبازي، سُستائپ ناھن ڪندا پوءِ ڇونه ھنن کي ذميواريون نڀائيندي پنھنجي زندگين کان ھٿ ڌوئڻون پئجي وڃي.

 بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ صحافين کي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گھٽ آزادي ۽ تحفظ حاصل آھي اھوئي سبب آھي ته پاڪستان ۾ صحافين جي قتل ۽ تشدد جا واقعا به گھڻا ٿين ٿا.

نه صرف ھاڻوڪي بلڪ ورھاڱي کان اڳ به بھتر خدمتون سرانجام ڏئي پنھنجو پاڻ مڃرايو. 10 جون 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ اکيون کوليندڙ ناليواري صحافي رام ڪرشن ھيرنند ايڊواني ورھاڱي کان اڳ ڪيترن ئي اخبارن ۽ ميگزينن ۾ سنڌ توڙي قومي مسئلن تي آرٽيڪل لکيا، سندس نالو سنڌ جي پراڻن سينيئر صحافين ۾ لکيو ويندو آھي.

 ناليواري محقف شمشير الحيدري حلال پاڪستان ۾ ايڊيٽر جون خدمتون سر انجام ڏنيون. ان کان علاوه ھي سنڌ ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رھيو ان کان علاوه امر گرڙو جي صحافتي خدمتن تي ھڪ نظر وڌي وڃي ته اھو چوڻ غلط نه ھوندو، ھن قومي مسئلن کي دنيا آڏو آڻڻ ۾ نه وسرندڙ ڪردار ادا ڪيو اھڙي ريت شيخ عبدالماجد سنڌي، مولانا دين محمد وفائي، پير علي محمد راشدي ۽ عبدالرحمان جون صحافتي خدمتون تعريف جوڳيون آھن.*