سنڌ جي زراعت ۾ ڪوٽڙي بئراج جي اهميت

اسد خاصخيلي

سنڌ جي واديءَ مان گذرندڙ مهراڻ  جيڪو پنهنجي اوج جي وقت مستين سان وهندو هو. جنهن جو پاڻي اسان لاءِ آب حيات کان گهٽ نه آهي.

 45-1944ع ۾ باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي ڏکڻ سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي بکن ۽ ڏکن کي نظر ۾ رکندي ڄامشوري وٽ بئراج اڏڻ لاءِ ڪيتريون ئي قراردادون پاس ڪرايون ۽ ان وقت جي حاڪمن کي ياداشت ناما پڻ پيش ڪيا هنن اهو پڻ چيو ته سنڌو درياهه جو قيمتي پاڻي وڏي مقدار ۾ سمنڊ ۾ڇوڙ ڪرڻ بدران بئراج اڏي سنڌ جي غير آباد زمين کي آباد ڪري سگهجي ٿو.

جنهن بعد سنڌ جي لاڙ واري زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سال 47-1946ع ۾ هڪ رٿ رٿي وئي ته ڄامشوري وٽ سنڌو درياهه تي هڪ ٻيو بئراج اڏيو وڃي جنهن جي ذريعي دائمي واهه واهي غير آباد زمين کي آباد ڪري سگهجي.

12 فيبروري 1950ع ۾ ان وقت جي گورنر جنرل خواجه ناظم الدين هن بئراج جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ناڻي جي گهٽتائي سبب بئراج جي ڪم ۾ رڪاوٽ آئي، پر پنجن سالن جي لڳاتار محنت بعد هيءَ عظيم رٿا پائي تڪميل تي پهتي.

هن بئراج جي تعمير تي ڪل 5 ڪروڙ 75 لک رپيا خرچ آيو. بئراج جي ڊيگهه اٽڪل 1 هزار ميٽر آهي کيس 44 دروازا آهن هرهڪ دروازي جي 18 ميٽر ويڪر ۽ 7 ميٽر اوچائي آهي. هن مان وڌ ۾ وڌ پوڻا نو لک ڪيوسڪ پاڻي گذر ڪري سگهي ٿو. هي بئراج ڪوٽڙيءَ جي ويجهو آهي ان ڪري کيس ”ڪوٽڙي بئراج“ جو نالو ڏنو ويو.

هن بئراج ذريعي ڄامشورو، ٽنڊو محمد، حيدرآباد، بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي اٽڪل 30 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي رهي آهي جنهن مان سنڌ جي وڏي آباد پنهنجون خوراڪي ۽ مالي ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي.

 ائين حڪومت کي به کربين رپيا موصول ٿي رهيا آهن، پر پاڻي جي گهڻي مقدار جي واهپي سبب هنن علائقن ۾ ڪلر ۽ سم جو آزار وڌيو آهي، جنهن جي ازالي لاءِ سم واهه جا نالا ۽ ٽيوب ويل لڳل آهن پر بهتر سار سنڀال ۽ ديانتداريءَ سان ذميداريون نه نڀائڻ سبب اهي سم نالا انساني آباديءَ ۽ فصلن لاءِ برستان ۾ رحمت بدران زحمت ۾ تبديل ٿي سنڌ جي مالي ۽ جاني نقصان جو سبب بڻجندا رهن ٿا. ڪوٽڙي بئراج ڏکڻ سنڌ جي معاشي ۽ اقتصادي ترقيءَ جو سبب بڻيو آهي. پر هن تي بجيٽ صحيح طور تي استعمال ٿيندي نظر نه ٿي اچي.

جنهن ڪري انديشو آهي ته ڪجهه سالن بعد هي اسان جو مکيه بئراج تباهيءَ ڪناري پهچي سگهي ٿو.

 جيڪو سنڌ جو وڏو نقصان هوندو ايئن ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ڪوٽڙي، بدين، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان سميت ٻين ضلعن جا ماڻهو واٽر سپلاءِ، زرعي زمين لاءِ پاڻي کان محروم ٿي ويندا جنهن ڪري انساني جانيون، مال متا، وڻ ٻوٽا ۽ پکي پکڻ سڀ وڏي نقصان ۾ اچي سگهن ٿا.

ان لاءِ اسان کي ديانتداري سان ڪم ڪري ڪوٽڙي بئراج جي سار سنڀال ڪرڻ کپي ۽ درياهه جي پيٽ اندر ٿيل قبضا ۽ اڏاوتون ختم ڪري پاڻي جي گذر کي ڪشادو ڪري گهربل پاڻي بئراج کان

 هيٺ روانو ڪري ٻيلن ۽ آبي جيوت کي زندگي بخشي وڃي ته جيئن سنڌ جي جاگرافيائي صورت پنهنجو استحڪام حاصل ڪري سگهي.*