پاڻي ءَ جي ڪوٽ۽پاڻيءَجو عالمي ڏهاڙو

افشان چلگري

مارچ 1992ع ۾ برازيل جي شهر ريوڊي جنيرو ۾ اقوام متحده جي زير اهتمام ماحوليات ۽ ترقي جي موضوع تي ٿيل ڪانفرنس جي دوران پاڻيءَ جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي منظوري ڏني وئي هئي.

جنهن کان پوءِ 1993ع کان بعد ۾ اهو هر سال 22 مارچ تي اقوام متحده جي زير اهتمام پاڻيءَ جي عالمي ڏهاڙي طور سموري دنيا ۾ ملهايو وڃي ٿو.

هن ڏهاڙي جي ملهائڻ جو مقصد پيئڻ جي صاف پاڻي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ پاڻي جي وسيلن جي پائيدار انتظامن جي حمايت ڪرڻ هوندو آهي.

هتي اهو به واضح ڪندو هلجي ته اقوام متحده جي (يو اين اي پي) پاران 1999ع ۾ ماحولياتي پروگرام بابت هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته دنيا جي ٻن وڏن خطن ۾ هڪ سنگين مسئلو پاڻيءَ جي وڌندڙ قلت جو آهي جنهن باعث ٽئين عالمي جنگ لڳي سگهي ٿي، جڏهن ته ٻيو وڏو مسئلو زميني درجه حرارت ۾ اضافي کي ٻڌايو ويو هو. هن رپورٽ جي تياري ۾ تقريباً 50 ملڪن جي 200 سائنسدانن حصو ورتو هو.

زمين تي موجود صاف پاڻي جي ذخيرن ۾ جهڙي ريت تيزي سان گهٽتائي ٿي رهي آهي ان مسئلي تي سموري دنيا ڳڻتي جو شڪار آهي.

عالمي ادارن جي مختلف جائزن مطابق گذريل هڪ ڏهاڪي جي دوران دنيا ۾ 114 ملين ماڻهن جو دنيا اضافو ٿيو آهي، جن جي گهرن يا ڀرپاسي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سهولت ميسر نه آهي.

انهن مختلف رپورٽن جي مطابق 80 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ اهڙن ماڻهن جي تعداد آهي جيڪي گندي پاڻي کي پيئڻ جي پاڻي طور ڪتب آڻين ٿا.

اها به هڪ حقيقت آهي ته ترقي يافته ملڪن جا شهري روزانو 350 کان 1000 ليٽر في ڪس جي حساب سان پاڻي واپرائين ٿا.

ٻئي پاسي دنيا جي غريب ملڪن جا رهائشي 20 کان 70 ليٽر في ڪس پاڻي روزانو استعمال ڪن ٿا. ترقي پذير ملڪن ۾ 1.1 ارب رهندڙ ماڻهن کي صاف پاڻيءَ جي رسائي نه آهي.

 سائنسدانن پاران اها اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته 2025ع تائين هڪ ارب 80 ڪروڙ ماڻهن جو تعداد اتي رهائش پذير هوندو جتي پاڻي مڪمل طور تي اڻ لڀ هوندو.

گليشيئرن جو تيزيءَ سان پگهرجڻ سبب دنيا کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي شديد قلت جو منهن ڏسڻو پوندو جنهن سبب آفريڪا، ايشيا ۽ دنيا جي ٻين علائقن ۾ جنگون لڳي سگهن ٿيون.

انهن ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان، بنگلاديش ۽ ڀارت شامل آهن، هنن ملڪن ۾ جنگين جي خطرن کان بچڻ جي لاءِ آمريڪي سينيٽ جي خارجه ڪميٽيءَ پاران هڪ رپورٽ ۾ زور ڏنو ويو آهي ته هي ملڪ پاڻيءَ جي سپلاءِ کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ پاڻيءَ جي بچت ۽ ذخيري ڪرڻ تي توجهه ڏين.

