مختلف ماڻهن جا مختلف خيال

الطاف حسين ڪوڪر

آمريڪا جي صدر باراڪ اوبامه جڏهن پنهنجي اليڪشن مهم جو آغاز ڪيو هو ته هڪڙو نعرو هنيو هو اهو نعرو هو تبديلي جو جيڪو تمام گهڻو مقبول ٿيو.

هڪ ڪاري نسل جي ماڻهو کي صدر بڻايو ويو. جنهن پنهنجي منشور ۾ ڪافي شين کي متعارف ڪرايو جيڪي تبديلي جي نعري کي اهميت پهچائن پيون اهو ئي سبب هو جو اوباما جي گهڻي مخالفت جي باوجود به اوبامه ٻيهر چئن سالن جي لاءِ صدر چونڊيو.

اوباما آمريڪا جي عوام کي جنگ مان ڪڍڻ ۾ مصروف آهي. اها ئي وجهه هئي جنهن آمريڪي معاشري کي ڪامياب بڻايو.

منهنجي راءِ مطابق اسان جي ماڻهن مشهور نعري کي پڪڙيو ۽ ان تي عمل نه ڪيو ان جي ڪري تمام گهڻو برو حال آهي. آءِ ايم ايف ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن کان قرض وٺندا آهن. ۽ هاڻي هڪ ٻي مثال مان پنهنجي ميڊيا تي به ڏيڻ چاهيندس.

اسان جي پاڙي واري ملڪ ۾ ڪائي فلم ٽي وي شو يا ريئلٽي شو مشهور ٿيو اسان پنهنجو فرض سمجهي اسان به بلڪل انهن جهڙو پروگرام ڪنداسين نالو تبديل ڪرڻ جي زحمت به نه ڪندا آهيون.

بنيادي ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي ووٽ جو صحيح استعال نه ڪندا آهيون، ان ڪري سالن کان اسان جا مسئلا حل نٿا ٿين ۽ احتجاج مٿان احتجاج ڪندا رهندا آهيون پوءِ ميار ڪنهن کي ڏجي.

اسان ڪڏهن به ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي ته ميڊيا ۾ جيڪا شيءِ اچي ٿي اها درست آهي يا نه ان جا اسان جي زندگي، معاشري ۽ ملڪ تي ڪيترا اثر پوندا.

اسان کي پنهنجي معاشري ۾ تبديليون آڻڻ لاءِ پاڻ کي بدلائڻو پوندو ڇو ته جيڪڏهن پاڻ کي نه بدلائينداسين ته معاشري کي ڪيئن بهتر ڪري سگهنداسين.

اسان ڪڏهن ان ڳالهه تي سوچڻ جي زحمت نه ڪئي ته ميڊيا ۾ جيڪا شيءِ هڪ دفعو استعمال ٿي وڃي ان کي ٻيهر هلائڻ لاءِ ٻيڻو خرچ ۽ ٻيڻي محنت لڳندي آهي.

اسان پنهنجو خيال پيش ڪرڻ جي بجاءِ اوڌر تي ڪم هلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. جيڪڏهن نعريبازن جي زندگي جي باري ۾ معلوم ڪجي ته انهن جي سموري حقيقت معلوم ٿي ويندي.

انهن پنهنجي ذاتي زندگي، رهڻي ڪهڻي يا رويي ۾ ڪڏهن انقلاب آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. پر دعويٰ اٿن پوري قوم کي انقلاب جي راهه تي آڻڻ جي.*