درزڪي ڪم جوتبديل ٿيندڙ رجحان

هر چند مينگهوار

هر علائقي جو پنهنجو لباس آهي جيڪو ڪن علائقن ۾ ڏاڍو رنگا رنگ، سهڻو ۽ شانائتي هئڻ سان گڏوگڏ پهرڻ واري جي اعليٰ ذوق کي ظاهر ڪري ٿو.

علائقائي لباس ۾ شلوار، قميص، گوڏ، ٽوپي يا پٽڪي ۾ گهڻي ڀاڱي هڪجهڙائي آهي. رڳو علائقي جي حساب سان رنگ ۽ نمونو ڌار هوندو آهي.

پاڪستان جو قومي لباس سادو پر شانائتو آهي. مرد شلوار، قميص يا پهراڻ، شيرواني ۽ ٽوپي پائين يا پٽڪو ٻڌن ٿا. عورت لاءِ شلوار چولو ۽ پوتي عام لباس آهي. پر سڄي لباسن ۾ حياءَ ۽ پردي جو پورو ڌيان رکيو ويندو آهي.

اڄڪلهه لباس ٺاهڻ جي ڪم ۾ گهڻي تبديلي اچي ويئي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن هن ڪم ۾ هڪ نواڻ ۽ نت نيون ڊزائنون فيشن جي طور استعمال ٿي رهيون آهن.

عيد جي ڏينهن ۾ درزين وٽ عورتن ۽ نوجوانن جي رش تمام گهڻي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ڇو ته عيد جي موقعي تي هرڪو پاڻ کي سٺي لباس ۾ ڏسڻ پسند ڪندو آهي.

ان کان علاوه عورتن جي لباس ۾ ذري گوئي جو رواج پڻ ختم ٿي ويو آهي، ڇو ته هن وقت وڏين وڏين قميصن ۾ ذري جي بجاءِ ليسون ۽ وڏا وڏا بٽڻ لڳايا وڃن ٿا.

شروعات ۾ عورتن لاءِ صرف سادا ڪپڙا ۽ ايراني برقعو هوندو هو، پر هن وقت جينز پينٽ، پاجاما، فليپر ۽ مختلف رنگن جا وڳا جن ۾ ڳاڙهو رنگ، ڪارو، واڱڻائي، آسماني ۽ گهرو واڱڻائي شامل آهن ۽ انهن تي ڀرت جو ڪم پڻ ٿيل هوندو آهي جيڪي تمام گهڻي مهانگي اگهه تي مارڪيٽ ۾ موجود آهن.

مردن جي لباس ۾ وري ڪنٽراس جو رجحان وڌي ويو آهي، جنهن ۾ نوجوان ڪف، ڪالر ۽ ڪاج پٽي ۾ مختلف رنگ جو ڪپڙو لڳرائين ٿا.

خاص ڪري نوجوانن ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اهي پنهنجي قميص ۾ ٻه پاسي وارا کيسا ۽ وڏي گهير واريون شلوارون پائڻ پسند ڪن ٿا.

اڄڪلهه پاڪستان ۾ ريڊيمينٽ ڪپڙن جي خريداري ۾ به تمام گهڻي تيزي اچي وئي آهي. جنهن ۾ مختلف قسمن جون ڊزائنون اچڻ جي ڪري خاص ڪري ٻارن جي ڪپڙن ۾ بيشمار قسم جا لباس مارڪيٽ ۾ با آساني دستياب آهن. فيشن ڊيزائنر به ٻارن جي ڪپڙن جي تياري تي توجهه ڏيئي رهيا آهن.

خاص طور تي عيد جي موقعي تي ٻارن لاءِ فراڪ ۽ پاجاما تيار ڪرڻ کان علاوه ڊيزائنر چولا، گهاگهرا ۽ لهنگا وغيره تيار ڪيا ويندا آهن، ان کان سواءِ ننڍن ٻارن لاءِ شلوار ۽ ڪُڙتن جون ورائيٽيون پڻ موجود آهن.

شروعات ۾ هي ڪم تمام گهٽ ۽ ڏکيو هوندو هو ڇو ته مشينري نه هجڻ جي ڪري تمام گهڻي ڏکيائي ٿيندي هئي ۽ هر ڪم ماڻهو کي پنهنجي هٿ سان ڪرڻو پوندو هو، پر اڄ اسان وٽ هر قسم جون مشينون آهن جنهن ان ڪم کي بيحد آسان بڻائي ڇڏيو آهي ۽ درزڪو ڪم ڪاروبار جي صورت اختيار ڪري ويو آهي.

هن وقت ڪپڙن جي سلائي به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ درزڪي ڪم جا وڏا دڪان ۽ ڪم گهڻو هجڻ جي ڪري ٻهراڙي جي علائقن جا ڪاريگر عيد يا وڏن تهوارن تي اوڏانهن جو رخ ڪن ٿا، جتي انهن کي مناسب ڪاريگري ريٽ ملندو آهي.

 هن وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هڪ سادي جوڙي جو ريٽ 600 کان 700 رپين تائين ۽ ڊزائين واري وڳي جو ريٽ 1000 کان 1200 تائين پهتل آهي. هڪ ته ڪپڙو مهانگو ۽ وري سلائي به چوٽ چڙهيل ان صورتحال ۾ غريب ماڻهو لاءِ عيد تي نئون ڪپڙو پائڻ به ناممڪن ٿيندو پيو وڃي.*