پاڪستان جو شمار دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڻيءَ جي قلت جو شڪار ٿيندڙ 17 ملڪن ۾ ٿئي ٿو. اسان وٽ في ڪس پيئڻ جي پاڻي جي دستيابي جو تناسب خطرناڪ سطح تي اچي پهتو آهي.

پاڪستان قائم ٿيڻ وقت في ڪس پيئڻ جي پاڻيءَ جو تناسب 5600 ڪيوبڪ ميٽر هو جيڪو هاڻي ملڪ ۾ وڌندڙ آباديءَ ۽ پاڻيءَ جي بيجا زيان سبب گهٽجي هڪ هزار ڪيوبڪ ميٽرن تائين پهچي چڪو آهي.

ملڪ ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي غذائي طلب کي مسلسل وڌائي رهي آهي ۽ اها به هڪ افسوسناڪ حقيقت آهي ته ملڪ ۾ صرف 18 سيڪڙو آباديءَ کي صحت واري عالمي اداري مطابق پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب آهي.

 هڪ سروي مطابق پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي ٽنهي اهم ۽ وڏن آبي ذخيرن (تربيلا، منگلا ۽ چشمه) ۾ پاڻيءَ جي گنجائش ۾ 83 سيڪڙو گهٽتائي ٿي چڪي آهي.

جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب ٽنهي آبي ذخيرن ۾ پاڻيءَ ذخيرو ڪرڻ جي اصل گنجائش هڪ ڪروڙ 75 لک 50 هزار ايڪڙ فٽ هئي، جيڪا گهٽجي هڪ ڪروڙ 21 لک 30 هزار ايڪڙ فوٽ ٿي چڪي آهي.

انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ ۾ آبي ذخيرن جي تعمير کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڻيءَ جي قلت تي ضابطو آڻي سگهجي.

پاڪستان هڪ زرعي ملڪ هجڻ جي حيثيت ۾ پنهنجي 90 سيڪڙو پاڻي جي وسيلن کي زرعي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين جي سبب درياهن جي وهڪرن ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي، جڏهن ته اسان جي پاڻيءَ جي ڪافي مقدار ناڪارا ۽ پراڻي نهري نظام ڪارڻ ضايع ٿئي ٿي.

ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ وقتن ۾ اسان لاءِ اهڙن فصلن جي پوک ممڪن نه رهندي جن جي پوکائيءَ ۾ تمام گهڻو پاڻي گهربل هوندو آهي.

 مثال طور: ڪڻڪ جي هڪ ڪلو جي پوک لاءِ 1500 ليٽر، چانورن جي هڪ ڪلو جي لاءِ 2500 ليٽر ۽ کنڊ جي في ڪلو جي پوک لاءِ 16000 هزار ليٽر پاڻي جي ضرورت پوندي آهي.

جڏهن ته پاڻيءَ جي شديد قلت جي پيش نظر هاڻ اسان کي پنهنجي کاڌ خوراڪ ۾ به توازن پيدا ڪرڻو پوندو.

هڪ اندازي مطابق اسان تقريباً 30 لک ايڪڙ فوٽ استعمال شده پاڻيءَ کي ندين، چشمن، نالن ۾ ضايع ڪريو ڇڏيون، جنهن سبب اسان جو آبي ۽ قدرتي ماحول تباهي جي ڪناري آهي، ملڪ ۾ جهڙي ريت تيزي سان مٺي پاڻيءَ جي آبي ذخيرن کي صاف رکن ٿا بلڪه برفباري ۽ بارشن کان بعد پاڻي جي ڪيفيت کي به ڪنٽرول ڪن ٿا.

ملڪ ۾ پاڻيءَ جي آبي ذخيرن جو تيزي سان ٿيندڙ خاتمو ۽ پيئڻ جي پاڻي جي قلت سبب اسان سڀني کي سنجيدگيءَ سان اُپاءَ وٺڻا پوندا ۽ مستقبل ۾ اهڙن منصوبن کي فروغ ڏنو وڃي جنهن سان ملڪ ۾ پاڻي جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي.*