سنڌ ۾ اوطاقن جو زوال

صابر علي ٻرڙو

سنڌ عظيم، قديم ۽ هزارين سالن جي تهذيبن واري ڌرتي آهي. سنڌ صوفين درويشن ۽ الله لوڪ فقيرن جي ڌرتي آهي. اوطاقون سنڌ جي سڃاڻ ثقافت ۽ مهمان نوازي جو اعليٰ مثال رهيون آهن.

اوطاقن جو مقصد اهو هو ته مٽ مائٽ ۽ پاڙيوارا رات جي وقت پنهنجو ڪم ڪار ڇڏائي اوطاق تي گڏ ٿيندا هئا ۽ اتي پنهنجو سمورو ڏک سور اوريندا هئا.

 ان مان اها خبر پوندي هئي ته ڪنهن سان ڪهڙو مسئلو آهي. جيڪڏهن ڪنهن سان ڪو مسئلو هوندو به هو ته گڏجي ڪري ان مسئلي جو حل ڪڍيو ويندو هو.

اسڪول کان پوءِ اوطاقون ئي تربيت جو ذريعو هونديون هيون. جتي ٻارن کي ادب اخلاق، وڏڙن جي عزت ڪرڻ ۽ اٿڻ ويهڻ جا طريقا پڻ سيکاريا ويندا هئا.

اڪثر ڪري سياري جي موسم ۾ اوطاقن تي رونق لڳي پئي هوندي هئي. جتي باهه جا مچ ٻاري پوري ڳوٺ جا ماڻهو ان جي چوڌاري ويهي ڪچهريون ڪندا هئا.

 ڪچهرين ۾ ڳجهارتون، مولود، نڙ بيت، شاعري وغره ٻڌائيندا هئا. جنهن سان ماڻهن ۾ ادبي لاڙو وڌندو هو.

پر اڄ ڪلهه سنڌ ۾ اوطاقن جو رجحان ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندو پيو وڃي. تنهن تي سنڌ جي هڪ عظيم شاعر طالب الموليٰ فرمايو آهي ته:

                                     اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،

                                آ ديسي اٿي ويا مڏييون مون مارين،

                            جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.

جيئن جيئن انسان جديد دؤر ڏانهن قدم رکندو ٿو وڃي تيئن تيئن زندگي جي دَل دَل ۾ ڦاسندو پيو وڃي. تنهن ڪري ماڻهوءَ کي اوطاقن ڏانهن وڃڻ لاءِ وقت ئي ڪونه ٿو ملي. جنهن جي سبب اڄ سنڌ جون اوطاقون ويران پيل آهن.

اوطاقن جي زوال جو هڪ ڪارڻ مهانگائي به آهي. ڇو جو هڪ غريب پورهيت ماڻهو سج اڀرڻ کان وٺي سج لهڻ تائين سخت جستجو ۽ جفاڪشي جي باوجود پنهنجي گهر کي چڱي طرح ڪونه ٿو هلائي سگهي ته هن مهانگائي جي دؤر ۾ اوطاق کي ڪيئن وقت ڏئي سگهندو؟ اوطاقن جي زوال جو ٻيو سبب هي به آهي ته ڳوٺاڻا اوطاق وڃڻ جي بجاءِ گهر ۾ ويهي يا هوٽلن تي وڃي وي سي آر يا ڪيبل تي فلمون يا ڊراما ڏسڻ کي ترجيح ڏين ٿا.

آءُ ڳوٺاڻن کي گذارش ڪندس ته هوٽلن تي ويهي وقت وڃائڻ بجاءِ پنهنجي اوطاقن کي آباد ڪن.*