فٽ پاٽ تي زندگي گذار يندڙ ۽اسان جوڪردار

ماريه سولنگي

 پُٽ سيءَ آهي سوئيٽر پائي، ڪمبل وجهه، پٽ ٻاهر نه وڃ ڏاڍي اُس آهي، گرمي لڳي ويندي، بيمار ٿي ويندين.

 منهنجي پٽ کي هيءُ کاڌو پسند نه آيو، ڇا کائيندو منهنجو بابا؟ هي سڀ تقريبن وڏن گهرن ۾ ٿيندو آهي، انهن کي اها خبر ئي نه هوندي آهي ته هڪ فٽ پاٿ تي رهندڙ انسان ڪيئن زندهه آهي.

 اها ماءُ جيڪا پنهنجن معصوم ٻارن کي فٽ پاٿ تي تڙپندي ڏسي صرف ڳوڙها ئي ڳاڙيندي آهي. سخت سيءَ جي موسم ۾ کليل آسمان هيٺان زندگي گذاريندڙ ماءُ جڏهن پنهنجن معصوم ٻارن جي وات مان هيءُ لفظ ٻڌندي آهي ته امان ڏاڍو سيءُ ٿو لڳي.

 ته ان ماءُ جي دل تي ڇا گذرندي هوندي؟ ان جي تڪليف جو اندازو لڳائڻ به مشڪل آهي. هوءَ هر وقت صرف اها دعا گهرندي آهي ته يا الله مينهن نه وسائجان نه ته منهنجا معصوم ٻار ڪيڏانهن ويندا.

 اهڙيون ڪيتريون ئي مائرون آهن جيڪي اسان کي رستن تي پنندي نظر اينديون. جيڪي ٻن وقتن جي ماني لاءِ پنهنجي عزت نفس جي به پرواهه نه ٿيون ڪن.

 اسان پاڻ ئي سوچيون ڪنهن ٻئي جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ ڪيترو ڏکيو آهي. هوءَ ماءُ ان وقت ڇا سوچيندي هوندي، ان جي دل تي ڇا گذرندي هوندي، هوءَ ڪيترو مجبور ٿي ٻين جي اڳيان هٿ ڦهلائيندي هوندي، ڪيتري تڪليف ۾ هوءَ پنهنجي زندگي گذاريندي هوندي.

سگنل تي بيهندڙ هزارين گاڏين جي وچ ۾ هڪ هڪ جي سامهون وڃي 2 رپين جو سوال ڪرڻ هن کي ڪيترو مشڪل لڳندو هوندو.

 ڪيترن ئي نفرت ڀرين نظرن جو هن کي منهن ڏسڻو پوندو هوندو. رات جو جڏهن ماءُ پنهنجي پيارن معصوم ٻارن کي ڏسندي هوندي ته هن جي دل به چاهيندي هوندي ته هن جا ٻار به ٻين ٻارن وانگر اسڪول وڃن، هنن وٽ به کيڏڻ لاءِ سٺا رانديڪا هجن، پائڻ لاءِ سٺا ڪپڙا هجن، هنن جي مٿان به ڇت هجي پر هن ماءُ جي دل ۾ هڪ سوال بار بار اڀرندو آهي ته ڇا سڀاڻي منهنجي ٻارن کي پيٽ ڀري کاڌو ملندو يا نه؟

اسان جهڙن ماڻهن جي جڏهن ڪا شيءَ گهٽ ٿيندي آهي ته پورو گهر مٿي تي کڻندا آهيون اسان پنڌ وڃڻ پسند نه ڪندا آهيون ۽ ان ماءُ جا ٻار زندگي جو سڄو سفر پنڌ ڪن ٿا.

انهن ٻارن وٽ پائڻ لاءِ ٻين جا لٿل ڪپڙا ملندا آهن. انهن جي هٿن ۾ ڪتابن بدران ڪشتو هوندو آهي. اها عورت جيڪا اسان کي 60-50 سالن جي ڏسڻ ۾ ايندي آهي اها دراصل 30-25 سالن جي هوندي آهي.

جنهن کي زندگي جي ڏکن، گرمين جي ڪاڙهن ۽ سخت سردي اهڙو ڪري ڇڏيندي آهي. سوال اهو آهي ته ڇا اهي هميشه اهڙي زندگي گذاريندا؟ ڇا اسان انهن ماڻهن جي باري ۾ سوچون ٿا؟ ڇا انهن جي جذبن ۽ احساسن جو خيال ڪريون ٿا؟ ڇا انهن جي بهتري لاءِ ڪجهه ڪريون ٿا؟ ڇو جو اسان وٽ هنن ماڻهن جي لاءِ وقت ئي ڪونهي.

 اسان فٽ پاٿ تي رهندڙ انهن ماڻهن کي ائين ٿا سمجهون جيئن هو ڪنهن ٻي دنيا مان آيا هجن. اسان جي زندگي جو اصل مقصد ته هيءُ آهي ته غريب ماڻهن جي بهتري لاءِ ڪجهه ڪريون، اصل خوشي به انهيءَ ڳالهه ۾ آهي. ٻيو ڪجهه نه ته ڪو هڪ صاحبِ حيثيت ماڻهو ڪنهن هڪ خاندان جي مدد ڪري ته شايد انهن جي زندگي به سڌري وڃي ۽ فٽ پاٿ تي زندگي گذاريندڙ ٻار به شايد اسڪول وڃي سگهن، انهن وٽ به پائڻ لاءِ سٺا ڪپڙا ۽ کيڏڻ لاءِ رانديڪا هجن.*