هڪجهڙو تعليمي نظام رائج ڪرڻ جي ضرورت

طارق عزيز چانگ

اڄ اسان جي تعليم ڪٿي بيٺل آهي، پرائمري تعليم جو ڇا حال آهي، سرڪاري اسڪولن ۾ استاد ريگيولر نٿا اچن، اسڪول جي بلڊنگن ۾ اوطاقون ٺهيل آهن.

غريب ماڻهو ٻارن کي پرائيويٽ اسڪول ۾ نٿو پڙهائي سگهي مجبورن سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ٿو ۽ سرڪاري اسڪولن جو اهو حال آهي ان ڪري غريبن جا ٻار صحيح نموني تعليم حاصل نٿا ڪري سگهن، اسان ڪڏهن انهي تي سوچيو آهي.

 ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تعليم ئي آهي جيڪا ڪنهن به ملڪ يا قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضامن آهي، جنهن به ملڪ جو ايندڙ نسل تعليم يافته هوندو ته ان ملڪ ۾ حڪمران به سٺا ملندا، تعليم جي زيور سان ئي ملڪ ۽ قوم ترقي ڪري سگهي ٿي.

 پوءِ زرعي ميدان هجي، معاشي، سماجي، سياسي يا زندگي جو ڪو به شعبو هجي ان ۾ تعليم يافته معاشرو ئي ترقي ڪري سگهي ٿو، بدقسمتي سان هن سائنس ۽ ٽئڪنالاجي جي دور ۾ پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه ڏهاڪا پٺ تي آهي.

 پاڪستان جا شاگرد ذهني صلاحيتن کان ٻين ملڪن جي شاگردن کان گهٽ نه آهن پر افسوس اهو آهي، اسان وٽ شاگردن کي تعليم جون هڪجهڙيون سهولتون ميسر نه آهن.

جنهن ڪري مجموعي طور تي اسان جي ملڪ جا شاگرد اهو نتيجو نه ڏئي سگهيا آهن، جيڪي ٻين ملڪن جا شاگرد پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن.

ان جو ڪارڻ اسان جي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نظام ناهي، غريب سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ٿا اُتي پڙهائي جو ڪو خاص ماحول ناهي هوندو پر وڏن ماڻهن جا پُٽ سُٺن پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا جتي انهن کي پڙهائي کان علاوه هر سهولت ڏني ويندي آهي.

 آئون سرڪار کي اها صلاح ڏيندس ته سرڪاري اسڪولن جي تعليم کي بهتر ڪيو وڃي ته جيئن غريب ۽ امير هڪجهڙي تعليم حاصل ڪري سگهن.

بهرحال هن وقت ٻارن کي وڏي مان وڏي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ جو رواج به عام ٿي ويو آهي، جن جون فيون به مهانگايون آهن. اسان جي ملڪ جا تعليمدان، سياستدان سماج سڌارڪ تعليم جي بهتري لاءِ ته وڏيون وڏيون دعوائون ڪن ٿا پر حقيقت ۾ ٿئي ڪجهه به ڪونه ٿو، اڄ تائين نه ڪنهن تعليم يا تعليمي ادارن جي مالڪي ڪئي آهي نه وري تعليم کي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ اندر تعليم جي سڌاري ۽ ترقي لاءِ حڪومت تعليم لاءِ خصوصي اهم اپاءَ وٺي، جيڪا بجيٽ تعليم لاءِ مقرر آهي، ان جو مڪمل استعمال ڪري، پوئتي پيل علائقن ۾ بند اسڪول کولرايا وڃن، استادن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي، غريب ٻارڙن جي سئو سيڪڙو داخلا يقيني ڪرائي تعليم کي معياري بڻائي سمورن تعليمي ادارن ۾ وڏيرن جا غير قانوني قبضا ختم ڪرايا وڃن.

تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي ۽ تعليم هر شاگرد لاءِ برابر هجڻ ضروري آهي، جتي اسان جي پنجاب صوبي ۾ ليپ ٽاپ اسڪيمن سان گڏ نوجوان شاگردن لاءِ ٻيون به اسڪيمون ظاهر ڪرايون آهن.

آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان اندر شاگردن کي گذريل سال 35000 اسڪالرشپن سان نوازيو ويو پر شايد سنڌ صوبي اندر تعليم جي بگڙيل صورتحال ڪنهن کي نظر نه اچي رهي آهي.

خبرن ۾ ته اهو روز ئي ٻڌندو رهندو آهيان ته دهشتگردي ملڪ کي ڳڙڪائي رهي آهي. پر منهنجي سوچ مطابق ته اسان جو بگڙيل تعليمي نظام لڪ تي راڪاس جيئان ڇانئيل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ امن امان جي صورتحال به خراب آهي، تعليم جي بربادي جو ٻيو سبب آهي ڪاپي ڪلچر ۽ ڪرپٽ آفيسر جيڪي شاگردن کي چند روپين جي لالچ ۾ گريڊ سان نوازين ٿا، اهو شاگرد جڏهن فيلڊ ۾ اچي ٿو ته ناڪام ٿيو وڃي.

استادن کي پنهنجي فرض ۽ ذميداري جو احساس ڏيارڻ گهرجي، تعليمي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڄاڻ علم دوست ماهرن ۽ اديبن جون خدمتون حاصل ڪرڻ گهرجن، معاشري ۾ مڙني طبقن تي اهو قانون لاڳو ڪيو وڃي ته وڌ کان وڌ ماڻهو تعليم حاصل ڪن، ٻارن کي پورهئي ڪرڻ کان آجو ڪرائي سندن هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب ڏنا وڃن ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏنو وڃي، ڇو ته سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم گهڻو پٺ تي پيل آهي.*