راندين جي سهولتن ڪان وانجهيل نوشهرو فيروز

الطاف سيال

رانديون به قومن جي تهذيب جو حصو آهن، دنيا ۾ راندين کي هٿي ڏني پئي وڃي، ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ راندين جا ميدان ويران پيل آهن.

ان جو هڪ اهم مثال نوشهرو فيروز ضلعي جو آهي جنهن ۾ راندين جون سهولتون نه هئڻ برابر آهن.

نوشهرو فيروز ضلعو 5 تعلقن ۽ 51 يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي پر هيل تائين اتي ڪوبه راند جو گرائونڊ ناهي جوڙايو ويو.

جڏهن ته ضلعي ۾ رڳو هڪ تعلقي مورو ۾ گذريل 6 سالن کان قائم ٿيندڙ مِني اسٽيڊيم وارو ڪم پڻ هينئر تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو.

انکانسواءِ ڪنڊيارو، محرابپور، پڊعيدن، خانواهڻ، مٺياڻي سميت ٻين شهرن ۾ ڪوبه راندين لاءِ گرائونڊ ناهي جوڙايو ويو. جنهن ڪري اتان جا نوجوان روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ رانديون ڪري رهيا آهن.

ٻن سالن کان اسپورٽس ڪامپليڪس لاءِ رکيل 2 ڪروڙ روپيا به خرچ نه ٿي سگهيا. پي سي بي به هن ضلعي ۾ ڪرڪيٽ لاءِ ڪو ڪم نه ڪيو آهي.

21 سال گذرڻ باوجود ضلعي کي پلينگ رائيٽس نه ملي سگهيا آهن. نوشهروفيروز جي ضلعي حڪومت پاران مڪاني ادارن جي پهرين دؤر دوران ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ مني اسٽيڊيم جوڙائڻ جو اعلان ته ڪيو ويو هو، پر ان تي 6 سال گذري وڃڻ باوجود عمل نه ٿي سگهيو آهي.

راندين جون سهولتون نه هئڻ جي ڪري هتان جا نوجوان ملڪي، صوبائي توڙي ڊويزن ليول تي ٿيندڙ اسپورٽس مقابلن ۾ حصو وٺي ناهن سگهندا.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نوشهروفيروز ضلعي ۾ راندين جي سهولتن ۾ ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪيو وڃي ۽ حڪومت کي گهرجي ته ضلعي نوشهروفيروز جي نوجوانن کي راندين جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن هتان جا نوجوان ملڪي، صوبائي، توڙي ڊويزن سطح تي ٿيندڙ اسپورٽس مقابلن ۾ حصو وٺي سگهن.*