ادب ڪان پري ٿيل اڄ جانوجوان

عمران ملڪ

  ادب اڳيئي لڏيو، حياءُ لڏيو هاڻ

وئي ويچاري نڪري، جيڪا محبت هئي مهان

ڪونجون ڪانگيرن سين ريجهو ڪن رهاڻ

اهڙي اُهڃاڻ، ”سيد“ چوي سُڃ ٿي

 ”شاهه“

هر دور ۾ تاريخ کي قلمبند ڪرڻ لاءِ ان دور جي عالمن ادب ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ادب جي ڪري ڪيترائي انسان دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري ويا، انهن کي وفات ڪئي ڪيترائي سال ٿيا آهن. پر اُهي اڄ به پنهنجي لکڻين جي ڪري اسان وٽ تمام عزت ۽ احترام سان ياد ڪيا وڃن ٿا. ادب اها ڏات آهي جيڪا هر ڪنهن کي نصيب نه ٿيندي آهي ۽ ادب جي ڪري ماڻهو پٿر مان سون ٿي پوندو آهي.

جيئن اسان شيخ اياز جو مثال وٺون ته جيڪڏهن هو شاعر ۽ اديب نه هجي ها ته هو صرف وڪيل هجي ها. هو صرف پٿر يا مٽي هجي ها پر جڏهن ان کي ادب جو پاڻي مليو ته هو مشهور ٿي پيو ۽ سون جهڙو ٿي پيو.

افسوس! اڄ ڪلهه جا نوجوان ادب کان پري ٿيندا پيا وڃن، هو ڪتاب نٿا پڙهن، هنن جو رُجحان بس سوشل نيٽورڪ ۾ آهي. اڄ ڪلهه جا نوجوان پنهنجو مستقبل پاڻ کي سوشل نيٽورڪنگ ۾ چيٽنگ ڪرڻ، پنهنجون تصويرون ۽ وڊيو وغيره اپ لوڊ ڪرڻ ۾ سمجهن ٿا.

 جڏهن کان سوشل نيٽورڪ جو رجحان وڌيو ته ادب جو رجحان بلڪل گهٽجي ويو. نوجوان پنهنجي دوستن سان به رڳو فلمي دنيا ۽ فلمي ميوزڪ جون ڪچهريون ڪن ٿا.

 اڄ ڪلهه جي نوجوان کي شاعر اديب ۽ ادبي ڳالهين کان ڄڻ نفرت ٿي وئي آهي، اُهي انهن ڳالهين کي ”مٿي جو سور“ چون ٿا ۽ اڄ ڪلهه جي ڊسڪو ميوزڪ کي روح جي راحت چون ٿا.

۽ انهن جي وات ۾ اڪثر اهڙا لفظ اچن ٿا ته يار شاعر ۽ اديب چريا هوندا اٿئي“ اهڙا لفظ چوڻ جي ڪري نوجوان جي دل ۾ اڃا به ادب جو شوق ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ اهي اديبن کي چريو يا ديوانو ٿا سڏين، پر حقيقت ۾ ائين نه آهي جيئن اڄ جا نوجوان پيا چون اديب ۽ شاعر دنيا جي هر پس منظر کان واقف آهن انهن جو هر لفظ اونهي معنيٰ رکي ٿو، جيڪو اڄ جي نوجوان جي سوچ کان ٻاهر آهي، اڄ جو نوجوان ادبي ڪچهرين ۾ نٿو ويهي، ادبي رهاڻن ۾ حصو وٺندو ته ڪجهه حاصل ڪندو. نوجوان پنهنجي اصل مقصد کان گهڻو پري هٽي رهيو آهي، جيڪو فلمي دنيا جي ڪمن کي ترجيح ڏيئي ٿو.

 اسين اڄ جي نوجوان کي گذارش ٿا ڪيون ته اُهي ادبي شاعري، ادبي ڪچهريءَ کي وڌيڪ شوق سان ٻڌن ۽ پنهنجي ادبي شاعرن جي چيل لفظن کي سمجهي ۽ ادبي ڪچهرين کي وڌيڪ وقت ڏئي ته جيئن ادب جو رجحان وڌي ۽ هر نوجوان پهريائين اديبن کان واقف ٿئي.

 ادب لفظ جو وڏو مان مرتبو آهي. پر افسوس آهي ته اڄ جو نوجوان ادب جهڙي لفظ کان اڻواقف آهي.

غير ذميواري زندگي گذارڻ ڄڻ موت جي مثل آهي. جيڪو اديبن ۽ ادب کان اڻواقف آهي ڄڻ انهيءَ جنم ئي نه ورتو آهي.*