ڇوڪرين جي ننڍپڻ ۾شادي

ناديه پٺاڻ

اسلامي قانون جي مطابق شادي هڪ معاهدو آهي، نڪاح جو لفظي مطلب آهي، اهو معاهدو جيڪو ٻن بالغ ماڻهن جي وچ ۾ ٿيندو آهي

 

. قديم زماني ۾ ته شادي جي لاءِ معاهدي جي ضرورت ئي نه هوندي هئي، پر اسلام مسلمانن کي شادي جي سلسلي ۾ باقاعده يعني نڪاح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اهڙيءَ ريت ٻين مذهبن به اهڙي خوبصورت رشتي کي قانوني ڪرڻ لاءِ پنهنجي مذهب جي حوالي سان ڪجهه رسمون ۽ معاهدا رکيا آهن.

 اڄڪلهه جي دور ۾ ته نياڻين جي بالغ ٿيڻ کان اڳ، انهن جي ننڍپڻ ۾ ئي شادي ڪرائڻ هڪ عام ڳالهه ٿي وئي آهي.

تحقيق جي مطابق پاڪستان ۾ ننڍي عمر ۾ شادي ٿيل ڇوڪرين جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، ۽ اهو هڪ اڻ ختم ٿيندڙ سلسلو بڻجي ويو آهي، جيڪو سراسر اسلام جي حڪم ۽ آئين جي خلاف آهي.

ننڍي عمر ۾ شادي ٿيڻ هڪ ڇوڪري ۽ خاندان جو نه پر هڪ معاشري جو به مسئلو آهي. UNICEF جي رپورٽ مطابق 1987ع کان 2005ع تائين پاڪستان ۾ 32 سيڪڙو ڇوڪرين کي نابالغ عمر ۾ پرڻايو ويو.

ننڍي عمر ۾ شادي جو رواج گهڻي قدر ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڏٺو پيو وڃي، جتي تعليم نه هئڻ جي برابر آهي. 2007ع ۾ (UNFPA) جي پاڪستان ۾ ٿيندڙ تحقيق مطابق 58 سيڪڙو ڳوٺن ۾ رهندڙ نياڻين جي شادي 18 سالن کان به گهٽ عمر ۾ ڪرائي پئي وڃي، اِن جي ڀيٽ ۾ 27 سيڪڙو نياڻيون شهرن ۾ ننڍي عمر ۾ پرڻايون ٿيون وڃن.

2012ع جي تحقيق مطابق سنڌ ۾ 72 سيڪڙو ڇوڪرين جون ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرايون ويون آهن ۽ آئين جي سرعام لتاڙ ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ 8 کان 15 سالن جي عمر ۾ ڇوڪرين جي شادي ٿي وڃي ٿي.

گهڻو ڪري ڳوٺن ۾ (وٽاسٽا) واري عمل جي ڪري هي مسئلو وڌندو پيو وڃي، ته ٻئي طرف والدين غربت ۽ لاچاري سبب پنهنجي ٻارڙين جي سٺي پرورش نه ٿا ڪري سگهن، جنهن ڪري اهي نياڻين جي ننڍي عمر ۾ ئي وڏين عمرن جي ماڻهو سان شادي ڪرايو ڇڏين.

 هي اُها عمر آهي، جنهن دوران هڪ نياڻي بهترين طريقي سان تعليم حاصل ڪري سگهي، پر ان عمر ۾ مٿس وڏي ذميواري وڌي وڃي ٿي.

 بنان ڪنهن سوچ ۽ سمجهه جي ته ننڍي عمر ۾ شادي جي ڪري سندس صحت ۽ ذهن ۽ زندگي تي ڪهڙا اثر پون ٿا. جيئن ته نابالغ عمر ۾ شادي هئڻ سبب نياڻين جي ذهنن تي برو اثر پوي ٿو ۽ انهن جي صحت ۽ ذهني نشونما تي ناڪاري اثر پون ٿا.

ننڍي عمر ۾ شادي ٿيڻ سبب عورت جا ٻار پيدا ٿيندي ئي مري وڃن ٿا يا ته 5 سالن جي عمر تي پهچڻ کان اڳ فوت ٿي وڃن ٿا. ننڍي عمر ۾ شادي ٿيڻ سبب ماءُ جلدي پوڙهي ٿي وڃي ٿي ته ٻئي طرف ذهنن تي هاڃيڪار اثر پوڻ سبب ماءُ پنهنجي اولاد جي سٺي پرورش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿي.

جلد شادي ٿي وڃڻ جي ڪري عورتن جي تعليم تباهه ٿي وڃي ٿي ۽ هو سماجي حقن کان محروم رهن ٿيون.

 نابالغ ناسمجهه هئڻ ڪري هو پنهنجي مستقبل جا صحيح فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن.  هڪ معاشري جي ترقي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ٻارن کي سٺي تعليم ۽ سکيا فراهم ڪئي ويندي.

معاشري جي ترقيءَ لاءِ صحت مند ماءُ جو هئڻ لازمي آهي. جيئن اڪثر ڪري ڪو ٻار اڃان دنيا ۾ قدم ئي نه رکندو آهي ته هن جو رشتو اڳواٽ ئي طئه ڪيو ويندو آهي ۽ جيئن ئي نياڻي ٿوري وڏي ٿيندي آهي ته ان کي جلد هن ٻنڌڻ ۾ ٻڌو ويندو آهي.

 ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته پاڪستان هڪ بدنصيب ملڪ آهي، جتي انگ اکر ناهن، ملڪ ۾ ڊگهو عرصو آمريتون هجڻ سبب اسان پنهنجي پاڻ تي سينسرشپ لڳائي ڇڏي آهي، هن معاشري کي ترقي وٺرائڻ لاءِ صحت مند ۽ باشعور ماءُ جو هجڻ لازمي آهي.

جيئن ته نابالغ عمر ۾ شادي ڪرائڻ هڪ ڏوهه آهي ۽ هڪ سماجي مسئلو پڻ آهي، ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آبادي به ڪنهن حد تائين اِن وڌندڙ مسئلي جي ڪري آهي. اسان کي گهرجي ته ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جي رواجن جي پابندي کان آزاد ٿي وڃون ۽ اسلام جي ٻڌايل رستي تي عمل ڪيون ۽ پنهنجي مستقبل جي فڪر ڪيون. بالغ عمر ۾ نياڻين جي شادي ڪرائي وڃي ۽ انهن کي باشعور بڻايو وڃي، ته جيئن ايندڙ نسل جون نياڻيون پنهنجو حق حاصل ڪري سگهن.*