غربت سبب خود ڪشيون

ساره خليل پا ٽولي

غربت هڪ اهڙي لعنت آهي، جنهن سان انسان جون سوچون تبديل ٿي وڃن ٿيون. هر ماڻهو پنهنجي اصليت وساري ويهي ٿو ڇو ته ان ۾ اها صلاحيت ناهي جو هڪ قدم اڳتي وڌائي ڪري پنهنجي خوابن کي پورو ڪري. 

هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته هو ڪنهن سٺي عهدي تي فائز هجي ۽ اها هر شيءِ موجود هئڻ کپي جيڪا ضرورت وقت ڪم اچي، پر غربت سبب اهي خواهشون، اميدون ۽ ارمان جيئن مٽي کي هوا ۾ اڏاريو ويندو آهي ته ان جو نالو نشان ناهي رهندو خبر ناهي پوندي ته ڪاڏي وئي ساڳئي نموني جيڪي پنهنجو پيٽ نٿا پالي سگهن، اهي ڪيئن پنهنجي خواهشن کي پورو ڪري سگهندا.

 آخر ڇو انهن غريب، مسڪين ماڻهن کي بهترين زندگي گذارڻ جو ڪو حق ناهي؟ زندگي هڪ انمول تحفو آهي جيڪو خدا جي طرفان هڪ دفعو ملندو آهي ٻيهر نه....!

آخر غربت ڇو ٿيندي آهي؟ ان جا ٻه وڏا ڪارڻ آهن، بيروزگاري، مهنگائي، جن سان عام ماڻهو جي چيلهه چٻي ٿي پوي ٿي.

جڏهن ماڻهو کي بيروزگار سبب ڪو وسيلو نه هجي جنهن سان هو پنهنجي خاندان کي ضروري شيون مهيا ڪري.

 جڏهن ڪنهن گهر ۾ ڪو فرد بيماري سبب تڙپندو هجي ته گهر کي هلائڻ واري اڳواڻ وٽ هڪ پائي نه هجي ۽ وري جڏهن ڪنهن هاسپيٽل اگر کڻي به وڃي ته ان کي ڪهڙي موٽ ملندي. ڇا ڊاڪٽر جنهن کي خدائي پيشو سڏيو وڃي ٿو اهي هن غريب ۽ مظلوم جو مفت ۾ علاج ڪندا؟ ڪڏهن به نه، تنهن ڪري پنهنجي جان مان بيزار ٿي وڃي خودڪشي جهڙي غلط ڪم کي اپنائن ٿا.

 انسان پنهنجي شوق سان ڪڏهن به جان جي قرباني ناهي ڏيندو ڀلي اهو ڪيترو به ڏکيو ڇو نه هجي، پر جڏهن انسان هر پاسي کان مايوس ٿي هڪ ڪومايل گل وانگر، بيوس ۽ لاچار ٿي پنهنجي جان قربان ڪري ٿو.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هر روز ڪيترائي گهر برباد ٿيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا جنهن جا نوجوان جيڪي بيروزگاري سبب خودڪشي ڪن ٿا.

 چوندا آهن ته مايوس نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته مايوسي هڪ ڪفر آهي اها ڳالهه خدا تعاليٰ کي ناپسند آهي.

 جيڪڏهن اسان جي سرڪار جوڳا اپاءَ وٺي ته انساني زندگيون بچي سگهن ٿيون.

هر ماڻهو کي ننڍو يا وڏو روزگار هجي ته هو پنهنجي خاندان جي سٺي نموني تربيت ڪري سگهي ٿو ۽ اهي ايندڙ وقت جا حڪمران ۽ پنهنجي ملڪ جا سٺا شهري ثابت ٿي سگهن ٿا پر هڪ افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ عوامي نمائندو ”رياض پيرزادو“ قومي اسيمبلي ۾ وڏي فخر سان چيو ته ڪجهه مرن ٿا ته وري ڪيترائي پيدا ٿين ٿا.

اسان کي مايوس نه ٿيڻ کپي جيڪڏهن الله ماري ٿو ته ان ۾ سرڪار جو ڪهڙو ڏوهه آهي، ڇا اهي لفظ انساني حقن کي پيرن هيٺان ڪچلڻ برابر نه آهن؟ پر جي مهنگائي کي ختم ڪري روزگار ڏنو وڃي ته ڪو به فرد پنهنجي سڪون واري زندگي برباد نه ڪندو ۽ هميشه پنهنجي عزيزن سان هر وقت خوش ۽ مسڪرائيندو رهندو ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري آسمان ۾ تارن وانگر چمڪائيندو.*