ٻين لاء جيئڻ سان ئي ڪردار امر ٿين ٿا

سنتوش ڪمار

انسان اهو جاندار آهي جنهن ۾ سوچ، سمجهه واري صلاحيت موجود آهي، جنهن ۾ غلط، صحيح کي پرکڻ جي قابليت موجود آهي.

تون جڏهن سنسار ۾ آئين ته جڳ کِليو ۽ تون روئيندو رهين ۽ هاڻي ائين ڪري وڃ جو تون کلين ۽ جڳ روئي.(ڪبير)

هن دنيا جي نقشي تي خدا تعاليٰ اڻ ڳڻيون شيون خلقيون آهن جن مان هڪ اسان پيدا ڪيو، ان هلندي هلندي پنهنجو پاڻ سڃاتو ته آئون ڇا آهيان؟ انسان جنهن کي اشرف المخلوقات چيو وڃي ٿو. مطلب ته سڀني مخلوقات کان اعليٰ آهي ڇو ته هن مخلوق ۾ احساس، جذبا ۽ فڪر موجود آهن، جيڪي شايد ٻين ۾ نه هجن ڇو ته انسان جي دلين ۾ رب جي ذات وسندي آهي. رب راضي تڏهن ٿيندو آهي جڏهن انسان ان کان راضي هجن.

پر اڄ هن سماجي سرشتي ۾ سواءِ چند ماڻهن جي هر ڪنهن جي اها ئي خواهش هوندي آهي ته هن معاشري ۾ کيس عزت، آبرو ۽ مان، مرتبو حاصل هجي، هر ماڻهو مون سان بهرين رويي سان پيش اچي.

پر وري ڪي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي ”ٻين لاءِ جيئڻ“ کي پنهنجو مقصد بڻائي جيڪي پنهنجي محنت، محبت ۽ اڻٿڪ ڪاوشن سان پنهنجي ڪردار کي امر ڪري ڇڏيندا آهن. جيڪي ڪڏهن اهو ناهن سوچيندا ته اسان ڪهڙي صورت ۾ آهيون ڏکيا آهيون يا سُک سان جيئون ٿا پر ٻين جي خوشين ۾ تمام گهڻو فخر محسوس ڪندي نظر ايندا آهن.

هتي الڳ الڳ سوچن ۽ نظرين وارا ماڻهو پڻ آهن جن جون سوچون اهڙيون ته هونديون آهن جو ڪنهن نانگ جي زهر کان وڌيڪ زهريليون هونديون آهن.

اهڙي سوچ تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن انسان جي دل ۾ لالچ جا بادل ڇانيل هوندا آهن پر پوءِ به پنهنجو پاڻ کي سچا سمجهندا آهن، پر حقيقت ۾ اهي پنهنجي ضمير، آتما سان دوکو ڪري رهيا آهن. اهڙين ماڻهن جو وجود هن پرٿوي تي هڪ بوجهه مثل هوندو آهي ۽ پوءِ هميشه لاءِ مٽجي ويندو آهي.

يقيناً هڪ ڳالهه اسان جي سامهون آهي ته زندگي هڪ ڀيرو ملندي آهي بار بار نه .... ۽ اهو واحد موقعو آهي پنهنجو ڪردار ٺاهڻ جو.

جيڪي انسان کي نفرت ۽ حسد کان بچائي امن شانتي جا گُڻَ سيکاريندا آهن تڏهن ئي اهي امر ٿيندا آهن.

پيار نه ڪي زمين ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ نه ئي دوڪانن تي وڪامي ٿو، راجا هجي يا رعيت (پيار) سر ڏيئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. جڏهن انسان اهي قربانيون ڏيندو آهي تڏهن ئي دنيا ۾ محبت جا باغ پوکي پوين لاءِ سبق ڇڏي ويندو آهي ته بهتر زندگي ڪيئن گذارجي ۽ اهي ئي خدا جا پيارا سڏبا آهن.*