پاڪستان جو تعليمي نطام

انيسه عباسي

تعليم اسان لاءِ هڪ غنيمت آهي جيڪا انسانيت سيکاري ٿي ۽ انسان کي انسان هجڻ جي بنيادي سڃاڻ ڏئي ٿي.

 تعليم انسان کي حسنِ سلوڪ، دوست، دشمن، غلط صحيح جي پرک ڏئي ٿي. سماج ۾ بهترين هلت چلت ۽ صحيح فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت بخشي ٿي.

پاڪستان ۾ ڏوهن جو وڌڻ، ذاتي ۽ قومي جهيڙا، مذهب جي نالي تي ماڻهو مارڻ، ڪاروڪاري، سڱ چٽي اهي سڀ مسئلا تعليم جي گهٽ هئڻ ڪري جنم وٺن ٿا.

پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ تعليم جا حال پورا آهن سنڌ جي ٻهراڙين جي علائقن جا اسڪول وڏيرن جون اوطاقون ۽ چوپائي مال جا واڙا بڻيل آهن.

پاڪستان جي حڪومت مطابق پاڪستان ۾ هر ٻار کي 5 سالن کان 16 سالن تائين تعليم ضروري ۽ مفت ڏيارڻ حڪومتَ جو فرض آهي.

 پر شايد اهو بيان محض بيان ئي آهي ڇو ته تعليمي ادارن جو انتظام نه هئڻ ڪري ئي 5 سالن کان 16 سالن تائين جا ٻار روڊن رستن تي پني پنهنجو پيٽ پالي رهيا آهن.

 استادن جي گهٽتائي، نصابي ڪتابن جي کوٽ، ٽرانسپورٽ جو نه هئڻ غريب ماڻهن لاءِ تعليم کي تقريبن ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي ۽ وري اسان جا سياستدان پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ هر روز هڙتال ۽ احتجاج ڪريو ويٺا آهن. ان ڪري به تعليمي ادارن تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو ۽ ٻار صحيح نموني تعليم حاصل نٿا ڪري سگهن.

ڪجهه علائقن ۾ جيڪڏهن اسڪولن جون عمارتون آهن ته اتي استاد ناهن تنهنڪري انهن اسڪولن جي تالن کي به ڪٽ لڳل آهي، جتي ٿورو گهڻو تعليم جو سلسلو شروع ٿيو هو ته ٻوڏ جي ڪري اهو به ختم ٿي ويو ۽ جتي ٻوڏ جو پاڻي نه آيو ته اتان جا اسڪول ٻوڏ متاثرن جي رهائش گاهه طور تي استعمال ڪيا ويا، ان ڪري به تعليم کي گهڻو نقصان پهتو پر حڪومت ان ايڏي وڏي نقصان تي ڪو خاص ڌيان ناهي ڏنو.

پرائيويٽ اسڪولن ۾ تعليم ٺيڪ آهي پر اتي وري غريب ماڻهن جا ٻار ڳري فين ڪري پڙهي نٿا سگهن، انهيءَ ڪري حڪومت کي کپي ته تعليمي نظام تي مڪمل ڌيان ڏئي.

شاگردن کي اسڪول توڙي سٺا استاد، نصابي ڪتاب، ٽرانسپورٽ جون سهولتون مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ شاگردن کي اسڪالرشپ وغيره ڏئي معاشري جي ماڻهن جو رجحان تعليم ڏانهن ڇڪائڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان جي مستقبل ۾ ڪا روشني جي ڪرن نظر اچي.*