ماڻهو ۽ ماڻهپو

غلام مرتضي مگريو

سائنس موجب جاندارن جا ٻه قسم آهن، هڪ ٻوٽا ۽ ٻيو جانور، ان ڳالهه کي سڀئي مڃون ٿا ته ان مان صاف ظاهر آهي ته اسان جانور ئي آهيون.

ساڳئي نموني سماجي سائنس ۾ به ائين ئي چيو ويندو آهي ته ماڻهو سماجي جانور آهي، هڪ سماجي جانور جيڪو سماجي اصول، ضابطن يا اخلاقي دائرن ۽ قدرن جو ماسڪ پهري ته ان کي ماڻهو يا انسان چئبو آهي.

 جيڪڏهن ڪنهن کي اهو اصولن ۽ اخلاقي دائرن وارو ماسڪ نه آهي ته ان کي سنئون سڌو جانور يا حيوان ئي چئبو. هاڻ اهو واضح ڪجي ته اهي اصول ۽ اخلاقي دائرا آهن ڪهڙا جيڪي سماجي جانور کي ماڻهو طور مڃرائين ٿا.

پر ان کان اڳ ان ڳالهه کي سمجهڻ ۾ سولائي لاءِ هتي اهو به واضح ڪرڻ ضروري ٿي پيو آهي ته اسان پڙهيل لکيل ڪنهن کي ٿا چئون، منهنجي خيال ۾ 80 سيڪڙو ماڻهو ڊگري يافته ماڻهن کي ئي پڙهيل لکيل چوندا آهن.

پر ائين بلڪل ناهي، ڪيترائي اهڙا پڙهيل لکيل آهن جن کي معاشري ۾ اُٿڻ ويهڻ، احساس يا سهپ ته پري جي ڳالهه پر ڳالهائڻ جو به ڍنگ نه آهي.

برطانوي اخبار جي پاڪستان ۾ دهشتگردي بابت هڪ رپورٽ ۾ پاڪستان جي ئي هڪ گمنام اهلڪار جو بيان ڄاڻايل هو ته دهشتگردي جي مختلف ڪاررواين ۾ گرفتار ٿيل 25 نوجوان ڏوهارين کان پڇاڳاڇا ڪئي وئي ته سڀئي ڊگري يافته ظاهر ٿيا، انهن مان ڪو انجنيئرنگ ۾ گريجوئيٽ هو ته ڪو ڪامرس ۽ سائنس جي سبجيڪٽن ۾ پوسٽ گريجوئٽ هو.

اهڙي نموني اهڙن ڊگري يافته نوجوانن کي ڪيئن پڙهيل لکيل چئي سگهجي ٿو. هي رڳو ڪجهه ڦرن، ڌاڙن يا ڪلنگ جي وارداتن ۾ ملوث ڊگري يافته ماڻهن جو ذڪر ڪيو پر انهن جا ٻيا ڀائر به ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي ڦرون، ڌاڙا کڻي نه هڻن پر جهيڙن جهٽن، آوارا گردي يا رشوت ذريعي غريب ماڻهن کي ڦرڻ ڦٽڻ ۾ ته ملوث آهن، اهڙن ماڻهن کي ڪيئن پڙهيا لکيا چئجي.

هاڻ اچون ٿا اصل موضوع تي ته ماڻهو ٿيڻ لاءِ ڪهڙا سماجي اصول ۽ اخلاقي دائرا هجڻ گهرجن…؟

هڪ سماجي جانور ۾ احساس، احترام، سهپ، قدر، حياءَ، ڏُک يا رحم جهڙيون ڳالهيون هجڻ ئي سماجي اصول، قدر يا اخلاقي دائرا آهن.

جيڪي هڪ سماجي جانور کي ٻئي سماجي جانور ۾ نظر ايندا آهن، جيڪڏهن اهي شيون ڪنهن ۾ ناهن ته ان کي رڳو جانور ئي چئبو.

جيئن اسان پنهنجي اردگرد سماجي وحشين هٿان ٿيندڙ واقعن کي روزانو ڏسندا آهيون، ڪڏهن اخبار ۾ اها به خبر پڙهي سين ته زمين جي ٽُڪر جي تڪرار تان هڪ ڀاءُ ٻئي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، ٽي وي چئنلن ۽ اخبارن ۾ پنج ست سالن جي ٻارڙين سان زيادتي جون خبرون سامهون اچن ٿيون، ٻنيءَ ۾ ٿورو وڌيڪ پاڻي واهڻ تان ماڻهو ماريو ٿا ڇڏين جهڙن سمورن واقعن ۾ ملوث انساني شڪل ۾ انهن حيوانن کي جانور ئي ته چئبو. 

پر جي ڪو مٿي ٻڌايل انهن اخلاقي دائرن ۾ اچي ٿو ته هن کي ماڻهو چئبو ۽ هن جو انهن اخلاقي دائرن ۾ رهي پيش اچڻ کي ماڻهپو چئجي.*