ڪتاب پڙهڻ جو گهٽجندڙرجحان

هر چند مينگهوار

ڪو دؤر هو جڏهن گهر ۾ موجود وڏڙا رات جي پهر ۾ گهر جي مڙني ٻارن کي گڏ ڪري ڏاهپ ۽ معلومات سان ڀريل جنن ۽ پرين جي ڪردارن واريون آکاڻيون ٻڌائيندا هئا، جن کي ٻڌڻ سان ٻارن ۾ ڄاڻ سان گڏوگڏ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت، ذهني سجاڳي ۽ مطالعي ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو هو.

اهو ٻار جڏهن وڏو ٿي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ قدم رکندو هو ته ڪنهن به ڏکئي موڙ تي انهن آکاڻين مان پرايل سبق سندن رهنمائي ڪندو هو.

ڀلي کڻي اهي وڏڙا ”البرٽ آئنسٽائين“ جي هن چوڻي کان واقف نه هئا ته، جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار ذهين ٿين ته انهن کي آکاڻيون ٻڌايو.

ان کانپوءِ ان وقت جو جيڪو نوجوان طبقو هو ان جو لڳاءُ ڪتابن سان تمام گهڻو هوندو هو. هُو ڪتابن کي پنهنجو بهترين دوست تصور ڪندا هئا، ايتري قدر جو ڀلي کڻي گهر ۾ لائيٽ نه به هجي پر پوءِ به هو گهٽين جي لائيٽ ۾ پنهنجي ڪتاب پڙهڻ جي شوق کي پورو ڪندا هئا، ڇاڪاڻ جو ڪتابن جو قدر هو ۽ هُو ڪتابن جي اهميت کان چڱي ريت واقف هئا.

ڪتابن ۾ موجود ڏاهپ ڀريون نصيحتون، معاشري ۾ اُٿ ويهه جو انداز، زندگيءَ کي بهترين نموني گذارڻ جا طريقا ۽ دنيا جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي وڌ کان وڌ علم حاصل ڪرڻ واري اُڃ لاهڻ لاءِ هو هر قيمت ڏيڻ لاءِ تيار هئا.

ان وقت تحفي ۾ ڪتاب ڏيڻ جو رواج پڻ عروج تي هو، پر اڄڪلهه جي ٽيڪنالاجي واري دور ۾ نه ٻارن ۾ آکاڻيون ٻڌڻ جو شوق رهيو آهي ۽ نه وري اسان نوجوانن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو. مائٽ ٻارن جي ضد تي کين وڊيو گيمون وٺيو ڏين، پوءِ ٻار سڄو ڏينهن ان وندر ۾ ائين مشغول آهن جو آکاڻيون ٻڌڻ ۽ معلوماتي ڪتاب پڙهڻ ته ٺهيو پر پنهنجي اسڪول جو ڪم ڪرڻ کان به قاصر آهن، ۽ ٻئي پاسي نوجوان وري انٽرنيٽ چيٽنگ ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

پوءِ ڀلي ڇونه دنيا اونڌي ٿي وڃي پر ڪمپيوٽر مان اک ناهي ڪڍڻي. ميلي جو نه لڳڻ، والدين ۽ استادن جو ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي اهميت جي باري ۾ آگاهي نه ڏيڻ اهم ڪارڻ آهي.

ڪائلي زمر جنهن آمريڪا جي ٻارن جي ڪتاب پڙهڻ واري رجحان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ، ”فرسٽ بوڪ“ جي نالي سان هڪ غير سرڪاري تنظيم جو بنياد رکيو.

جنهن جو مقصد غريب ٻارن ۾ مفت ڪتاب ورهائڻ آهي، هي تنظيم اڄ تائين 85 ملين ڪتاب مفت ورهائي چڪي آهي.

ڪائلي زمر جي مطابق ته ”آمريڪا ۾ 42 سيڪڙو اهڙا ٻار آهن جن جو تعلق غريب خاندان سان آهي، جيڪي صرف پنهنجي گهر جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ به عاجز آهن، پنهنجي ٻارن کي ڪتاب وٺي ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي.

ان صورتحال ۾ نه صرف 42 سيڪڙو غريب خاندان جا ٻار ڪتاب پڙهڻ کان محروم آهن پر ڪتاب ڇاپڻ واري صنعت پڻ انهن 42 سيڪڙو خاندانن تائين نه ٿي پهچي.“

 هيءَ تنظيم ڪيترن ئي ٻين سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمن سان ملي چندا گڏ ڪري ڪم سرانجام ڏيئي رهي آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ موجود هڪ سرڪاري تنظيم “نيشنل بوڪ فائونڊيشن“ جو ڪردار به ذڪر جوڳو آهي جنهن پاڪستان ۾ ڪتاب پڙهڻ جي رجحان کي تمام گهڻي هٿي وٺرائي آهي، ان تنظيم جو بنياد 1972ع ۾ وڌو ويو.

 ان تنظيم جو مقصد نوجوان توڙي ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي. هيءَ تنظيم هن وقت ڪيترن ئي  منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، جن ۾ ڳوٺن توڙي شهرن ۾ بوڪ ڪلبن جو بنياد، جيڪي پبلڪ لائبريرين جي صورت ۾ ڪيترن ئي شهرن ۾ موجود آهن.

