ساهتي پر گڻي ۾ تعليم جي تباهوي جو احوال

الطاف سيال

ڪنهن به سماج جي بهتري لاءِ صحت ۽ تعليم جو بهترين هجڻ اولين شرط آهي پر بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ ٻنهي شين کي هميشه نظر انداز ڪيو ويندو آهي.

 جنهن ڪري هڪ طرف بيشمار بيماريون انسان جو مقدر بڻجي ويون آهن ته ٻئي پاسي جهالت جو راڄ قائم آهي.

سنڌ جي ڪافي علائقن مان تعليم جو رجحان گهٽجندو پيو وڃي انهن علائقن ۾ تعلقي ڀريا سٽي جو به شمار ٿئي ٿو.

تعلقي ڀريا سٽي ۾ 550 پرائمري بوائز سڪول 100 مٿي پرائمري گرلز اسڪول 8 مڊل اسڪول 9 هاءِ اسڪول 3 ڪاليج ۽ 10 کان مٿي گرلز هاءِ اسڪول ۾ سوين استاد هزارين رپيا پگهارون کڻن ٿا پر تنهن هوندي به تعلقي ڀريا جي اسڪولن ۾ 50 هزار کان مٿي داخل شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي.

تعلقي ڀريا سٽي ۾ سروي ڪري ڏٺو وڃي ته ڪيترا ئي اسڪول ماسترن جي گهٽ تعداد سبب بند پيل آهن. ڀريا جي در ٻيلي واري علائقي ۾ سوا سئو جي لڳ ڀڳ اسڪولن مان 20 کان 30 اسڪول هلندڙ آهن.

باقي ٻيون اسڪولي عمارتون وقت جي دز ۾ لٽجي رهيون آهن ڳوٺ وڏا صوبيدار ۾ مين پرائمري اسڪول مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. هاڻي هتي نه ڪو شاگرد آهي نه ئي استاد اچن ٿا.

ڳوٺ ڌاتو منگيو پنو ۾ گرلز مڊل اسڪول، فرنيچر ۽ اسٽاف جي نه هئڻ سبب 8 سالن کان بند پيل آهي. گورنمينٽ مفت تعليم جون دعوائون ته ڪري رهي آهي پر ڀريا ۽ انهيءَ جي آس پاس گورنمينٽ اسڪولن ۾ پڙهائي نه هئڻ جي برابر آهي.

استادن جو تعليم جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. اهو بدقسمتي سان چيو وڃي ٿو ته اسان وٽ استادن جون ڀرتيون سياسي بنيادن تي ڪيون وينديون آهن.

تازو ئي سنڌ گورنمينٽ طرفان ميرٽ تي نوان ماستر ڀرتي ڪرڻ جي دعويٰ ڪري پاڪستان جي هڪ سٺي ساک رکندڙ اداري اين.ٽي.ايس ذريعي ٽيسٽ ورتي وئي ته ڀريا سٽي جي ماڻهن ۾ خوشين جي بهار پکڙجي وئي ۽ غربت ۾ جڪڙيل ۽ تعليم کان محروم ٿيل ماڻهن جي ذهنن ۾ نوان خواب جاڳڻ لڳا ته هاڻي اهليت جي بنياد تي ماستر ڀرتي ڪيا ويندا ۽ اسان جا معصوم گلن جهڙا ٻچڙا سٺي تعليم حاصل ڪندا.

ٽيسٽ ۾ اهليت رکندڙ نوجوان 60 سيڪڙو کان مٿي مارڪون کڻي پاس ٿيا. پاس ٿيندڙ نوجوانن جي دلين تي لڳل بيروزگاري جو داغ مٽجڻ لڳا. پر وري پوءِ اوچتو ئي اسان جي ضلعي جي تعليم کاتي طرفان ظاهر ڪيل خالي جاين کي گهٽائي بيروزگار اهليت رکندڙ نوجوانن سان مذاق ڪيو پيو وڃي.

اسان پنهنجي تعليمي ادارن ۾ سياسي ڦوٽو هڻي خوش ٿيون ٿا ۽ ڪنهن ٻئي صوبي جي وزير عليٰ پاران شاگردن ۾ ورهايل ليپ ٽاپ تي کلون ٿا.

هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعلقي ڀريا سٽي جي تباهه ٿيل تعليمي ادارن ۾ سياسي بنيادن تي بدليون ۽ مقرريون بند ڪري ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن.

 تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جاڳرتا مهمون شروع ڪيو وڃن. گوسڙو استادن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو وڃي ته جيئن مستقبل جي معمارن جو آئيندو اونداهين ٿيڻ کان بچي سگهي.*