سنڌ ۾ ارڙي جي پڪڙيل وبا

گهنشام

سنڌ ۾ ارڙي جي مرض ويڙهن جا ويڙها خالي ڪري ڇڏيا، ڪجهه ڏينهن اڳ هن مرض سنڌ جي 700 معصوم گلن جهڙن ٻارڙن کان پنهنجي زندگي کسي ورتي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ڦهلجي سڄي سنڌ کي وڪوڙي وئي.سنڌ حڪومت معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچائڻ ۾ ناڪام رهي، ارڙي جي وبا سنڌ جي ضلعي ڪشمور کان شروع ٿي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ هي بيماري وبا اختيار ڪري سڄي سنڌ ۾ ڦهلجي وئي، اڃا تائين هي مرض هلي رهيو آهي.

سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ هن وقت ارڙي جا ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن، هي سنڌ جا اهڙا ضلعا آهن جتي ميڊيا جو اثر گهٽ آهي،صحت کاتو پوري طرح هن بيماري تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو، جڏهن ته صحت جي عالمي اداري پاران 29 لک ٻارڙن لاءِ ويڪسين فراهم ڪرڻ جي پڪ ڏني وئي جن ۾ 8 ضلعن کي هدف بڻائي ٻارڙن کي ويڪسين ڪئي وئي.

 اهو قدم سٺو  آهي پر وقت تي استعمال نه ڪرڻ ڪري گهڻو نقصان ٿي چڪو ۽ ٿيل جاني نقصان جو ازالو ناممڪن آهي، ڪيترن ئي هنڌن تي

ويڪسين ڪندڙ عملي اها شڪايت ڪئي ته ويڪسين مدي خارج ۽ بي اثر ملي ٿي ڇاڪاڻ ته ويڪسين جي اثر کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ خاص گرمي پد ۾ رکڻ ضروري هجي ٿو.

ارڙي کان بچاءَ لاءِ ويڪسين جو پهريون ڊوز هر ٻار لاءِ 9 مهينن جي عمر ۾ ۽ ٻيو ڊوز 18 مهينن جي عمر ۾ لازمي هجي ٿو، پر صحت کاتي جي انتظاميا جي لاپرواهي سبب موت جي پاڇي ۾ معصوم حياتيون لڇن.

حڪومت جي اهڙي بي حسي ۽  لاچاري معصوم ٻارڙن جي موت  جو سبب بڻي ،چونڊيل نما ئندن  پنهنجي روا برقرار رکندي سياسي دڪانداري ڪئي ۽ مرض جي خاتمي جا سکڻا آسرا ڏيندا رهيا.

اسان جي سرڪاري اسپتالن جي حالت ته ڏسو تازو ميرپور خاص جي سول اسپتال ۾ سرڪاري دوائن کي گندگي جي ڍير تي باهه جي نذر ڪيو ويو، اسان جي سرڪاري اسپتالن ۾ صحيح طريقي سان علاج نه پيو ڪيو وڃي، اهو مون کي ۽ توهان سڀني کي خبر آهي، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته جتي دوائون آهن اتي ڊاڪٽر ناهن ۽ جتي ڊاڪٽر آهي اتي دوائن، صفائي ۽ ٻين شين جي اڻهوند آهي، اسين ڊاڪٽرن کي انساني مسيحا چوندا آهيون پر هتي جي ڊاڪٽر جي حالت ڏسو ٻهراڙي جي اٻوجهه ماڻهن کيسرڪاري اسپتالن ۾علاج ڪرڻ بدران پنهنجي خانگي اسپتالن جو ڏس ڏئي ٻن هٿن سان لٽين ٿا، حڪومت جا چونڊيل نمائندا ۽ ذميوار صحت کاتي جا آفيسر ان ڳالهه جا ذميوار آهن، حڪومت کي گهرجي ته ضلعن تي ڪاميٽيون جوڙي هر مهيني صحت کاتي کان رپورٽون طلب ڪيون وڃن.*