سگريٽ نوشي هڪ فيشن

الطاف حسين ڪلهوڙو

اسين اخبار، مئگزين ۽ ٽيليويزن تي اڪثر ڪري پڙهندا ۽ ڏسندا آهيون ته سگريٽ نوشي صحت لاءِ تمام گهڻي هاڃيڪار آهي ۽ جيترو ٿي سگهي ان کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

عام طور تي هر سگريٽ ڪمپني جي پاڪيٽ تي پڻ هدايت لکيل هوندي آهي ته سگريٽ نوشي صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، ته جيئن ماڻهن کي سگريٽ نوشي جهڙي خراب عادت کان بچائي سگهجي.

 سگريٽ نوشي کي هڪ بري عادت سمجهيو ويندو آهي پر هن دور ۾ سگريٽ نوشي هڪ عادت نه آهي پر هڪ فيشن بڻجي چڪي آهي.

سروي موجب پاڪستان ۾ نوجوان طبقو گهڻي انگ ۾ سگريٽ نوشي ڪري ٿو. نوجوانن ۾ خاص ڪري شاگرد اڪثر ڪري سگريٽ نوشي ڪندا آهن. اڪثر شاگرد جڏهن ڪمپني ۾ هوندا آهن ته دوستن کي ڏسي سگريٽ نوشي ڪندا آهن.

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پڻ اهو فيشن معمول بڻجي ويو آهي ته سينئر شاگرد اڪثر ڪري سگريٽ نوشي ڪندا آهن انهن کي ڏسي جونيئر به ان طرف لاڙو ڪندا آهن.

سگريٽ نوشي کي جيڪڏهن فيشن جو نالو به ڇو نه ڏنو وڃي پر اهو ضرور ياد رکڻ گهرجي ته اها هڪ بري عادت آهي جيڪا توهان جي صحت جي لاءِ تمام گهڻي نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.

 مختلف بيماريون جهڙوڪ ڦڦڙن جو ڪينسر، وات جو ڪينسر ۽ ٻيون موتمار بيماريون سگريٽ نوشي جي ڪري ٿين ٿيون.

ان کان علاوه سگريٽ نوشي نه صرف ان کي استعمال ڪرڻ واري کي نقصان پهچائي ٿي، پر جيڪي ڀر ۾ ويٺل هوندا آهن انهن کي پڻ نقصان پهچائيندي آهي.