صحافت بابت ٻهراڙين ۾ تصور

اسدڀٽو

صحافي معاشري جي سٺي ۽ خراب شين جي عڪسبندي ڪري ٿو. ميڊيا اڄ آزاد آهي. ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن سڌارو اچي رهيو آهي ۽ روز نوان چئنل کُلي رهيا آهن.

 جتي هرهڪ کي پنهنجو پاڻ مڃائڻ جو موقعو ملي ٿو. صحافت هڪ چٽا ڀيٽي وارو شعبو آهي. جيڪو هڪ عام ماڻهو جي وس کان ٻاهر آهي. پر ٻهراڙين جا ماڻهو ان جي اهميت کان بي خبر آهن.

 ٻهراڙين ۾ اهو تصور عام آهي ته صحافت ۾ صرف رپورٽنگ ئي ٿئي ٿي ۽ صحافي صرف اهو ئي ڪم ڪري سگهي ٿو اتان جي ماڻهن ۾ اهو تصور عام آهي ته صحافي صرف ڪئميرا کڻي ماڻهن جي پٺيان خبر وٺڻ لاءِ هوندو آهي. ان جي زندگي ۾ ڪوبه سُک ناهي.

ان ڪري اسان جي ٻهراڙين جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي صرف ڊاڪٽر يا انجنيئر ڏسڻ چاهين ٿا. ڇو ته ان ۾ وڏا مزا آهن.

 ۽ وڏا پئسا آهن ان ڪري هو پنهنجي اولاد کي سيلف تي به ميڊيڪل يا انجنئيرنگ ۾ داخلا وٺي ڏيندا آهن. ڀلي ٻار کي اهو سمجهه ۾ اچي يا نه، بس ان کي ان ۾ ئي پڙهڻو آهي.

آءُ اها ڳالهه ان ڪري، ڪري رهيو آهيان ڇو ته منهنجو تعلق به هڪ اهڙي ڳوٺ سان آهي جتي جا ماڻهو به صحافت جي شعبي کان اڻواقف آهن ۽ جڏهن منهنجي داخلا ماس ڪميونيڪيشن ۾ ٿي ته سڀني مون کي روڪيو ان ۾ داخلا نه وٺ ۽ جڏهن گهڻي ڪوشش کان پوءِ به ڊپارٽمينٽ چئينج نه ٿيو ته منهنجي والد چيو ان کان سٺو اٿئي وڃي پرائيويٽ سائيڊ کان بي اي ڪري ڪميشن ڪر. ڇو ته ميڊيا ۾ چار سال پڙهڻ کان پوءِ به ڪُلهي تي ڪئميرا ۽ هٿ ۾ مائيڪ هوندئي اهو ڪم ته تون بنا پڙهڻ جي به ڪري سگهين ٿو.

 مون پنهنجي والد کي سمجهايو ته ان ۾ صرف اهو ناهي ميڊيا هڪ وڏو شعبو آهي ان ۾ سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. ۽ هيءُ ميڊيا جو دؤر آهي ۽ هڪ پروفيشنل ۽ انٽر پاس واري صحافي ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي.

 هر عام ماڻهو کي به کپي ته هو سوچي سمجهي فيصلو ڪري. ٻهراڙي وارن کي گهرجي ته پهريان صحافت کي سمجهن ته هن ۾ صرف رپورٽنگ ئي ڪونه ٿيندي آهي ٻيا به ڪيترا ڪم آهن جيڪي هتي سيکاريا ويندا آهن ۽ پريڪٽيڪل ڪرايا ويندا آهن ۽ اهي سکڻ کان پوءِ شاگرد ايترو قابل ٿي نڪرندو آهي جو هو ڪٿي به با آساني روزگار سان لڳي ويندو آهي جيئن چوندا آهن ته هنر وارو ماڻهو ڪڏهن به بيروزگار نٿو رهي.*