عهدن ملڻ سان ماڻهن جا بدلجندڙ رويا

روبينه نازمغل

اسان جي معاشري ۾ وڏا عهدا رکندڙ ماڻهو پڙهي لکي ڪنهن خاص مقام ۽ عهدي تي پهچندا آهن ته هو پنهنجي پوئين حالت کي وساري ڇڏيندا آهن. اهي پاڻ کي سڀ کان مٿانهون سمجهندا آهن ۽ وڏائي ۾ اچي ويندا آهن.

ڪنهن گهر جو فرد ڪنهن وڏي عهدي تي پهچندو آهي ته سندس رويو ئي بدلجي ويندو آهي ماڻهن جي سامهون وڏائي ڪرڻ لڳندو آهي ۽ ماڻهو ان جي عزت ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن ساڳئي ماڻهو کي عهدي تان هٽائي ڇڏجي ته اهي ئي ماڻهو ان جي برائي ڪندا آهن ته ان جا ڪم ئي اهڙا هئا جو ان عهدي تي نه رهي سگهيو اهي ماڻهو عزت ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندا آهن.مطلب ته انسان کان وڌيڪ ان جي ان مقام ۽ عهدي جي وڌيڪ اهميت هوندي آهي.

جيئن ڪو سياستدان پنهنجي عهدي تائين پهچڻ لاءِ ماڻهن سان وعدا ڪندو آهي انهن کي پنهنجي ڳالهين مان ايترو متاثر ڪندو آهي جو اهي عام ماڻهو ڪجهه اميدون رکي ان کي اهڙي مقام تائين پهچائي ڇڏيندا آهن پر اهو سياستدان ان عهدي تي پهچي ٿو ته اهي سڀ ڳالهيون ۽ وعدا وساري ڇڏيندو آهي ۽ پنهنجي پاڻ کي وڏو سمجهڻ لڳندو آهي،

 ماڻهو ان جي عهدي جي ڪري ان جي عزت ڪندا آهن ۽ پنهنجن ڪمن لاءِ انهن جي اڳيان پويان گهمندا آهن ته شايد ان جو ڪم ٿي وڃي پر اهو سياستدان اوچتو پنهنجي عهدي مان ورتل فائدن جي ڪري ڪنهن اهڙي ڪيس ۾ ڦاسندو آهي.

 جيئن اهو عام ماڻهن کان پئسا وٺي اهڙو ڪو غير قانوني ڪم ڪندو آهي ۽ ان جي اهڙي ڪارنامن جي ڪري ان تي ڪيس هلايو ويندو آهي ان کي ان جي عهدي تان هٽايو  ويندو آهي.

 پوءِ اهي ئي ماڻهو ان جي باري ۾ غلط ڳالهائيندا آهن ۽ ان جي عزت جي ان مان ئي خبر پوندي آهي اسان جي معاشري ۾ڪنهن سبب جي ڪري ڪنهن مقام ۽ عهدي جي اهميت هوندي آهي جيڪڏهن عهدو آهي ته عزت هوندي جي عهدو نه آهي ته ان کي عزت نه ملندي.

هتي مان وتايو فقير جو مثال ڏيندس ته هڪ دفعي هو ڪنهن دعوت ۾ ويندو آهي هڪ عام لباس پهريل هوندو آهي جنهن ۾ چتيون لڳل هونديون آهن ته ماڻهو ان کي حقارت جي نظر سان ڏسي ڌڪاريندا آهن.

 اهو ڏسي ڪري هو هليو ويندو آهي ۽ ٻيهر جڏهن واپس ايندو آهي ته نهايت عمده ۽ خاص لباس ۾ ايندو آهي ته ماڻهو ڏسي ڪري ان وٽ پهچي ويندا آهن ان کي انتهائي عزت ۽ احترام ڏيندا آهن جيئن اهو ڪو وڏو عهديدار آهي ماڻهو ان کي وڏو پئسي وارو سمجهندا آهن.

اهو ڏسي ڪري هو ان ڳالهه جو اندازو لڳائي ڇڏيندو آهي ته ماڻهن جي نظر ۾ جڏهن ڪوبه انسان ڪنهن عهدي ۽ وڏي مقام تي پهتل هوندو آهي ته ان کي ئي تمام گهڻي عزت ڏني ويندي آهي.

ان ڪري اڄڪلهه ته هر عام انسان جي اها ئي سوچ آهي ته پڙهي لکي وڏي عهدي تائين پهچي ماڻهو ان جي عزت ڪن.

 پر ڪنهن عهدي تي پهچي ماڻهن جو رويو نه بدلجڻ گهرجي عهدي جو صحيح استعمال ڪجي ته جيئن ماڻهن کي ان مان فائدو به ملي سگهي.

ان لاءِ ڪنهن به اداري سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجن عهدن تي سٺي طريقي ۽ سچائي سان ڪم سرانجام ڏين ۽ وڏائي ختم ڪن ته جيئن ماڻهن جي دلين سندن لاءِ عزت پيدا ٿئي ۽ اسان پنهنجي معاشري ۾ ماڻهن جي بدلجندڙ روين کي ان طريقي سان ئي روڪي سگهون ٿا ته اسين پنهنجي دل ۾ ڪڏهن فخر ۽ وڏائي پيدا نه ڪريون ۽ انسانيت جي خدمت واري جذبي کي هميشه زندهه رکون.*