توبن گهاريل ڏينهڙا

نصير احمد مير بحر

مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي جتي سڄي سنڌ گڏ ٿئي ٿي، انهي مادر علمي ۾ پنهنجي زندگي جا انمول ڏينهن گذارڻ لاءِ ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ داخلا ملي جنهن جو نالو تبديل ڪري هاڻ ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز رکيو ويو آهي.

وقت جي رفتار ايتري ته تيز هئي جو پهرئين سيميسٽر جا ڏينهن اک ڇنڀ ۾ ئي گذري ويا، جيئن ئي اُونهاري جي موڪلن جو اعلان ٿيو، ڄڻ ته عيد ٿي وئي.

هر هڪ دوست پنهنجي اباڻي ڪکن ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ سامان ٻڌڻ ۾ مصروف هو، مان به پنهنجي ڦاٽل ٿيلهي ۾ گنجائش کان گهڻو سامان وجهي پنهنجي جنم ڀومي سجاول روانو ٿيس ته گهر پهچڻ کانپوءِ ائين محسوس ٿيو ته آزاد فضا ۾ پنهنجي من آهر جيڪو پسند اچي اهو ڪم ڪريان نه پڙهائي جو فڪر نه ئي هاسٽل جي ماني جو اُلڪو بس جيڪو وڻي سو ڪجي.

ها ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته اهڙي ماحول ۾ پڙهائي کي هڪ وڏو ڌڪ رسيو جو انهن ٻن مهينن جو خال شايد سڄي سال ۾ به پورو نه ٿئي، موڪلن ۾ پنهنجي شهر ۾ فضول وقت به وڏي تيزي سان گذرندو رهيو.

بابرڪتن واري ڀلاري مهيني رمضان المبارڪ ۾ سوچيم ڇو نه پنهنجي رب پاڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ الله جي دربار مسجد ۾ 10 ڏهه ڏينهڙا اعتڪاف ۾ ويهجي.

انهي ارادي سان رمضان المبارڪ جي آخري ڏهي ۾ مُحلي جي هڪ مسجد ۾ ويٺس جتي هڪ حقيقي معنى ۾ روحاني سڪون مليو. اسلام جي باري ۾ گهڻو ڪجهه سکڻ جو اهو هڪ بهترين موقعو مليو.

اعتڪاف ۾ ويهي الله پاڪ جي عبادت سان گڏوگڏ اسلامي ڪتابن جو ٿورو گهڻو مطالعو ٿيو. اعتڪاف ۾ هڪ اهم ڳالهه اها به سمجهه ۾ آهي ته اسلام انسانيت جو مذهب آهي ۽ پوري ڪائنات جو مهور صرف محبت ۽ ڀائيچارو آهي.

عيد جو چنڊ  جيئن ئي نظر آيو ته اسان پنهنجي گهر وياسين گهر وارن بي انتها محبت ڏني. خصوصن جيڪا امڙ محبت ڏني اها سڄي زندگي نه وسرندي.

عيد جو ڏهاڙو پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن سان ملندي گذري ويو. وقت سان گڏ موڪلون به ختم ٿي ويون ۽ 2 سيپٽمبر تي حيدرآباد روانو ٿيس.

وڏي وقت کانپوءِ علم ۽ هوائن جي شهر ڄامشوري پهتس ته سڪون مليو. ڄامشوري ۾ جڏهن پنهنجي دوستن سان مليس ته ڄڻ هن مٽي جي پتلي ۾ ساهه پئجي ويو.

پنهنجي ڪلاس فيلوز کان جڏهن موڪلن جي ڏينهن جا حال احوال ورتا ته هر دوست هڪ الڳ ڪهاڻي هو. هر ڪنهن جو اندازِ بيان به مختلف هو.

سڀ کان پهرين پنهنجي ڪلاس جي سي آر الطاف کوکر کان پڇيم ته هن وراڻيو، موڪلن ۾ پنهنجن مٽن مائٽن سان مليس ۽ ڪجهه ڏينهن گهر پڙهندو هيس.

 دوستن سان گڏ موئن جي دڙي گهمڻ ويس، مهراڻ ٽي وي ۾ رپورٽنگ ڪئي، لاڙڪاڻي ۾ محترمه بي نظير ڀٽو جي مزار تي ويس، سچل سرمست جو ميلو گهميو ۽ عيد جي ڏينهن پنهنجي ڳوٺ ويس، پنهنجي مٽن مائٽن سان مليس.

اورنگزيب کان پڇيم تنهن وراڻيو ٻه مهينا ڊيلي سٽي نيوز پيپر ڪراچي ۾ انٽرنشپ ڪئي. ڪراچي جو سير ڪيو 30 روزا رکيا، گهڻو ڪم ڪيو ڊيلي سٽي نيوز پيپر ۾.

طارق عزيز چانگ: ٻه مهينا عبرت نيوز پيپر حيدرآباد ۾ انٽرنشپ ڪئي گهڻو ڪم ڪيو ڪافي ڪجهه سکيو ڪمپوزنگ، ايڊيٽنگ ۽ ان کانپوءِ ڳوٺ ويس موڪلون ختم ٿيون يونيورسٽي آيس.

محمد نعمان: ٽي مهينا اي پي پي حيدرآباد ۾ انٽرنشپ ڪئي، اردو جي ايڊيٽينگ، بيٽ رپورٽنگ، سنڌي ڪمپوزنگ ۽ اردو ڪمپوزنگ ڪئي. ٽي کان چار ڪلاڪ ڪم ڪندو هيس حيدرآباد پريس ڪلب جي سڀني صحافين سان مليس.

پون ڪمار: ٻه مهينن جي موڪلن ۾ تاريخي جاين جو معائنو ڪيو ته اسان جي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون جايون موجود آهن، جن جاين جي خبر نه هئي. تسلم اختر: موڪلن ۾ ڳوٺ هيس ٻه ٽي ڪتاب پڙهيا گهر ۽ ٻني جو ڪم ڪار ڪيو.

سنڌ يونيورسٽي کي هميشه آئون اهو چوندو رهندو آهيان ته تو بن گهاريل ڏينهڙا مون جيئن تيئن ٿي گذاريا.....*