هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل

الطاف سيال

عام طور ڏٺو وڃي ته ڪم ڪار زندگي جو حصو هوندا آهن انهيءَ تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ معاشري اندر هر فرد تي ڪي نه ڪي ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون.

 پر انسان جو مزاج هميشه هڪجهڙائي کي پسند نٿو ڪري تنهنڪري وقت سان گڏوگڏ هر شيءِ ۾ بدلاءُ ۽ نواڻ ضروري آهي.

 جڏهن ماڻهن ۾ موڪل جو تصور پيدا ٿيو ته دنيا جي ڪجهه ملڪن هفتي ۾ هڪ ڏينهن ۽ ڪجهه ملڪن ۾ ٻه ڏينهن موڪل جو فيصلو ڪيو ويو. پاڪستان جي تاريخ ۾ موجوده حڪومت هفتي ۾ ٻه ڏينهن جي موڪل جي حوالي سان ٻه ٽي دفعا فيصلو ڪيو.

هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ بل به پيش ڪيا ويا. ۽ ٻه ڏينهن موڪل ٿيڻ کان پوءِ عام ماڻهن ۽ اسيمبلي ميمبرن ۾ هن معاملي تي بحث مباحثو ۽ مختلف خيالن جي ڏي وٺ جاري رهي.

 عام طور ڏٺو وڃي ته گهڻو ڪري شاگرد طبقي ۾ ئي موڪلن جو گهڻو رجحان نظر ايندو آهي جڏهن ته ڪيترائي شاگرد موڪلون شوقيه طور پڻ ملهائيندا آهن.

 بهرحال انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه شاگردن اسان سان هن ريت ويچار ونڊيا. جنهن ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي فائنل ايئر جي شاگرد صدام حسين تيوڻو چوي ٿو ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن واري فيصلي تي خانگي ادارن ۾ به سختي سان عمل ڪرايو وڃي، ڇو ته اسان وٽ سرڪاري ادارا ئي اهڙن فيصلن تي عمل ڪن ٿا.

جڏهن ته خانگي ادارا  اهڙن فيصلن کي اهميت نٿا ڏين اڪثر ڪري ڪنهن به فيصلي ٿيڻ کان پوءِ اسان جي عوام ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. هڪ اهي جيڪي انهيءَ فيصلي جو احترام ڪن ٿا ته ٻيا وري اهي جيڪي انهيءَ فيصلي جا انڪاري ٿين ٿا.

تعليمي ادارن ۾ انهيءَ فيصلي جي ڪري خراب اثر پوندا. ڇو ته اسان وٽ اڳئي تعليمي ادارن ۾ موڪلون ٻين ادارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿين ٿيون.

 جنهن ۾ اونهاري جون موڪلون، سياري جون موڪلون فرينچ هاليڊيز (بائيڪاٽ) وغيره شامل آهن.

شعبي ميٿميٽڪس سان تعلق رکندڙ ٻي سال جي شاگرد پير حزب الله شاهه هاشمي مطابق ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل لازمي ٿيڻ گهرجي.

 ڇو ته اڄڪلهه ڪنهن وٽ ايترو وقت ناهي جو هو پنهنجي فيملي کي وقت ڏيئي سگهي. عام زندگي تي انهيءَ فيصلي جو اثر هن ريت پوندو ته جيڪڏهن توهان مون وانگر شادي شده آهيو ته توهان کي اهڙي فيصلي ٿيڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن فيملي سان گڏ خريداري ڪرڻ يا گهمڻ ڦرڻ ۾ گذارجي ۽ ٻيو ڏينهن آرام ڪري ٿڪ لاهجي.

ائين ڪرڻ سان توهان به خوش ۽ ٻين کي به خوش رکي سگهندا. رهي ڳالهه تعليمي ادارن جي ته پڙهڻ وارن شاگردن تي انهيءَ فيصلي جو ڪو خاص اثر نه پوندو. ڇاڪاڻ ته هو هميشه محنت سان پنهنجي مقصد ڏانهن وڌندا رهن ٿا.

شعبي آءِ آر جي شاگرد انيل ڪمار ٻڌايو ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل ضرور ٿيڻ گهرجي. ڇو ته جيڪي هڪ ڏينهن جي موڪل سان اسان جا ڪيترائي ڪم رهجي ٿا وڃن جن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اسان وٽ وقت ئي ناهي بچندو

. عام زندگي تي اهڙي فيصلي جو سٺو اثر پوندو ۽ تعليمي ادارن ۾ اهڙي فيصلي ٿيڻ کان پوءِ جيڪو به اثر پوندو اهو ايندڙ وقت تي منحصر آهي.

بزنس ايڊمنسٽريشن جي آخري سال جي شاگرد عبدالرزاق ميمڻ ٻڌايو ته اهڙو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ فائديمند نه رهندو ڇو ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل ٿيڻ سان ڪو انقلاب نه ايندو.

عام زندگي ۾ به ان جو ضرور ناڪاري اثر پوندو ۽ تعليمي ادارن خاص ڪري يونيورسٽين ۾ اڳيئي ننڍي وڏي ڳالهه تان بائيڪاٽ ٿيندا رهن ٿا.

وري جي ٻه ڏينهن موڪل ٿي ته پوءِ سڀ کان گهڻو نقصان شاگرد طبقي جو ٿيندو.

عام طرح ڏٺو وڃي ته هر شيءِ جا انيڪ فائدا ٿين ٿا ته انهي جا نقصان به آهن تنهنڪري ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن لاءِ ڪيتري قدر فائديمند ثابت ٿيندي.*