ڪڌي رسم زريعي عورتن جو قتل

الطاف حسين ڪوڪر

اسان جي سماج ۾ ڪافي فرسوده روايتون گهر ڪري چڪيون آهن، جن ۾ سڀ کان خطرناڪ ۽ ناسور بڻيل روايت ڪاروڪاري آهي.

 ڪاروڪاري اصل ۾ انساني انا جي تسڪين ۽ غيرت جي نالي تي ٻين جو قتل ڪرڻ وارو انتهائي قدم آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري عورتن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، جنهن به بيگناهه عورت کان ڪنهن دشمني جو پلاند وٺڻو هوندو آهي ته مٿس بدڪاري جو الزام مڙهي انهيءَ کي ڪاري قرار ڏنو ويندو آهي ۽ اهڙي ريت انهيءَ عورت کي پنهنجي ئي گهر وارن جي هٿان يا پنچائت وارن جي هٿان قتل ڪيو ويندو آهي، خاص طور تي سنڌ ۾ انهيءَ روايت تحت عورتن جي قتل وارن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اها فرسوده رسم هر سال سوين عورتن جي جان وٺندي آهي.

 هونئن ته مسلمان اڪثر ڪري اسلامي نظام ۽ عقيدي موجب زندگي گذارڻ ۽ دين جي اصولن موجب زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر اسلام جيڪو رتبو ۽ مقام عورتن کي ڏنو آهي اهو ڪنهن ٻئي مذهب نه ڏنو آهي، پر ان باوجود اسان جي سماج ۾ ڪيتريون خاميون آهن، جن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.

سنڌ کان علاوه پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ به انهيءَ غيرت جي نالي تي قتل ٿيندا رهن ٿا پر ميڊيا پاران انهي اشو کي اٿارڻ ڪري ڪٿي ڪٿي انهيءَ فرسوده رسم ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي.

 ان جو هڪ وڏو سبب تعليم جي گهٽتائي آهي، اسان جي ڳوٺن ۾ تعليم جي گهٽتائي ۽ جهالت جي ڪري وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ڇانو ۾ اسان جي مرد حضرات جي ذهني اوسر ٿئي ٿي ۽ اهي پسمانده ذهنيت جا مرد ماڻهو ٿوري ڳالهه کي وڌائي غيرت جو مسئلو بڻائين ٿا ۽ پنهنجي مردانگي جو اظهار ڪندي ڪاروڪاري جي نالي تي پنهنجي ڀيڻ، ماءُ ۽ ڌيءَ يا زال کي قتل ڪن ٿا.

 سوال اهو آهي ته انهيءَ رسم تحت صرف عورتن کي قتل ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ ۽ مرد به انهيءَ جي ڏوهه ۾ برابر جو حقدار آهن ۽ انهيءَ کي آجو قرار ڇو ٿو ڏنو وڃي؟ ڇاڪاڻ جو هي مردن جو معاشرو آهي.

 عورتن جي احساس ۽ جذبات کي سمجهڻ بنا سندن زندگي ۽ موت سندن ئي گهرن جي مردن جي هٿ ۾ هجي ٿو.

اسان جو قانون انهيءَ سلسلي ۾ بيوسي جو مظاهرو ڪندي مجبور نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو اصل حقيقتن کان بي خبري سبب مجرم گرفتار نه ٿو ٿئي ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪو گرفتار به ٿئي ٿو ته اثر رسوخ استعمال ڪندي آزاد ٿي وڃي ٿو ڇاڪاڻ جو انهن جي نظر ۾ غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل باعث فخر آهي.

انهيءَ فرسوده رسم مان جان ڇڏائڻ لاءِ ضروري آهي ته سمورن ممڪن سببن کي پاڙ کان پٽيو وڃي. ملڪ جو قانون هر علائقي ۾ ساڳي طرح سان لاڳو ڪيو وڃي.

تعليم جو شعور بيدار ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻنهي ڌرين کي سزائون ڏنيون وڃن.

