ٽنڊي الهيار وارو ڪچوقلعو

نعمان گل بوزدار

ميرن جي حڪومت دوران، ميرن ڏاکڻي سنڌ ۽ اوڀر سنڌ ۾ نوان قلعا تعمير ڪرايا جيئن نئون ڪوٽ قلعو، مٺي وارو قلعو گڊي جي ڀٽ به مشهور آهي.

ٽنڊي الهيار وارو قلعو به انهن مان هڪ آهي، هي قلعو مير الهيار خان ٽالپر ولد مير فتح خان ٽالپر 1790ع ۾ تعمير ڪرايو، جيڪو پراڻي ساگري درياهه جي ساڄي ڪپ تي واقع هو.

هي قلعو چئن برجن تي مشتمل هو سندس دروازو اوڀر ۽ ڏکڻ واري برج جي لڳ اولهه پاسي هو. اهو اندازو نٿو ڪري سگهجي ته هن قلعي ۾ ڪيترا ڪمرا هئا ڇو ته هي قلعو مير الهيار خان پنهنجي رهائش لاءِ ٺهرايو هو.

 ڪيترن شاهدين مان معلوم ٿئي ٿو ته هن قلعي ۾ هڪ کوهه به موجود هو جيڪو هاڻي ناهي 1843ع کان پوءِ هي قلعو انگريزن جي حوالي ٿيو هن قلعي ۾ هڪ انگريز جي قبر هئي جنهن جو نالو سندس تختي موجب ڊيوڊ اورنگ هو جنهن جي وفات پهرين آگسٽ 1843ع لکيل هئي، پر هاڻي ان قبر جو نالو نشان به ڪونهي 1854ع ۾ ٽنڊو الهيار کي تعلقي جو درجو مليو. قلعي اندر مختيارڪار جي آفيس تعلقي ٽنڊو الهيار جي ٿاڻي جو لاڪپ پڻ تعمير ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي.

ثقافت کاتي جي لاپرواهي ۽ ميونسپل ڪميٽي جي بي حسي ڪري هي قلعو پنهنجي سونهن وڃائي رهيو آهي.

 هن قلعي جا ٽي برج ته مڪمل طور ختم ٿي چڪا آهن باقي اتر ۽ اوڀر وارو برج پوين پساهن ۾ آهي جيڪو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ڀڄي ڀُري پنهنجي سونهن ۽ تاريخ وڃائي سگهي ٿو. تنهنڪري حڪومت ۽ ثقافت کاتي کي گهرجي ته هن قلعي جي سار سنڀال لڌي وڃي ته جيئن ايندڙ نسل پنهنجي قديم ثقافت کي سڃاڻي سگهي.

 برسات ۽ قدرتي آفتون مسلسل ان کي نقصان رسائي رهيون آهن ثقافت کاتي کي گهرجي ته وقت سر ان جي مرمت ڪرائي ته جيئن ان کي تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهجي.*