تاريخي حيثيت رڪندڙ شهر حيدرآباد

قنديل مسرور بدوي

حيدرآباد شهر تمام قديم شهر آهي سندس هڪ تاريخي حيثيت آهي، اسان هن شهر جي باري اوهان کي ڪجهه معلومات ڏيون ٿا.

 حيدرآباد جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا ئي ننڍا شهر آهن، جهڙوڪ 6.7 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڪوٽڙي، 8.1 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڄامشورو، 5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هٽڙي، ۽ 7.5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هُوسڙي.

 حيدرآباد سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچيءَ کان تقريباً 160 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر اوڀر ۾ سامونڊي سطح کان 13 ميٽر اوچائيءَ تي واقع آهي.

حيدرآباد پهنجي بيهڪ جي ڪري قدرتي طور تي سنڌ جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. هي شهر وچولي ۾ آهي، مٿئين پاسي اُتر کان سرو ته  هيٺئين طرف ڏکڻ کان لاڙ اٿس، هڪ پاسي ڪاڇو ۽ ڪوهستان  ته ٻئي پاسي ٿر ۽ ڪڇ جو رڻ اٿس، ان ڪري چئني طرفن جو حقيقي سنگم نظر اچي ٿو.

 هي شهر جيتريقدر پهنجي فطرت ۾ توانو ۽ شاداب  رهيو آهي، ايتريقدر اُٿلن پُٿلن سان منهن مقابل ٿيندو رهيو آهي، پر هر انقلاب بعد ڪجهه وقت گذرڻ کان پوء ساڳيو شهر ڪَرُ مٿي کڻي بيٺو رهيو آهي.

سن 827 ق.م ۾ يونان جي سپهه سالار سڪندر اعظم هتي ڪاهي آيو هتان جي ٻڌمتي حاڪم جنگ ڪرڻ بجاء ڪوٽ ٻاهران نڪري سڪندر اعظم جو استقبال ڪيو ۽ سڪندر اعظم جنگ ڪرڻ بنا واپس روانو ٿي ويو، ان زماني ۾ حيدرآباد جو نالو ”پٽالا يا پٽيالا بندر“ هو.

ان کانپوءِ هن کي نيرون ڪوٽ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، راجه ڏاهر طرفان نيرون ڪوٽ جو حاڪم سُندر شِمني ٻُڌ بخش هو، شهر جي خوبصورتي باعث راجا ڏاهر جو پٽ جئه سنا اتي اچي آرام ڪندو هو، سن  712ع ۾ عربي لشڪر  محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ سنڌ فتح ڪئي، ان وقت به اڪثريت عوام ٻُڌ مذهب سان تعلق رکندو هو.

 تاريخ جي ڪتابن ۾ آيل آهي ته  اهو پٽالا شهر ان جاء تي هو، جتي سنڌو درياءَ جي ڇوڙ  واري ٽڪنڊي جي شروعات هئي، جڏهن ته هتان ڦليلي جو وهڪرو به موجود هو.

  غلام شاهه ڪلهوڙي کي ان ڦليلي جي هجڻ  ڪري هتي قلعو اڏڻ جو خيال آيو. ان کان اڳ ۾ هن 1760- 62 17ع ۾ شاهپور جو بنياد رکيو هو، کيس اهو خيال هوندو هو ته راڄڌاني اُتي قائم ڪئي وڃي جتي درياهه جي ٻوڏ جا ڪارڻ گهٽ هجن.

 سندس ڀاءُ مرادياب خان، مراد آباد نالي هڪ راڄڌاني جو بنياد رکيو هو، پر درياهه ان کي ٻوڙي کڻي ويو هو، سو کيس ان ڪري ڊپ ٿي پيو هو، هن سوچيو ته راڄڌاني ڪنهن محفوظ جاءِ تي هجڻ گهرجي.

خير حقيقت ڇا به هجي پر کيس لاءِ ڪوبه اهڙو موزون علائقو نه هو جتي ڪو شهر اڏجي ۽ ٻوڏ جي تباهين کان به محفوظ هجي، جڏهن ته ٻئي پاسي گنجي ٽڪر وارو علائقو هو  جيڪو ٻوڏ کان محفوظ هو ۽ ڀرسان ئي ڦليلي به تازو وهڻ شروع ڪيو هو، (هن وقت حيدرآباد شهر جي لطيف آباد واري حصي سان لڳ گنجو ٽڪر ۡ ڪَر کنيو بيٺو آهي.

 جو سنياسين ۽ الله وارن جو مقام هو. شاھ ڀٽائي رحه به هن کي سر کاهوڙيءَ ۾ ڏاڍو ساراهيو آهي) هتي جڏهن راڄڌاني تعمير ڪئي پئي وئي ته سڀ سهولتون ۽ گهرجون پوريون پئي ٿيون، انهي ڪري ميان غلام شاه ڪلهوڙي نيرون جي نرڙ تي راڄڌاني اڏڻ جو فيصلو ڪيو.

جنهن کي نيرون ڪافري به سڏيو ويندو هو، نيرون وارو پراڻو قلعو ناس ٿي چڪو هو، ڀتيون ڊهي پٿرن جا  ڍير بڻجي ويون هيون، ڀر وارو پوٺو به پيرن وارو قبرستان بڻجي ويو هو، مسلمانن جي عقيدي مطابق اهو ماڳ ڇوٽڪاري ۽ رحمتون نازل ڪندڙ ماڳ بڻجي ويو هو.

 غلام شاه ڪلهوڙي هر شي کي ٻُهارائي صاف ڪرايو، نيرون جي ياد سان  وابسته ڪو به نشان نه ڇڏيائين، ۽ ان جڳهه تي بلڪل نئين سر حيدرآباد جو قلعو جوڙايائين، قلعي جي تعمير 1768ع  ۾ شروع  ٿي، هي ڪلهوڙن جي دور حڪومت جي سڀ کان وڏي تعمير هئي،  غلام شاه ڪلهوڙي 1770ع کان قلعي ۾ رهائش پذير ٿيو، جڏهن ته سندس موت 1772ع ۾ فالج سبب ٿيو.