ٻارن جوجنت جهڙوڳوٺ ايس او ايس وليج جامشورو

غلام مرتضي مگريو

بهتر کاڌ خوراڪ، مناسب رهائش، صحت ۽ تعليم هر ٻار جا سماجي حق آهن، دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي ملڪ آهن جتي يتيم ۽ لاوارث ٻار کاڌي توڙي اجهي وگهي مري ٿا وڃن.

ڪجهه هنڌن تي وري به عالمي فلاحي ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. اهڙي ئي ريت نامياري سماجي اڳواڻ هَرمين جَميِنر 1949ع ۾ ايس او ايس چلڊرن وليج نالي هڪ فلاحي اداري جو بنياد رکيو.

ايس او ايس جو پورو نالو ”سيو اور  سول“ آهي. سيو اور  سول عالمي سطح جو سڀ کان وڏو سماجي ادارو آهي جيڪو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فلاحي ڪمن جي حوالي سان تمام گهڻو اڳتي آهي.

ايس او ايس چلڊرن وليج جو بنيادي مقصد يتيم ۽ لاوارث ٻارڙن کي رهائش، کاڌي پيتي، صحت ۽ تعليم انهن جي بالغ ٿيڻ تائين فراهم ڪرڻ آهي.

نه رڳو ايترو پر هي ادارو انهن لاوارث ٻارڙن کي بالغ ٿيڻ بعد روزگار ۽ خودمختيار زندگي جي رستي تي لڳائڻ تائين جي به ذميواري کڻندو آهي. يتيم ۽ لاوارث ٻارڙن جي بنيادي ضرورت کين ماءَ پيءَ جيترو پيار ملڻ هوندي آهي، ان حوالي سان به هي ادارو انهن ٻارڙن کي پنهنجي گهر جهڙو ماحول فراهم ڪري ٿو.

ايس او ايس چلڊرن وليج جي هيڊ آفيس آسٽريا جي شهر اِنس برڪ ۾ آهي، هي ادارو هن وقت دنيا جي 133 ملڪن ۾ سرگرم آهي، جتي 80 هزار کان وڌيڪ يتيم ۽ لاوارث ٻارڙن جي پالنا ڪرڻ سان گڏ اسڪول، اسپتالون، هنري سکيا جا مرڪز ۽ زرعي منصوبا قائم ڪرڻ سميت مختلف سطح تي فلاحي ڪم ڪيا وڃن ٿا.

ساڳئي نموني ڄامشوري ۾ به اپريل 2012ع ۾ انهيءَ اداري جي هڪ برانچ کولي وئي، جنهن ۾ پنج ايڪڙن تي ٻڌل چلڊرن وليج قائم ڪيو ويو.

ڄامشورو چلڊرن وليج 15 گهرن تي ٻڌل آهي هر گهر ۾ 10 ٻارڙن جي رهڻ جي گنجائش آهي. ٻارڙن جي سار سنڀال لاءِ عورتون ۽ مرد ملازم رکيل آهن جيڪي ماءَ، چاچيءَ، ڀائر ۽ ڀينرن جي رشتي سان گهرڀاتين وانگر سندن پالنا ڪندا آهن.

ٻارڙن کي سنڌ يونيورسٽي جي پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ۾ تعليم ڏياري وڃي ٿي، ان سان گڏ ڄامشورو وليج ۾ به لائبريري، ڪمپيوٽر ليب، راند جو ميدان ۽ مسجد موجود آهن.

 انهيءَ چلڊرن وليج ۾ رشتن کان محروم لاوارث ۽ يتيم ٻارڙن کي سماجي براين کان پري رکي سماجي قدر، رشتن جو معيار ۽ بهتر زندگي جيئڻ جا ڍنگ پڻ سيکاريا ويندا آهن.

 مختلف هنڌن تان آيل ٻارڙن کي هڪ ئي گهر ۾ رهائي انهن جي ذهنن ۾ يتيم يا لاوارث هجڻ جو تاثر ڪڍي پاڻ ۾ سڳن ڀائرن ۽ ڀينرن جهڙي عزت ۽ محبت رکڻ جو احساس پيدا ڪيو وڃي ٿو.

ٻارن جي پالنا لاءِ ايڊمنسٽريٽو بلاڪ به هوندو آهي جنهن ۾ اداري جا ڊائريڪٽر ۽ ٻيا ملازم هوندا آهن.

ٻارڙن جي خدمت لاءِ گهڻي ڀاڱي بيواهه ۽ بي اولاد عورتن کي مقرر ڪيو ويندو آهي، جيڪي انهن يتيم ۽ لاوارث ٻارڙن کي پنهنجي اولاد جيترو پيار ڏئي سندن بهتر پالنا ڪن.

 اداري پاران ايس او ايس وليج ۾ رهندڙ ٻارڙن کي ڪنهن به لحاظ کان نظرانداز نٿو ڪيو وڃي، انهن جي هر خواهش ۽ فرمائش کي سنجيدگي سان ٻُڌي اها پوري ڪئي وڃي ٿي، ان سان گڏ مختلف فيصلن ۽ پلاننگ ۾ به کين شامل ڪري پنهنجي مستقبل لاءِ بهتر انداز ۾ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت اُڀاري وڃي ٿي.

ايس او ايس وليج ۾ ٻارڙن کي مختلف رانديون، رڌپچاءَ ۽ موسيقي سميت مختلف فن سيکارڻ سان گڏ سماجي ڪمن ۾ به اڳڀرو ڪيو وڃي ٿو.

ٻارڙن کي هر قسم جي چيلينجن ۽ سماجي مونجهارن کي منهن ڏيڻ لاءِ نفسياتي مهارت پڻ ڏني وڃي ٿي، ايتريقدر جو بالغ ٿيندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ روزگار جا موقعا تلاش ڪري.