ڪتاب تي تبصرو خواب نگر

سيده ڪنول شاه

سنڌي ادب ۾ ڪالم نويسي جي کوٽ آهي پر ڊاڪٽر محمود مغل جو ڪتاب ”خواب نگر“ ان کوٽ کي پوري ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين مدد گار ثابت ٿيندو.

هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن سيپٽمبر 2007ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور جي نگراني ۾ ڇپيو، هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ جا پهريان 200 صفحا عرفان علي ميمڻ (ڪاوش پرننٽنگ پريس حيدرآباد) ۽ پويان 204 صفحا محمد اصغر رند (ڪمپيوٽر ڪمپوزرس ڄامشورو) مان ڪرايا ويا.

جنهن جو ٽائيٽل عاشق عارباڻي جي هڪ تخليق آ، ۽ سڄي ٽائيٽل جو لي آئوٽ نور محمد سميجو ۽ مرتضيٰ سيال تيار ڪيو. جنهن جي فوٽو گرافي راشد ڪئي.

ڊاڪٽر محمود مغل هن هڪ سو ڪالمن جي ڪتاب ۾ سڀني کان پهرين پنهنجي رب جي نعمتن جو شڪر ادا ڪيو آهي ته اي رب تو مون کي لکڻ جي سگهه عطا ڪئي.

ڊاڪٽر محمود مغل هن ڪتاب ۾ اصل حقيقتن کي بيان ڪيو آهي، پاڻ هن ڪتاب ۾ سچ بيان ڪيو آهي جنهن کي اسان نظرانداز ڪري رهيا آهيون.

سچ انسان کي هر پل ياد آهي پر انهن تي ڪوڙ جي مُهر لڳائي هلون ٿا. هن ڪتاب ۾ مون ڊاڪٽر محمود مغل جي ڪجهه ڪالمن تي نظر وڌي آهي ۽ انهن جي باري ۾ بيان ڪنديس.

مائرون ڪمال ڄاڻينديون آهن:

هن ڪالم ۾ ڊاڪٽر محمود مغل ماءُ جي عظمت ۽ سندس مقام بيان ڪيو آهي. جيجل ماءُ پنهنجي اولاد لاءِ ڇا نه ٿي ڪري اها هر ضد پورو ٿي ڪري، جنهن سان اولاد کي خوشي ملي.

سندس ماءُ جون ڪجهه يادون به محمود صاحب پنهنجن پڙهندڙن سان ونڊيون آهن. پر ڪجهه يادون ۽ ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي وڇوڙي کي ظاهر ۽ محسوس ڪرائين ٿيون.

اولاد کي کپي ته هر پل، هر گهڙي ماءُ جي خدمت ڪن ۽ ان جي آواز تي احترامن جيءُ چئي پنهنجو فرض پورو ڪري دعا جي قبوليت جا رستا کولين، ماءُ اسان کي بهتر طريقي سان ڄاڻي ٿي ماءُ جو ڪو مٽ ناهي ۽ جي ماءُ ناهي ته زندگي ۾ مسڪراهٽ ۽ خوشي به بي رُخي لڳي ٿي.

منهنجي دل ٿي چوي:

هن ڪالم ۾ ڊاڪٽر محمود مغل هڪ اهڙي واقعي بابت ٻڌايو آهي جيڪو پاڻ اکين سان ڏٺو. هڪ دڪان (ٺيلهي) واري پاڻ محمود مغل کي اندران سٺو ميوو ڪڍي ڏنو ۽ ٻي پاسي تڪڙي شخص کي بيزاريءَ مان فروٽ ڏنائين اتي محمود مغل سوچڻ لڳو ته هن ائين ڇو ڪيو؟ پاڻ فوراً پڇيو ته توهان مون کي سٺو ميوو ڏنو ۽ هُن همراهه کي تڪڙ ۾ جهڙو تهڙو، فروٽ واري وراڻيو ته توهان صبر سان سودو وٺي رهيا هئا ۽ هو تمام تڪڙ ۾ ان ڪري منهنجي دل چيو ۽ توهان جو اخلاق ڏسي مون توهان کي سٺو ميوو ڏنو، انسان جيڪڏهن مرڪ جو دائرو اڄ به قائم رکي ته محبت جي سڃاڻپ اڄ به ۽ ايندڙ وقت ۾ به زندهه رهي ٿي.

مٽيءَ جا ماڻهو:

هن ڪالم ۾ محمود مغل پراڻي دور جي ماڻهن جي محبت ۽ احترام  جو ذڪر ڪيو آهي جڏهن لحاظ بنا ڪنهن مطلب ۽ لالچ جي ڪيو ويندو هو.

هن زمين جي مٽيءَ جي خوشبو جيڪا ڳوٺن ۾ شام جي وقت پاڻي پوڻ کان پوءِ اڀري ٿي. اسان انسان جي اندر کي سڪون ۽ پنهنجائپ جو احساس ڏئي ٿي.

پر هاڻي جي دور ۾ بند ڪمرا ۽ انهن ۾ لڳل ايئرڪنڊيشن جن مان آرٽيفيشل هوا اچي انسان کي سست ڪري  ٿي ۽ اها تندرستي نه ٿي ڏي جيڪا قدرتي هوا سان ملي ٿي.

هن ڪالم ۾ محمود مغل انهن مٽي جي ماڻهن کي بيان ڪيو آهي جيڪي ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي انهن دوستن ۽ ڀائرن کي نٿا سڃاڻين جيڪي اڳ ۾ ڀاڪر پائي ملندا هئا. پر اڄ حقيقت ۾ اهي مٽي جا ماڻهو ناهن اهي محبتون ناهن ڪاش اهو وقت واپس اچي.

مون اهڙا تمام گهٽ ڪالم نگار يا ليکڪ ڏٺا آهن جيڪي پنهنجي هڪ هڪ اکر جا ذميوار پاڻ کي ٿا سمجهن!

هن ڪتاب ۾ هر هڪ ڪالم ٻئي کان بلڪل مختلف ۽ هڪ نئين سوچ سان لکيل آهي. پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيو ته جيئن مان ڪا اداڪار هجان جيڪا پنهنجي ڪردار جي گهرائي ۾ گم آهيان.

هڪ هڪ ڪالم ۾ زندگي سٺي نموني سان گذارڻ جا کوڙ سارا نظريا آهن. هنن ڪالمن پڙهڻ سان ڪافي شيون اسان جي دماغ ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿيون.

جيڪي زندگي جي ڪجهه مشڪل پلن ۾ ڪافي حد تائين مددگار ثابت ٿين ٿيون. هن ڪالمن ۾ به ڪجهه اهي سبق ۽ ڳالهيون آهن جن کي محمود مغل لفظن جي ميلاپ سان ٺاهي ڪالمن جي شڪل ڏني آهي.*