آرام ۾ خلل

طارق عزيز چانگ

قدرت جي طرفان انسان کي انيڪ نعمتون عطا ٿيل آهن. جنهن مان ننڊ، سڪون ۽ آرام به هڪ وڏي نعمت آهي.

انسان صبح کان وٺي شام تائين پنهنجي زندگي جي ڪمن ڪارين ۾ تمام گهڻو مشغول ۽ مصروف رهي ٿو، انسان کي ٿڪاوٽ دور ڪرڻ لاءِ ڇهن کان اٺ ڪلاڪ آرام ڪرڻ جي ضرورت آهي.

رات جو جلدي سمهڻ ۽ صبح جو سوير اٿڻ سان انسان وڌ ۾ وڌ صحتمند رهي ٿو، ننڊ سان دماغ کي تازگي ملندي رهي ٿي، انسان ننڊ مان اٿڻ کانپوِءِ فريش محسوس ڪري ٿو.

هن دور ۾ جتي دنيا ترقي ڪئي آهي اُتي انسان جي آرام ۾ به تمام گهڻو خلل پئجي ويو آهي ڇاڪاڻ ته ٽيليويزن جو گهڻو ڏسڻ، موبائيل جي غلط استعمال جي ڪري ماڻهو ننڊ گهٽ ڪري ٿو.

 موبائيل رابطي جو بهترين ذريعو آهي پر اسان جي ملڪ ۾ ماڻهو رات جو دير سان ميسيج يا مس ڪال ڏئي ننڊ خراب ڪندا آهن يا وري نوجوان موبائيل فون تي رات جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجي دوستن سان ڳالهين ۾ محو رهن ٿا ۽ ايس ايم ايس جو سلسلو سڄي سڄي رات جاري رهي ٿو ۽ وقت جي ڪابه خبر نه پوندي آهي آرام به نه ڪري سگهندا آهن ننڊ پوري نه هئڻ ڪري مختلف بيماريون جنم وٺن ٿيون ۽ سڄو ڏينهن ٿڪاوٽ محسوس ٿئي ٿي، ڪم ڪار به پورو نٿو ٿئي.*