سنڌ صوبي جو هڪ اهم ضلعو سانگهڙ

موهن لال

سانگهڙ سنڌ صوبي جو هڪ وڏو ضلعو آهي, اهو سنڌ صوبي جي وچ ۾ واقع آهي ۽ انڊيا جي اوڀر طرف کان آهي.

سانگهڙ ضلعو نوابشاهه جي اتر طرف آهي جيڪو تقريبن 56 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي ۽ ساڳئي مفاصلي تي اتر طرف ميرپورخاص آهي.

سانگهڙ ضلعو ڪانڀو خان جي نالي سان مشهور آهي. ضلعي جي آبادي 2000000 جي لڳ ڀڳ آهي. سانگهڙ ضلعي جا ڇهه تعلقا آهن. سنجهورو، شهدادپور، ٽنڊو آدم، کپرو، ڄام نواز علي ۽ سانگهڙ.

ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر پڻ انهيءَ شهر ۾ آهي، سانگهڙ ضلعو ننڍڙو ڳوٺ هو، جيڪو 18 صدي کان مشهور ٿيو. هن شهر جو نالو هڪ ”فشر“ عورت جي پويان پيو. هڪ صدي کان وڌيڪ اهو شهر هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي حيثيت ۾ آباد رهيو.

سنڌ صوبي ۾ برطانيا جي لاءِ ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ بمبئي پريڊنسي ٺاهي وئي ۽ 1935ع ۾ هڪ الڳ صوبو ٺاهيو ويو، انهي دور ۾ سانگهڙ ضلعو هڪ تعلقي جي حيثيت رکندو هو.

1954ع ۾ سانگهڙ کي هيڊ ڪوارٽر ٺاهيو ويو، ضلعي ۾ حُرن جي اڪثريت هئي. جن آزادي لاءِ برطانيا حڪومت خلاف تحريڪ هلائي ۽ ڪافي حُر ان تحريڪ ۾ شهيد ٿي ويا، هن وقت به ضلعي سانگهڙ ۾ پير صاحب جي مريدن ۽ پير صاحب جي حُرن جي اڪثريت آهي.

سانگهڙ ضلعو سنڌ جي تاريخي جاين ۽ شخصيتن جي حوالي سان پڻ مشهور آهي. گڙنگ بنگلو، جامع مسجد، مشهور بزرگ عبدالرحيم گوري، سلطان فقير لاشاري، ميرن جا قبا، ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ اڳوڻو وڏو وزير ڄام صادق علي سانگهڙ ضلعي جا آهن.

سُهڻي جو مقبرو به سانگهڙ ضلعي جي مشهور شهر شهدادپور ۾ واقع آهي. جيڪو سانگهڙ کان 40 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. شهدادپور جو نالو ”مير شهداد ٽالپور“ جي وفات کان پوءِ سندس جي نالي تي رکيو ويو.

مير شهداد ٽالپور جو مقبرو به سانگهڙ ضلعي جي مشهور شهر ”شاهپور چاڪر“ ۾ واقع آهي ۽ هن شهر جو نالو شهداد ٽالپور جي پٽ مير چاڪر خان ٽالپور جي نالي تي رکيو ويو هو.

ان کان علاوه ڪيڊٽ ڪاليج جيڪو تعليم جي حساب سان تمام بهتر ۽ سٺو ادارو آهي اُهو پڻ سانگهڙ ضلعي ۾ واقع آهي. سياسي لحاظ کان به هن ضلعي کي وڏي اهميت حاصل آهي، سانگهڙ ضلعي ۾ 3 سيٽون قومي اسيمبلي جون ۽ 6 سيٽون صوبائي اسيمبلي جون آهن.

سانگهڙ ضلعو زراعت جي حساب سان پوري سنڌ ۾ مشهور آهي، هن ضلعي ۾ ڪڻڪ، ٻاجهر، جو، ڪپهه، ڪمند ۽ ٻي زرعي پيدوار پڻ وڏي تعداد ۾ ٿيندي آهي.*