لاڪڙا پاورپلانٽ

ذولفقارعلي

الله تعاليٰ سنڌ کي معدني وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي انهن ۾ تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻيا کوڙ سارا وسيلا آهن. ٿر مان نڪتل وڏي تعداد ۾ ڪوئلو جنهن کي ڪارو سون پڻ سڏيو وڃي ٿو.

هن وقت پاڪستان جا ڪيترائي پاور پلانٽ ڪوئلي تي هلي رهيا آهن جنهن مان لاکڙا پاور پلانٽ به هڪ آهي.

 لاکڙا پاور پلانٽ سنڌ ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن کي بجلي فراهم ڪري ٿو. سنڌ ۾ 1948ع ۾ تيل جي ڳولا ۾ ڀرما تيل ڪمپني تيل جي ڳولا ڪندي ضلعي دادو ۽ هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري جي سنڌو درياهه جي اولهه طرف حبيب الله ڳوٺ ويجهو تيل جي ڪوشش ۾ کوٽائي ڪندي ان ڪمپني کي ڪوئلو مليو ۽ 1953ع ۾ ان ڪوئلي جي کاڻ کي حبيب الله ڪوئل مائنس جو نالو ڏنو ويو جيڪا لاکڙا پاور پلانٽ کي ڪوئلو ڏيڻ لاءِ ٺاهي وئي ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ 1959ع ۾ اتان جا ماڻهو ان ڪوئلي کي تجارت طور استعمال ڪندا رهيا.

1993ع ۾ ورلڊ بئنڪ ۽ Flue Gas Desulphurization (FGD) انهيءَ وقت جي جديد ٽيڪنالاجي (FBC) Fluidied Bed Combustation  جي تعاون سان اُتي هڪ پاور پلانٽ لڳايو ويو جنهن کي FBC 150 mw پاور پلانٽ جو نالو ڏنو ويو. جنهن ۾ 50 ميگا واٽ جا ٽي يونٽ لڳايا ويا جنهن جو مطلب آهي هي پاور پلانٽ ڪُل 150 ميگا واٽ جو آهي.

 پروگرام موجب هن ۾ 800 ميگا واٽ جو اضافو ڪيو ويندو پر بعد ۾ ان تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو.

هن وقت ان ۾ پاڪستان ۽ سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجن ٻارن جو پيٽ پالين ٿا. لاکڙا پاور پلانٽ هن وقت پيپڪو جي رهنمائي ۾ هلي رهيو آهي.

پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن پاور پلانٽ ۾ ٽي يونٽ آهن پر موجوده وقت ۾ صرف هڪ ئي يونٽ ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو تقريباً 40 کان 45 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي ۽ ڪيتري وقت کان اتي جون ٻه مشينون بند پيل آهن ۽ اهو ٽيون يونٽ به تقريباً بند رهي ٿو.

 جنهن جو سبب پاڻي جي کوٽ يا درياهه ۾ منڇر ڍنڍ جو کارو پاڻي آهي. انهيءَ سبب جي ڪري اُتان جي ماڻهن کي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

حڪومت کي گهرجي ته هن پاور پلانٽ جي بند ٿيل ٻن يونٽن تي ٿورو پئسو خرچ ڪري بند پيل يونٽ هلائي ۽ سنڌ ۾ ڪجهه پاور پلانٽ لڳايا وڃن ته جيئن ملڪ ۾ بجلي جو بحران ختم ڪري سگهجي ۽ بيروزگار ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ جو وسيلو فراهم ٿي سگهي.*