عورتن تي ٿيندڙ ظلم آخر ڇو نٿور ڪجي

روبينه ناز

ائين چوڻ ته تمام آسان آهي ته ڌيئر گهر جي لاءِ باعث رحمت هونديون آهن پر ڇا واقعي ماڻهو ان ڳالهه کي قبول ڪن ٿا يا اها ڳالهه چوڻ ۽ ٻڌڻ جي حد تائين محدود رهجي وئي آهي.

 اسان جو ملڪ اسلامي جمهوريه هئڻ جي باوجود اسلام جو پاسدار نه آهي. اسلام اسان کي عورت جي عزت ۽ احترام ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿو پر اڄڪلهه جون حالتون بلڪل ان جي ابتڙ آهن.

اسان جي معاشري ۾ عورت کي عزت ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر عورتن کي الڳ طريقن سان حراسان (ڊيڄاريو) ويندو آهي. انهن تي پنهنجي ڪاوڙ ۽ طاقت ۽ زور آزمايو ويندو آهي.

ڇا اسان جو باشعور زمانو اڃا تائين ان باهه ۾ نه ناهي ويڙهيل جيڪا ڪافي عرصي پهرين عرب جي باشندن ۾ هوندي هئي.

جڏهن اهي پنهنجي نياڻين جي پيدائش تي ان حد تائين مايوس ۽ شرمنده ٿيندا هئا جو انهن کي پيدا ٿيندي زندهه دفن ڪري ڇڏيندا هئا، اڄڪلهه جون حالتون به ان ماضي جي صورت ۾ سامهون اچن ٿيون جنهن ۾ عورتن تي حد کان وڌيڪ تشدد ڪيو ويندو هو.

آخر عورت کي گهٽ ۽ مردن جي مقابلي حقير ڇو سمجهيو وڃي ٿو انهن کي زندگي جي هر موڙ تي معاشري ۽ مردن جي بڻايل شرطن ۽ اصولن مطابق ائين هلايو ويندو آهي ڄڻ ڪو ان جو وارث نه هجي.

تعليم کان وٺي شادي جي رشتي ۾ ٻڌجڻ تائين اها پنهنجي گهر وارن جي مرضي جي محتاج ۽ ان کان پوءِ پنهنجي مڙس ۽ ساهرن جي محتاج.

ڪيترائي والدين پنهنجي نياڻي کي جلدي رخصت ڪرڻ جي سوچ ۾ ايتري قدر انڌا ٿي ويندا آهن جو پنهنجي نياڻي کي اهڙي گهر موڪلي ڇڏين ٿا جتي يا ته ظالم ساهرا هوندا آهن يا وري مڙس اهڙو ملي جيڪو نشي جو عادي هجي نتيجي ۾ نياڻي جي پوري زندگي ڏکن ۽ سورن ۾ گذرندي آهي.

ساهرن جي بري سلوڪ جي اها انتها نظر ايندي آهي، جيڪي عورت کي مارڪٽ کان علاوه ان کي هٿن، پيرن، اک، نڪ، ڪن ۽ ٻين عضون کان محروم ڪيو ڇڏين. ڪافي عورتون اهڙي ظالمن جي هٿان پنهنجي زندگي وڃايو ڇڏين.

سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته عورتن تي ان ظلم ۽ تشدد کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي. ڪافي سماجي ۽ انساني حقن جون تنظيمون عورتن تي ٿيندڙ تشدد خلاف ڪم ڪري رهيون آهن.

نيشنل اين جي اوز به پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ان مسئلي تي جنهن ۾ عورت فائونڊيشن، شرڪت گاهه سينٽر، تحريڪ نسوان، آواز نسوان ۽ جيجل اين جي او شامل آهن.

ميڊيا به عورتن تي ٿيندڙ تشدد خلاف آواز اٿاري رهي آهي ۽ ڪافي ڊاڪيومينٽريون به ٺاهيون ويون آهن.

پوليس به اهڙي ڪيسن کي سختي سان ڏسي رهي آهي ۽ اهڙي ظالمن کي پڪڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي عدالتن ذريعي انهن کي سزائون پڻ ملن ٿيون ۽ حڪومت به اقدامات ڪيا آهن تقريباً هر سال قومي اسيمبلي ۾ ان لاءِ بل پڻ پاس ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد خلاف آواز اٿاريو ويندو آهي.

پر پوءِ به ان برائي کي جڙ کان ختم نه ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪافي بيگناهه عورتون ان تشدد جي لپيٽ ۾ اچن پيون. ان تشدد جي خلاف اسان سڀني کي گڏجي ڪو حل ڪڍڻ گهرجي.*