اسانجي معاشري ۾ ٽيوشن جو رجحان

سنڌو ميمڻ

ٽيوشن جو رجحان پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري چڪو آهي. پاڪستان کان علاوه باقي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ٽيوشن جو استعمال ڪنهن حد تائين صحيح مقصدن لاءِ ڪيو وڃي ٿو.

مطلب ته جيڪڏهن ڪو ٻار ذهني طور تي ايترو قابل نه آهي جو اسڪول ۾ سٺيون مارڪون کڻي سگهي يا ڪنهن مخصوص مضمون کي سمجهڻ ۾ کيس ڪا تڪليف آهي ته ان ٻار کي ٽيوشن لاءِ موڪليو وڃي ٿو ته جيئن کيس ان مضمون کي سمجهڻ ۽ ان تي عبور حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.

جڏهن ته پاڪستان ۾ ٽيوشن جي ادارن جي صورتحال باقي دنيا کان مختلف آهي. هت ٻار توڙي کڻي ذهين هجي يا موڳو، غريب هجي، امير هجي يا وچولي طبقي سان تعلق رکندو هجي.

ان جي لاءِ ته ٽيوشن لازمي بڻجي چڪي آهي. سُکيا ستابا والدين ته پنهنجن ٻارن کي سٺي ٽيوشن سينٽر تي سٺا گريڊ حاصل ڪرڻ کان علاوه معاشري ۾ پنهنجو مان مرتبو برقرار رکڻ لاءِ پڻ موڪلين ٿا.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي هجڻ جي باوجود ٽيوشن وٺڻ جي ضرورت آخر ڇو ٿي محسوس ٿئي؟ اُهي ڪهڙا سبب آهن جن جي ڪري ٻارن ۽ والدين ۾ اسڪول ۽ ڪاليجن جي پڙهائي تي بي يقيني پيدا ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجو رخ ٽيوشن جي ادارن ڏانهن ڪن ٿا.

ڇا ٽيوشن ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ ملڪ جي موجوده تعليمي نظام جي ناڪاره هجڻ جو آهي؟ انهن سوالن تي سوچڻ جي نه ڪڏهن اسان ڪوشش ڪئي آهي ۽ نه ڪنداسين.

بهرحال هن موضوع تي پوري پاڪستان ۾ سواءِ هڪ ٻن تحقيقن جي اسان وٽ ٻيو ڪجهه ناهي. ٽيوشن ڪلچر جي ناڪام يا ڪارآمد هجڻ جو يقين ڪرڻ لاءِ ڪجهه اهم حقيقتن جي ڄاڻ اسان لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿي.

اهي حقيقتون جيڪي ٽيوشن ڪلچر عام ٿيڻ جو سبب بڻيون آهن انهن ۾ هڪ حقيقت اها آهي ته ڪلاسن ۾ شاگردن جو گهڻو تعداد هجڻ. هڪ ڪلاس ۾ 60 کان 80 شاگردن کي هڪ وقت ۾ هڪ استاد ڪهڙي توجهه ڏئي سگهي ٿو.

نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪلاس ۾ استاد جي صحيح توجهه نه ملڻ ڪري مجبور ٿي ٻار ٽيوشن وٺن ٿا.

استادن جي گهٽ پگهار ۽ گورنمينٽ جي طرفان ٻيون سهولتون نه هجڻ جي ڪري استادن کي به ٽيوشن سينٽر هلائڻ کان سواءِ ڪا ٻي واٽ نٿي نظر اچي.

ان کان پوءِ مسئلو آهي امتحاني نظام جو، پاڪستان جي اسڪولن ۾ امتحاني نظام ڪجهه هن ريت آهي ته ٻارن کي امتحانن جي تياريءَ لاءِ ڪلاس ۾ سڄو سال هر سبجيڪٽ جي بس سراسري معلومات ڏني وڃي ٿي.

جڏهن ته امتحاني پرچي ۾ پوري سبجيڪٽ مان ڪٿان به ڪوبه سوال اچڻ جي صورت ۾ ٻار منجهيو پون. جنهن سان ٻار ۾ رٽي هڻڻ جو رجحان جنم وٺي ٿو.

ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته ٻار آخرڪار مجبور ٿي ٽيوشن سينٽرن ڏانهن وڃن ٿا، ۽ اتي اهي ساڳيا ئي استاد ٻار کي ان سبجيڪٽ جي باري ۾ تفصيلي معلومات ڏين ٿا.

مٿي بيان ڪيل سڀني مسئلن جو حل آخر ٽيوشن تي اچي ختم ٿئي ٿو. پر ڇا اهو ذهين شاگرد ٽيوشن جي فيس ڀري سگهي ٿو، جنهن جو پيءُ سڄي ڏينهن ۾ بس 200 کان 500 تائين جي ڏهاڙي ڪري ٿو.

جڏهن ته ڪنهن به ٽيوشن سينٽر تي هڪ سبجيڪٽ جو معاوضو گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار رپيا آهي. ان غريب ۽ ذهين شاگرد جو ڇا ٿيندو جيڪو مشڪل سان پنهنجو پيٽ گذر ڪري رهيو آهي.

اهو ته پوءِ ٻنهي جهانن کان ويو. نه ان کي اسڪول ۾ توجهه ملي، نه هو ٽيوشن لاءِ وڃي سگهي. اهڙا ڪيئي مثال اسان جي چوڌاري موجود آهن. جن ۾ ويچارا ذهين شاگرد اسان جي معاشري جي ٻٽي تعليمي معيار جي ڪري اڳتي وڌي نه سگهيا.