انهيءَ کانسواءِ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون فعال ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، جيئن اسان وٽ حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ ڪور گروپ جوڙيو آهي، جيڪو معاشرتي ظلم جي شڪار عورتن جي اخلاقي توڙي قانوني مدد ڪري سگهي ٿو اسان جي آئين جي آرٽيڪل 8 کان وٺي 28 تائين بنيادي انساني حقن کي تحفظ مليل آهي، جنهن بابت مڪمل آگاهي نه هجڻ سبب معاشري ۾ اهڙن واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪرڻ گهرجي ۽ معاشري کي اهڙين فرسوده رسمن کان پاڪ بڻايو وڃي.

چئني صوبن مان حاصل ڪيل انگ اکرن موجب بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ اهڙن واقعن جو تعداد تمام گهٽ آهي پر انهيءَ مان ظاهر اهو نه ٿو ٿئي ته اتان جون عورتون ڪو مڪمل محفوظ آهن ۽ سندن بنيادي حق پورا ڪيا پيا وڃن پر اتان جي گهٽ واقعن جي رپورٽ جو ڪارڻ اتان جو قبائلي ۽ جرڳا نظام آهي، جنهن تحت جاري ٿيندڙ حڪمن ماڻهن کي ظلم خلاف آواز اٿارڻ جي همت کسي ڇڏي. عورتن سان زيادتين وارن واقعن ۾ جنوبي پنجاب ۽ سنڌ جا ڪيترائي ضلعا اڳڀرا آهن جن ۾ ملتان، بهاولپور، سرگوڌا، سکر، حيدرآباد، نوابشاهه، ميرپورخاص، سانگهڙ، شڪارپور ۽ ٻيا شامل آهن. هڪ وڪيل موجب جيڪڏهن 2010ع کي 2000ع سان ڀيٽيو وڃي ۽ 10 سال اڳ جو ڪاٿو لڳايو وڃي ته عورتن جي پائمالي ۾ چار سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هڪ ٻئي نامياري وڪيل ۽ انساني حقن ۽ قانوني مدد واري اداري جي صدر ضياءَ اعواڻ موجب صرف 2009ع جي آخري 6 مهينن ۾ عورتن تي تشدد جا 2655 واقعا ٿيا.

 سڀ کان وڌيڪ 30 سيڪڙو اغوا ۽ انهيءَ کانپوءِ 18 سيڪڙو قتل ٿيا، جن ۾ 126 واقعا ڪاروڪاري تحت قتل ٿيندڙن جا شامل آهن.

پاڪستان ۾ عورتن کي بنيادي انساني حقن کان هميشه محروم رکيو ويو آهي. ان ڪري قبائلي ۽ سرداري نظام ۾ رهندڙ عورت اڄ به قديم ۽ جاهل رسمن کي منهن ڏئي ٿي.

وني ۽ ڪاروڪاري جهڙيون رسمون عالمي سطح تي پاڪستان خلاف ماڻهو کلائي رهيون آهن۔

جڏهن ته شريعت اسلامي ۽ شرعي قانون جو به اهڙين رسمن سان تعلق ناهي. ماهرين موجب عورتن خلاف وڌندڙ تشدد جا واقعا سندن ذهني جسماني صحت ۽ معاشي بدحالي جو سبب بڻجن ٿا.

اهو انهيءَ ڳالهه جي تقاضا ڪري ٿو ته سول سوسائٽي جا نمائندا، چونڊيل نمائندا، لاڳاپيل کاتن ۽ پوليس، صحت، سماجي ڀلائي واري کاتي جا عملدار توڙي وڪيل ۽ ميڊيا انهيءَ عمل  خلاف فوري طور ڪارروائي ڪن ۽ انهيءَ عمل کي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.

عورتن جي جان وٺندڙ اهڙين رسمن کي روڪڻ لاءِ اثرائتي قانون جو لاڳو ڪرڻ ۽ انصاف جي فراهمي توڙي عورتن کي سندن حقن جي خلاف ورزي بابت آگاهي ۽ تعليم تمام ضروري آهي ۽ ڪاروڪاري رسم کي روڪڻ لاءِ انساني حقن جون تنظيمون ڪاميٽيون جوڙين ۽ اهي ڪاروڪاري جي اصل حقيقتن کي بي نقاب ڪن ۽  بيگناهه عورت کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن ته جيئن ڪاروڪاري جهڙي ڪڌي رسم جو خاتمو اچي سگهي.*