پاڪستاني ڊرامن۾سڌاري جي ضرورت

اياز علي

هر ملڪ ۾ الڳ الڳ زبانون آهن ۽ ان ملڪ جا ڊراما هجن يا ٻيو ڪوئي شو، هر ڪنهن چينل تي ڪو نه ڪو ڊرامو يا پروگرام هلندو ئي آهي، پاڪستان ۾ اڪثر ڪري اردو ڊراما وڏي شوق سان ڏٺا ويندا آهن، انهن ۾ ڪنهن حد تائين ڪلچر يا ثقافت ڏيکاريندا آهن پر بيڪ گرائونڊ ۾ ان جي ڪهاڻي هميشه سبق ڏيندڙ هوندي آهي.

پاڪستان جا ڪافي اهڙا ڊراما آهن جيڪي سالن گذرڻ کان پوءِ به ماڻهن کي ياد آهن انهن ۾ مشهور ڊرامو جيڪو سنڌي ۾ آهي ۽ شام جو 5 وڳي کان 6 وڳي تائين هر روز هلندو هو، اهو آهي ناٽڪ رنگ جنهن ۾ سنڌي معاشري کي سٺي نموني اجاگر ڪيو ويو هو.

سنڌ جي ثقافت ۽ ان جي رهڻي ڪهڻي پڻ ڏيکاري ويئي هئي. ٻيا به کوڙ سارا ڊراما جيڪي گهڻو مشهور ٿيا، انهن ۾ دهوان، ديوارين، جنگل، آشيانه، تنهايان ۽ ٻيا به ڪيترائي ڊراما هئا ۽ هاڻ جيڪي ڊراما ڏيکاريا وڃن ٿا انهن ۾ نه ڪا ثقافت آهي ۽ نه ئي وري ڪو تهذيب ۽ ٻولي جو به بگاڙ ڪيو ويو آهي.

جيئن هڪ نجي ٽي وي چينل تي هينئر هڪ سنڌي سيريل هلي رهيو جنهن ۾ صرف هٿيارن جي نمائش ڪئي وئي آهي، ۽ سنڌي ماڻهن کي ڦڏائي ۽ ڌاڙيل ڏيکاريو ويو آهي جيڪو اسانجي تهذيب جي بلڪل ابتڙ آهي.

اسان نجي ٽي چئنل وارن کان گهر ٿا ڪريون ته ڊراما ۽ اسٽيج شو اهڙا ڏيکاريا وڃن جيڪي اسان جي معاشري ۾ سڌارو آڻي سگهن نه ڪي بگاڙ.*