جسماني تعليم جي اهميت

عزيز احمد سومرو

هڪ طرف وڌندر ٽيڪنالاجي اسان جي زندگين کي ڪم کان آجو ڪري پرسڪون ۽ واندڪائيءَ وارو ٽائيم بخشيو آهي، جيڪو نه صرف ڊپريشن، ڳڻتي، نااميدي، برن خيالن ۽ ڪيئي موت مار بيمارين کي جنم ڏئي ٿو.

 پر ٻئي طرف صبح ساجهر اُفق مان نڪرندڙ، دل کي وڻندڙ، نرم مزاج رکندڙ ۽ جواني جي طرف وڌندڙ سج جو مثال رکندڙ معصوم ٻار سڄو ڏينهن وڊيو گيمن، موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر تي وقت گذاري رهيا آهن.

 نتيجي ۾ ننڍڙي عمر ۾ ئي انهن جي معصوم چهري تي نه برداشت ڪرڻ جوڳا ٿلها ٿلها چشما لڳي ٿا وڃن ۽ ڪنهن راند ۾ حصو وٺڻ يا مناسب جسماني ورزش نه هجڻ ڪري ڪمزور جسم ۽ ڪاهليءَ جي ور چڙهيو وڃن.

اڄ ڪلهه گورنمينٽ توڙي پرائيويٽ اسڪولن ۾ صرف انگريزي سيکارڻ سان گڏ معياري تعليم تي فوڪس ڪيو وڃي ٿو.

جنهن جي نتيجي ۾ ٻار ننڍپڻ کان ئي ڦڙ ڦڙ انگريزي ڳالهائڻ سان سٺن نمبرن ۾ اڪيڊمڪ ٽيسٽون ته پاس ڪن ٿا، پر اڳتي هلي جسماني تعليم ۽ ان تي عمل نه هجڻ ڪري اهي ٿولهه، ڪمزور هڏين، دل جي بيمارين ۽ جسماني ڪمزوري جو شڪار ٿين ٿا.

 ڪجهه امير خاندان جا ماڻهو وري ديني توڙي دنياوي استادن کي پگهار تي رکي پنهنجي ٻارن کي گهر ۾ ئي پڙهائيندا آهن ته جيئن هو گهر ۾ ئي رهي سٺي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻاهرين ماحول جي آفتن کان بچي سگهن.