ريڊرس ڪلبن جو بنياد جنهن تحت ملڪ جي مخصوص 47 شهرن ۾  ميمبرشپ کانپوءِ ميمبرن کي اڌ قيمت ۾ ڪتاب وڪرو ڪياوڃن ٿا. جنهن جو باقي اڌ  تنظيم ادا ڪري ٿي.

 نيشنل بوڪ فائونڊيشن جي هڪ ٻئي منصوبي تحت ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 1987ع کان ڪوششون شروع ڪيون ويون.

تنظيم جي ويب سائيٽ تي معلومات مهيا ڪئي وڃي ٿي، هن منصوبي تحت ٻارن ۾ نصابي ڪتابن کان علاوه آکاڻين ۽ ٻين معلوماتي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ ٻاراڻي ادب جا ڪتاب مفت ۾ ورهايا وڃن ٿا.

ڪتابن جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته، مغرب جي ماڻهن ۾ مطالعي جو ايترو ته رجحان آهي جو هنن وٽ هر قسم جي جديد ٽيڪنالاجي هجڻ جي باوجود ڀلي کڻي بس اسٽاپ هجي يا ريلوي اسٽيشن، ايئرپورٽ يا ڪوبه سفر، اُن دوران هو ڪتاب پڙهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.

پوري دنيا جي نفسيات جا ماهر پنهنجي مختلف تحقيق جي بنياد تي ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته ڪتاب پڙهڻ جي عادت ذهني توڙي جسماني نشونما جو بهترين ذريعو آهي.

ڪتاب پڙهڻ سان نوجوانن ۾ مثبت سوچ ۽ صحيح غلط جو فرق ڪرڻ جو شعور پيدا ٿئي ٿو. ۽ هو پوري دنيا سان ڳانڍاپي ۾ رهن ٿا.

پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت کي سمجهڻ ۾ به ڪتاب مدد ڪن ٿا. مارگريٽ فلر جي هڪ چوڻي (Today a reader, Tomorrow a leader) مان ڪتاب پڙهڻ جي اهميت وڌيڪ واضح ٿئي ٿي.

گذريل سال آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين جي پروفيسرن جي هڪ گڏيل تحقيق پڌري ٿي، جيڪا 27 ملڪن جي 70 هزار ٻارن تي ڪئي وئي.

هن تحقيق مطابق جن ٻارن جي گهرن ۾ نصابي ڪتاب کان علاوه ٻيا معلوماتي ڪتاب موجود هئا ۽ کين ڪتاب پڙهڻ جي عادت هئي ۽ گهر ۾ پڙهڻ لکڻ وارو سٺو ماحول مليل هو.

تن جي تعليمي صلاحيت انهن ٻارن جي نسبت ڪيئي درجا بهتر هئي جيڪي ٻار ڪتاب پڙهڻ کان محروم هئا.

پاڪستان ۾ ڪتاب پڙهڻ جي رجحان جي باري ۾ ڊسمبر 2008ع دوران گيلپ پاران ڪيل هڪ سروي مطابق 27 سيڪڙو ماڻهو غير نصابي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. جڏهن ته باقي 73 سيڪڙو ماڻهن جي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي نه آهي.

گيلپ جي ان سروي جا هي انگ اکر ته پاڪستان جي چئني صوبن جا آهن، پر جيڪڏهن صرف سنڌ صوبي کي ڏسجي ته سڌي سنئين ونڊ مطابق تقريباً 6 سيڪڙو سنڌي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.

جيڪو هڪ ذاتي اندازو آهي پر سنڌ سان ٻين صوبن جي آباديءَ جي نسبت ۽ غربت ۽ بيروزگاري جي صورتحال کي ڏسبو ته اهو فرضي اندازو شايد غلط ثابت ٿئي.

اسان جي معاشري ۾ ڪتابن جي مطالعي کان پري هجڻ جا ڪيئي ڪارڻ آهن. جن ۾ عوامي لائبريرين جي کوٽ، معياري مواد جي کوٽ.

اڄڪلهه اسين پنهنجي معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. اها تبديلي بلڪل اچي سگهي ٿي، ۽ اها تبديلي ائين ايندي ته اسين جيڪڏهن فضول ڪمن کي ڇڏي ڪتابن سان دوستي شروع ڪري ڇڏيون ۽ سڄي ڏينهن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ ضرور ڪنهن سٺي ڪتاب جو مطالعو ڪيو وڃي.

جيڪڏهن اهو به ممڪن نه آهي ته هفتي ۾ هڪ ڏينهن مطالعي کي ضرور ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجي ٻارن کي سٺا معلوماتي ڪتاب پڙهڻ جي تلقين ڪئي وڃي ته اهو ڏينهن پري ناهي جو اسان جا رويا ۽ اسان جون زندگيون تبديل ٿي وينديون ۽ هڪ صحتمند علمي ماحول جو بنياد ٻيهر پئجي ويندو.

ان کان بلڪل انڪار نه آهي، ته اڄ به ڪجهه بهترين ليکڪ جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مَسَ اسان ۾ موجود آهن، پنهنجي سگهه مطابق بهترين لکڻيون لکي معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي خواب جي ساڀيان ڏانهن وڌي ته رهيا آهن، پر ان رجحان کي وڌيڪ ترقي وٺرائڻ لاءِ اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

درسگاهن سان دل منهنجي، ڪتب خانو وطن منهنجو

ڪتابن ۾ دفن ٿيندس، ورق ٿيندا ڪفن منهنجو