اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل

ماجد سومرو

سنڌ هميشه لاهن چاڙهن ۾ رهي آهي. سنڌ جي عروج جي ڪارڻ تعليم آهي ۽ زوال جو ڪارڻ به تعليم ئي رهي آهي. اڄ وري سنڌ جي تعليم زوال طرف ڌڪجي رهي آهي.

ان جو سبب اهو آهي ته اڄ سنڌ اهڙن وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ور چڙهيل آهي جنهن کي اسان تعليم دشمن چئي سگهون ٿا.

ڪنهن به عمارت جي بناوت ۾ ان جي مضبوط بنياد جو ڪردار اهم هوندو آهي. ساڳي طريقي سان تعليم به هڪ انسان جو بنيادي حصو آهي.

پر افسوس سنڌ جا اهي اسڪول جتان انسان پنهنجي بنيادي تعليم حاصل ڪري پنهنجي ايندڙ مستقبل کي رنگين ۽ اعليٰ بنائڻ جا خواب ڏسن ٿا انهن اسڪولن ۾ اڄڪلهه زوال جي ڪهاڻي لکي وئي آهي.

ان زوال جو ڪارڻ اهو آهي ته جن اسڪولن ۾ ٻارڙن جو مستقبل آهي اهي اسڪول وڏيرن ۽ جاگيردارن جون اوطاقون بڻيل آهن. جنهن جو هڪ مثال توهان جي آڏو رکان ٿو.

ريتي نالي ڳوٺ ۾ 50 گهر آباد آهن جنهن جي ڪل آبادي 200 کان 300 جي لڳ ڀڳ آهي. ڳوٺ ۾ 2 سرڪاري اسڪول آهن  جنهن مان هڪ اسڪول ته ڪنهن به نموني سان تعليمي ادارو نٿو لڳي.

جنهن ۾ اڪثر پالتو جانور، ٻڌل ڏٺا ويا آهن. اسڪول اتي جي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي اوطاقن ۾ ڪم آندو پيو وڃي يا وري شادي هال طور ڪتب آندو ويندو آهي حڪومت تعليم لاءِ اسڪول جون بلڊنگون ته ٺهرائي ٿي پر انهن اسڪولن ۾ تعليم تي توجهه نه پيو ڏنو وڃي.

حڪمرانن جي غفلت سبب ملڪ جي اسڪولن جي حالت تمام گهڻي خراب آهي سنڌ جي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ جانور ٻڌل آهن ۽ قوم جو مستقبل تباهه ڪيو پيو وڃي ٻارن جي تعليم خراب ٿي رهي آهي.

سنڌ ۾ سرڪاري اهلڪار ساڍا ست هزار اسڪول بند هجڻ جو اعتراف ڪندا رهيا آهن. اسڪول هلن به ٿا ته انهن ۾ تعليم جو معيار بهتر نه آهي.

سنڌ جي ڳوٺن جي تعليم سڌارڻ لاءِ حڪومت کي گهرجي ته انهن ويران اسڪولن جي سار سنڀال لهن ۽ انهن وڏيرن جي خلاف سخت سخت ڪارروائي ڪن ته جيئن ايندڙ نسل جا ٻار سٺي بنيادي تعليم حاصل ڪري اسان جي سهڻي سنڌ ۽ اسان جي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن.*